فيس بڪ جو سفر 2008 ـ 2014 ڪجهہ حقيقتون ، ڪجهہ تلخ تجربا ، ڪجهہ اعتراف مون کي اڄ بہ مارچ 2008 جي اها رات ياد آهي، جنهن رات مان گلستان جوهر ڪراچي ۾ محمد پٺاڻ وٽ ترسيو هوس. محمد پٺاڻ منهنجو آفيس جو دوست هو، جيڪو هن وقت دبئي ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. ڳالهيون ڪندي ڪندي فيس بڪ جو بہ ذڪر ٿيو. محمد پٺاڻ مذاق مذاق ۾ منهنجي فيس بڪ جي آءِ ڊي ٺاهي ۽ ان مهل ئي پنهنجي موبائيل مان تصوير ڪڍي منهنجي ڊي پي (ڊسپلي پڪچر) ٺاهي ورتئي. اهڙي طرح منهنجي فيس بڪ جي سفر جو آغاز ٿيو. شروع ۾ فيس بڪ جي مختلف آپشن جي خبر ڪونہ پوندي هئي ، ڇو تہ منهنجي لاءِ نئي دنيا هئي ، جيئن ٻار هن دنيا ۾ ايندو آهي ۽ عمر جي وڌڻ سان سوال پڇڻ شروع ڪندو آهي، ساڳي طرح مون بہ پنهنجي مختلف ڄاڻ سڃاڻ ۽ دوستن کان فيس بڪ جي آپشنس کي صحيح استعمال ڪرڻ لاءِ پڇڻ شروع ڪيو. مئي 2008 تي منظور سومرو سان ڊفينس گارڊن ڪراچي ۾ ملاقات ٿي. سندس سان اسڪول جي دور کان واسطو هو. هن جو مان ٿورائتو آهيان ، جنهن فيس بڪ جي سمورن آپشنس کي چڱي ريت سمجھايو. هاڻي مان فيس بڪ مان مڪمل طور واقف ٿي چڪو هوس. شروع شروع ۾ ايتري دلچسپي نہ هوندي هئي. پوءِ آهستي آهستي دوست ٺهڻ شروع ٿيا ۽ هڪ نشي وانگر فيس بڪ جي عادت پئجي ويئي، ايتري قدر جو صبح جو فيس بڪ کولڻ کان سواءِ صبح نہ ٿيندي هئي ۽ رات جو ڏٺي بغير ننڊ نہ ايندي هئي. لکڻ سان چاه ننڍپڻ کان وٺي رهيو آهي. فيس بڪ تي لکڻ جي باقائدا شروعات 2010 کان ٿي. جنهن جو ڪريڊٽ ادا هاشم شوري ڏي وڃي ٿو، جنهن مونکي تمام گھڻو اتساهيو ته يار صاحب خان فيس بڪ تي لِکُ، رب پاڪ تنهنجي قلم ۾ طاقت ڏني آهي، توکي لکڻ جو ڏانءُ آهي، فيس بڪ جهڙي پليٽ فارم کي پنهنجي لکڻين ذريعي ڪارآمند بڻاءِ. مان پنهنجي معصوم علم ۽ وت آهر لکڻ شروع ڪيو ۽ تمام جلد سٺي موٽ ملي. مختلف سماجي مسئلن تي لکڻ سان گڏ پنهنجي شاعري کي به فيس بڪ تي رکڻ شروع ڪيو. شاعريءَ لاءِ ساحر راهو جيڪو شاعري جي دنيا ۾ ڪنهن تعارف جو محتاج نہ آهي، ۽ نواب راهو تمام گھڻو همٿايو. سندن جو ٿورو هميشه منهنجي ذات سان سهڙيل رهندو. شاعري جي گرافڪس ٺاهڻ ادا اعجاز ڪٽپر سيکاري، هن جو بہ بيحد شڪر گزار آهيان جنهن جو اظهار لفظن ۾ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. فيس بڪ جي سفر دوران هر مزاج ، هر طبقي، هر شعبي جي ماڻهن سان واسطو رهيو. ڪي مونکي بلڪل نہ وڻيا، ڪنهن کي مان هڪ اک بہ نہ ڀانيس. انهن مان ڪي پيارا دوست بہ مليا، جن تمام گهڻو سکيو. انهن مان سائين مٺل جسڪاڻي، نواب علي راهو، ادا هاشم شورو، ادا اعجاز ڪٽپر، ادا خليل چانڊيو، سائين ادل سومرو، سائين اياز گل، سائين الطاف جوکيو، ادا گل ڪونڌر، رضوان گل، سائين نثار ابڙو، سائين هوت خان، ادا امان شيخ ، اسرار لغاري، الطاف سومرو، سائين نطام ڀٽي، ادا ذولفقار چانڊيو ۽ ٻيا ڪيترا ئي مهربان سرفهرست آهن. جڏهن بہ ڪجهہ لکندو هيس تہ من ۾ هڪ آس اميد هوندي هئي تہ منهنجي لکڻين جو کڙتيل نڪرندو. اهو رڳو منهنجو وهم هو تہ منهنجي لکڻين کي لائيڪ ڪرڻ وارو هن کي غور سان پڙهندو بہ آهي. منهنجي ذات ۾ ايج گيپ جو ڪو ڪانسيپٽ نہ آهي. مطلب عزت احترام سان ۽ حد ۾ رهي ڪري پاڻ کان وڏي ۽ پاڻ کان ننڍي سان اوهان زندگي جو هر مسئلو شئر ڪري سگھو ٿا. اها به منهنجي وڏي ڀُلَ هئي. اسان وٽ تہ عجيب ماپا ٺهيل آهن. پاڻ کان وڏي سان هجت ۽ پاڻ ننڍي سان محبت کي هڪ ٻيو رنگ ڏنو ويندو آهي ۽ هڪ اڪبري گناه سمجھيو ويندو آهي. منهنجي هجت کي ايترو تہ منفي ورتو ويو جو ائين پيو لڳي تہ مون جهڙُو خوار هن دنيا ۾ ڪو آهي ئي نہ. مونکي بدڪردار، چيپ ۽ منفي سمجھيو ويو ايتري قدر جو منهنجي لکڻين کي ڪاپي چيو ويو، چور ڪوٺيو ويو ۽ فيس بڪ جهڙي اوپن پليٽ فار تي مونکي سرِعام گٿن لفظن سان نوازيو ويو. مطلب ڪنهن وس نہ گھٽايو، اهو دور بہ آيو جو ڪجهہ سڄڻن مهربانن منهنجي لاءِ مختلف اسٽيٽس اپڊيٽ ڪيا تہ هي ڪنهن مخالف ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ايجنسيز جو ماڻهو آهي. اهي ڪي ٻيا نہ اسان جي سماج جا ڪجهہ باادب اديب هئا. اهڙي سماجي روش مون ۾ هڪ عجيب خلش پيدا ڪئي تہ ادب سان وابسطہ کي اهڙي نازيبا ٻولي ٺهي ٿي؟ جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءِ ڪتابن ۾ چونڊي سٺيون سٺيون ڳالهيون ڇو ليکيون وينديو آهن؟ ۽ حيرت جي ڳالهہ اها تہ اهي جيڪي اهڙيون ڳالهيون لکندا آهن ، انهن جي ذاتي زندگي ۾ ان سان ڪو واسطو نہ هوندو آهي تہ پوءِ ڪتابن ۾ ڇو لکندا آهن؟ اسان جي سنڌي ادب جي هڪ وڏي اديب ، دانشور، ڏاهي مونکي اهو چئي انفرنيڊ ڪري ڇڏيو تہ ابتيون سبتيون سٽون لکي پنهنجو پاڻ کي مفڪر دانانءُ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪر. انجي برعڪس هجڻ ائين گھرجي هان تہ هو پنهنجي علم ، سمجهہ ، ڏانء ڏاهپ، شعور تجربي وچان منهنجي لکڻين جي اصلاح ڪري هان جتي جتي اصلاح جي ضرورت هجي هان. اسان وٽ قول ۽ فعل ۾ وڏو تضاد آهي، اسان جو ادب صرف ۽ صرف ڪتابن تائين محدود آهي. مان زندگي جي مختلف رخن کي تمام گھرائي سان ۽ ننڍين شين کي بہ تمام گھڻو سنجيده وٺندو آهيان. ڀلي اهي ڪي ڪارائتيون نہ هجن پر منهنجي لاءِ منهنجي زندگي کان گھٽ نہ هونديون آهن. سماجي روشن ۽ احساسن سان ٿيندڙ ويساه گھاتين مونکي ڪجهہ الڳ ڪرڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪيو. پنهنجي ان سوچ کي عملي جامو پارائڻ لاءِ فيس بڪ تي موجود دوستن سان مختلف اشوز تي ويچار ونڊڻ شروع ڪيا. پر افسوس ڪنهنجي طرفان ڪا مثبت موٽ نہ پئي ملي. جڏهن فيس بڪ تي موجود ڪجهہ اهڙين آڊيز جي ڀرمار ڏٺي، جن جي اسٽيٽس، پوسٽنگس کي نہ صرف لائيڪ ڪيو پيو وڃي بلڪ هر ڏاهو پنهنجي پنهنجي قيمتي راءِ پڻ ونڊي پيو. بَظاهر نظر ايندڙ اهي هيون جعلي آئڊيز، ڪجھہ عورتن جي نالن سان تہ وري ڪجهہ مردن جي فرضي نالن سان. مان اهو سمجھڻ کان قاصر هيس تہ هڪ طرف تہ فيڪ آئڊيز کي بروڀلو چيو پيو وڃي ٻئي طرف انهن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون پيون وڃن. ان ڊبل اسٽينڊرڊ کي ڏسندي منهنجي وجود ۾ هڪ کوجنا جنم ورتو تہ آيا فيڪ آئڊ ٺاهڻ واري جو قصور آهي يا انکي قبول ڪرڻ وارو ڏوهي. ان ڳجھارت کي ڀنڃڻ لاءِ مون فيميل جي نالي سان هڪ فيڪ آئڊ ٺاهي. جنهن جو مقصد ڪنهنجي عيب جوئي ڪرڻ، ڪنهنکي ڌوڪو ڏيڻ، ڪنهنکي بيوقوف ٺاهن هرگز نہ هو. مقصد چٽو ۽ واضح هو تہ ان راز تان پڙدو کڻجي ، جنهن جعلي آئيڊيز جو روح ڦوڪيو آهي. اهڙي طرح 2011 کان مون فيميل فيڪ آئڊ تان بہ لکڻ شروي ڪيو. ڪڏهن شاعري تہ ڪڏهن سماج سڌار تي ڪجهہ لکڻ. هڪ مهيني جي اندر ايترا تہ دوست ان فيڪ آئيد تي ايڊ ٿي ويا، جنکي ايڊ ڪرڻ لاءِ مونکي پنهنجي اصلي آئيڊ تان ٻہ ٽي سال لڳا هئا. پوءِ ٿوري ڳالهہ سمجھہ ۾ اچڻ لڳي تہ جعلي آئڊ ٺاهڻ واري جو قصور ته پنهنجي جڳهہ تي، پر انکي هٿي ڏيڻ وارو ، انکي قبول ڪرڻ وارو هو. ڇو تہ جيڪڏهن ڪو فيڪ جي رڪيسٽ کي قبول ئي نہ ڪندو تہ ان کي ڪڏهن بہ همت پيدا نہ ٿيندي. هڪ ڪائناتي سچ آهي ته مخالف جنس ۾ ڪشش ٿيندي آهي پر ان جو اهو مطلب نہ آهي تہ اسان هر وقت جنسي حوس رکون. افسوس سد افسوس آهي تہ اسان ايترا تہ جنسي مونجھاري جا شڪار ٿي چڪا آهيون جو شل نہ ڪا ڇوڪري ڏسون ، پو۽ اها کڻي ڪنهن ڌرڻي ۾ هجي، ڪنهن مارچ ۾ هجي، ڪنهن ڪانفرنس ۾ هجي يا وري سوشل ميڊيا تي فيڪ آئيڊ جي صورت ۾ هجي، اسان جي گگ ڳڙندي آهي. جيڪا منهنجي سمجھہ کان بالاتر آهي. اسين جڏهن ٻين عورتن کي ڏسندا آهيون تہ اسان پنهجون ئي مقرر ڪيل حدون اورانگھڻ ۾ هڪ پل بہ دير نہ ڪندا آهيون، ان لمحي خبر نہ آهي، ڇو وساري ويهندا آهيون تہ رب حدون صرف عورت لا۽ مقرر نہ ڪيون آهن پر مرد کي به اوترو ئي تاڪيد ٿيل آهي. اسان پنهنجي ڀينرن ، پنهنجي گھر جي عورتن تي تہ تمام گھڻي سختي ڪنداسين پر ان جي برعڪس اسان اهو سڀ ڪجھہ پاڻ ئي ٻين عورتن سان ڪندا آهيون. اهو اسان جي سماج جو ڪڙو سچ آهي ان حقيقت کان اوهان ڪيترو بہ لنوايو. ان فيميل آئيڊ منهنجي وجود کي جھنجھوڙي ڇڏيو، زندگي جا نوان نوان انڪشاف ٿيڻ شروع ٿيا. سماج ۾ موجود هر شعبي سان وابسطہ شخص منهنجي فيميل آئيڊ جو ديوانو هو. صرف ڪجهہ لکڻ جي دير هوندي هئي، لائيڪ ۽ ڪمينٽس جا انبار لڳي ويندا هئا. اهڙي طرح منهنجي زندگيءَ ۾ انقلاب آيو، انسان جو ٻيو روپ نظر اچڻ لڳو. جڏهن پنهنجي اصل آئڊ تان سماج سڌار تي يا سماجي ، نفسياتي مسئلن تي لکندو هوس، ان اميد سان تہ فيس بڪ تي موجود اديب، ڏاها، دانشور، مفڪر، ڊاڪٽر نفسياتي ماهر، تجزيانگار مطلب تہ هر شعبي سان لاڳاپيل، منهنجي لکڻي تي هڪ مثبت بحث ڪندا ۽ اهڙي نموني سان سماج ۾ جيڪا شعور جي گھٽتائي آهي ، ان جو ڪنهن حد تائين پورائو ٿيندو ۽ اسان ڪنهن نہ ڪنهن حل تائين ضرور پهچنداسين. ڇا ڪاڻ تہ مسئلي کي سڃاڻڻ ئي، مسئلي جو اڌ حل هوندو آهي. پر افسوس! اهو صرف منهنجو خواب هو، هڪ اهڙو سپنو جنهنجو منهنجي اصل آئڊ ”شيخ صاحب خان“ تان سچ ٿيڻ ناممڪن هو. پر پوءِ به همٿ نہ هاري ۽ پنهنجي ڪم کي جاري رکيو. جڏهن منهنجي لکڻين تي ڪو بہ تبصرو نہ ڪندو هو، يا وري ٿيندو هو تہ اهڙو ٿيندو هو جو مونکي نفسياتي چيو ويندو هو. ان صورتحال ۾ مون وري دوستن سان مئسيجز ذريعي سماجي شعور بيدار ڪرڻ تي پنهنجا خيال ونڊڻ شروع ڪيا. اهي ڪي عام ماڻهو نہ بلڪہ اسان جي مختلف ٽوي چينلز جا دانشور ۽ تجزيا نگار هئا. پر ڏاڍي ڏک وچان چوڻو پوندو تہ هتي بہ مونکي ۽ منهنجي اصل آئڊ کي ناڪامي رسي. اهي اسان جا رول ماڊلس اهو چئي لاجواب ڪري ڇڏيندا هئا تہ شيخ صاحب اسان وٽ ايترو ٽائيم نہ آهي، جو اوهان جي فضول ڳالهين تي پنهنجا قيمتي ويچار ونڊيون. پر ان جي برعڪس اهي منهنجي فيميل آئيڊ کي پنهنجو ڀرپور وقت ڏئي رهيا هئا ۽ پنهنجي علم ، سمجهہ ، ڏاهپ ڏانءَ ، عقل شعور ۽ تجربي وچان منهنجي لکڻين تي ويچار ونڊن پيا. نہ صرف ايترو پر جڏهن بہ ڪٿي ڪو مونجھارو ٿي ، ڪجهہ پڇڻو هجي، تہ رات هجي ڏينهن، ڪهڙو ٽائيم بہ هجي، فيميل آئڊ تان مئسيج ڪندو هوس تہ ترت جواب ملندو هو. ساڳي ڳالهہ جيڪڏهن مان پنهنجي اصل آيڊ تان ڪيان پيو يا عزت احترام وچان ڪنهن ڏاهي سڄڻ کي مئسيج پيو ڪيان تہ ڪو جواب نہ هو. اها سماجي روش مونکي سمجھہ ۾ نہ پئي اچي تہ هڪ طرف تہ هو فيڪ آئڊيز جي خلاف ٻريا ويٺا هئا، ٻئي طرف هو انهن آئڊيز جا ديوانا بہ هئا. وقت گذرڻ سان گڏ مونکي پنهنجي اصل آئيڊ تان دل کٽي ٿيڻ لڳي، ڇو تہ جيڪو ڪجهہ آءُ سکڻ پئي چاهيو، پنهنجو پيغام ڏيڻ پئي چاهيو، اهو سڀ ڪجهہ مونکي پنهنجي فيميل آئڊ تان باآساني سان ٿئي پيو. مونکي پنهنجي فيميل آئڊ سان محبت ٿيڻ لڳي. اهڙي طرح ان آئيڊ تان انهن ڏاهن کان گھڻو ڪجھہ پرايو. فيس بڪ جي سفر دوران تمام گھڻا تجربا ٿيا. اسان رانگ نمبر تي، جنهن کي نہ ڪڏهن ڏٺو، جنهنجي باري ۾ ڪا خبر نہ آهي پر ان جي هوندي بہ سڄي سڄي رات ڪچهري ڪنداسين ۽ پنهنجي علم شعور سان مختلف اشوز تي بحث مباحثو بہ ڪنداسين. پر پنهنجي ڪنهن دوست يا مهربان سان ڳالهائڻ لاءِ هڪ منٽ بہ نہ آهي. اسان جو ڇا وڃي سماج سان ؟ ڇو اسان ڪنهن دوست سان مثبت سوچ ونڊيون؟ اسان کي تہ ڪنهن نہ ڪنهن نموني سان پنهنجي جنسي حوس جو پورائو ڪرڻو آهي. اسان ڪانفرنس ۾، سئمينارس ۾، سماجي گڏجاڻين ۾، ٽيليويزن جي مختلف پروگرامس ۾ تہ وڏي واڪي چوندا آهيون تہ اسان جنسي حوث جا شڪار نہ آهيون، اسان شعور جو قدر ڪيون ٿا تہ پوءَ ڪنهن عورت ۾ هجي يا ڪنهن مرد ۾ ، اسان لاءِ اها اولين ترجيح آهي تہ اڳلي ۾ ڪيترو علم ، عقل ، شعور آهي. پر اهو صرف ۽ صرف چوڻ جي حد تائين آهي. هڪ دفعي اهڙي ڳالهہ مون هڪ دانشوار کي ڪنهن سئمينار ۾ ڪندي ٻڌم، جيڪو منهنجي فيميل آئڊ تي مونسان ايڊ بہ هو. سرعام ڪوڙ ڳالهائي رهيو ۽ وري ان تي پنڊال ۾ ويٺل هر ماڻهو واه واه تاڙين جي بوڇاڙ ڪري رهيا هئا. رات جو انهي دانءَ شخص سان فيميل آئڊ تان رابطو ٿيو، جيڪو روز ٿيندو هو، ڇو تہ جيستائين هو پنهنجي پوري ڏينهن جو حال احوال نہ ڏيندو هو، هن کي ننڊ نہ ايندي هئي. ساڳئي طرح هن پنهنجي سئمينار جو تذڪرو ڪيو ۽ وڏيون وڏيون ڊاڙون هڻن لڳو. مون سوچيو تہ واقعي هي سچو ۽ سڌو ماڻهو آهي. مون هن سان جنسي حوس تي ويچار ونڊڻ شروع ڪيا. هو بار بار ڏاڍي فخر سان چئي رهيو هو تہ مون وٽ جنس ڪا اهميت نہ ٿي رکي جيڪڏهن ڪو زندگي کي شعوري اک سان ڏسي ٿو ۽ مثبت سوچ سمجهہ رکي ٿو تہ هو ڪير به هجي عورت هجي يا مرد ان سان ڪو فرق نہ ٿو پوي. هن جي ڳالهين سان مون ۾ اعتماد پيدا ٿيو تہ هن کي پنهنجي اصليت ٻڌايان تہ مان ڪير آهيان ۽ فيميل آئڊ ٺاهڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن. بَظاهر باشعور نظر ايندڙ اهو شخص منهنجي لکڻين ۽ سوچ جو ديوانو هو، هومونکي پنهنجي مرشد ڪري سڏيندو هو. ان رات مون پڪوپهہ ڪيو تہ هن کي حقيقت ٻڌايان. ڳالهين ڪندي ڪندي مون هن کي چيو تہ ڇا مان عورت آهيان جو تون مونکي ايڏي عزت ڏي ٿو، منهنجي سوچ جي تائيد ڪري ٿو، مونکي عقلمند ۽ باشعور سمجھي ٿو. ان تي هن يڪدم رڙ ڪري چيو نہ هرگز نہ. تون جيڪڏهن مرد بہ هجي هان تہ بہ منهنجو مرشد هجي ها، ڇاڪاڻ رپ پاڪ توکي سوچ ۽ سمجھہ ڏني آهي، جنهن طرح تون شين کي ڏسي ٿي اهو منهنجي لاءِ وڏي سمجهہ آهي، مان تومان گھڻو ڪجھہ سکيو آهيان. هن جي ان رويي مون ۾ سگھہ پيدا ڪئي. مون هن کي سڌو ۽ صاف ٻڌائي ڇڏيو تہ مان صاحب خان آهيان ۽ هو منهنجي اصل آئيد تي بہ ايڊ هو. اهو ٻڌي هو وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو ۽ خوش ٿي چوڻ لڳو واه يار واه. تو واقعي ٻين کان الڳ آهين. تنهنجي لاءِ منهنجي دل ۾ عزت ساڳي آهي. تون منهنجو ساڳيو مرشد آهي، تو وٽ علم جو سمنڊ آهي. ائين چئي هن موڪلايو صبح جا ساڍا پنج ٿي رهيا هئا. مان بہ فيس بڪ بند ڪري سمهڻ جي ڪوشش ڪئي. ان رات پنهنجو پاڻ کي ڏاڍو مطمئن سمجهو. دل م سوين اميدون آسون اڀري رهيون هيون، تہ ان شخص سان ملي ڪري پنهنجي سنڌي سماج لاءِ ڪجهہ ڪرڻو آهي. ائين مثبت سوچيندي سوچيندي مون کي ننڊ اچي وئي. صبح سان جيئن اک کلي تہ پهرين فرصت ۾ فيس بڪ کوليو، ڇاڪاڻ تہ صبح صبح سان ئي اهو شخص هڪ سٺو پيغام فيس بڪ تي شئر ڪندو هيو. مون جيئن ئي فيس بڪ کوليو تہ ڏندي آڱريو اچي ويون. نه هن جو ڪو پيغام هو نه هن جي آئيڊ. ساڳا ڪاري وارا ڪک هئا. رات جي اونداهي ۾ مان علم جو سمنڊ ڪارو سمنڊ ٿي ويو. مرشد تہ ٺهيو پر مان هن جي دوستي جي قابل نہ رهيس. هن شخص منهنجي ٻنهي آيڊيز کي بلاڪ ڪري ڇڏيو. پوء مونکي سڄو ماجرو سمجهہ ۾ اچي ويو ته هي سماج ڪوڙ جو پوڄاري آهي، اسان لفظن ۾ تہ سچ جي تائيد ڪندا آهيون پر حقيقت ۾ جڏهن سچ سامهون ائيندو آهي تہ منهن موڙي ڇڏيندا آهيون. جيڪڏهن ائين نہ هجي هان تہ مان هن شخص لاءِ اوترو ئي عزت جي لائق هجان هان، جيترو هو منهنجي فيميل آئڊ تي هو. هن کي جيڪڏهن منهنجي شعور سان محبت هجي هان تہ منهنجي جنس هن لاءِ ڪو مطلب نہ رکي هان. پر سڀ فريب هو. منهنجو علم ، سمجهہ ، ڏاهپ صرف تيسائين هئي جيستائين مان هن لاءِ عورت هوس. جيئن ئي هن جي جنسي بک جو پورائو نہ ٿيو مان مرشد مان بدڪردار ٿي ويس. فيس بڪ جي سفر دوران اهڙا انيڪ واقعا پيش آيا، مان تہ صرف هڪ جو ذڪر ڪيو. ٻين جو ڪيان تہ شايد ڪتابن جا ڪتاب کٽي پون. مونکي خبر آهي تہ اندران اسان ڪيترا غليظ آهيون. اسان جي سماج ۾ سچ جي ڳالهہ ڪرڻ وارو اجنبي لڳندو آهي. فيس بڪ تي بہ انڌير نگري ۽ چرٻٽ وارو ماجرو آهي. جيڪو منهنجي سمجھہ کان بالاتر آهي. مون پنهنجي طرفان پوري ڪوشش ڪئي تہ ڪنهن نہ ڪنهن طريقي سان اسان پنهنجي سماج ۾ شعور بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان پر اها اهو صرف منهنجو خواب آهي ۽ خواب تہ مسافر آهن گڏ ڪيستائين هلندا. دوستو! اڄ کانپوٰءِ اوهان کي فيس بڪ تي شيخ صاحب خان نہ ملندو. مونکي خبر نہ آهي تہ مان اوهان لاءِ ڪيتري اهميت رکان ٿو، يا منهنجو تجربن سان ڀريل فيس بڪ جو سفر اوهان لاءِ ڪيترو اهم آهي. يا هن ۾ جيڪي ڪجهہ مان چوڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ، ان جو ڪيترو کڙتيل نڪرندو. مان ڪجهہ نٿو ڄاڻيان. بس هڪ بار هو جيڪو منهنجي وجود تي شايد سڄي ڄمار مونکي جھنجھوڙيندو رهي هان، جيڪو مون اوهان سان شئر ڪيو. هميشہ لاءِ خداحافظ ٽڙي پوندا ٽاريئي جڏهن ڳاڙها گل تڏهن ملندا سين... شيخ صاحب خان
فيس بوڪ لاء ڪيترائي دوست هڪ ٻيو نالو به تجويز ڪندا آهن ۽ اهو آهي فيڪ بوڪ. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڪيترائي دوست صرف وقت گذارڻ لاء فيسبوڪ استعمال ڪن ٿا. مون به جڏهن فيسبوڪ شروع ڪيو ته اهو صرف وندر تائين محدود هو. پوء ڪجهه دوستن جيئن رضوان گُل، هدايت بلوچ، زيب سنڌي وغيره همٿايو ۽ اتساهيو ته سنڌي ٻولي جي انٽرنيٽ تي واڌاري لاء ڪاوشن ۾ جنبي ويس. ڳالهه اها آهي ته مخالف جنس سان لڳاء هڪ فطرتي ڳالهه آهي ۽ دوست ڀلي ڇا به چون ، ڪيڏيون به ڊاڙون هڻن پر سچ اهو آهي ته هنن جو لڳاء عورتن سان آهي ۽ رهندو. ڪي چند اهڙا ماڻهو مليا جن کي انهن سڀني کان اڳتي ڏٺوسين، بلڪل لطيف جي انهن سٽن وانگر: جي ڇورين ڏنا ڇال ته به لاهوتي لڏي ويا تنهنڪري ڀاء اوهان ڪنهن احساس ڪمتري ۾ وڃڻ بجاء اهو ڪيو جيڪو ڪري سگهو ٿا ۽ ڪنهن مان به اميد نه رکندا ڪيو، اوهان انڪري ڪم ڪيو ته اوهان کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو آهي .... سدا خوش هجو ... هتي ڪير به ڪنهنجو ناهي، ماڻهو ته لوڻ جون ڀريون ٻڌي ٿا هلن ته ڪٿي زخم ملن ته ان تي لوڻ ٻرڪي ڇڏيون. پر ياد رکو سنڌي ٻولي لاء ڪم ڪرڻ اسان جي فرضن ۾ شامل آهي، بغير ڪنهن لوڀ، لالچ ۽ تعريف جي اهو ڪم ڪندي خوشي محسوس ڪندا ڪيو.
بلڪل صحيح فيس بڪ تي هر قسم ۽ مزاج جا ماڻهو هوندا آهن پر اهو هڪ فطري عمل آهي ته پاڻ ماڻهو جنهن مزاج ۽ طبيت جو هوندو ته ان کي ماڻهو به اهڙا ئي وڻندا. جيڪڏهن اسان سٺا آهيون ته اسان کي لائيڪ پڻ سٺا ماڻهو ڪندا جيڪي سوبر هوندا باقي ٻين لاءِ اسان فضول ته وري اسان لاءِ ڇڇورا ڇڙواڳ فضول آهن اهي نه وري پنهنجي دائري ۾ هليا ويندا آهن. باقي ڪڏهن ڪڏهن سائيڊس هيڪ ٿي وينديون آهي يا وائرس جي ڪري شامل ٿينديون آهي ته انهن کي نظر انداز ڪري ڇڏجي ته بهتر آهي ۽ سياڻن سچ چيو آهي ڪر ڀلا ته ٿيوي ڀالا.
پيار ڏئي پيار گهرين ٿو... حيف هجئي استاد... دوست استاد جي مٿين سٽن کي واڌو واري اک سان ڏسو... ۽ پنهنجي طرفان پنهنجي حصي جو ڪم جاري رکو...
ادا اوهان جا ڪروڙين احسان اوهان پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجھہ لمحا ڪڍي منهنجي فيس بڪ جي سفر کي پڙهيو. اوهان جي مهرباني. اوهان سهڻن سڄڻن سان ساٿ سنڌ سلامت ذريعي ضرور رهندو، ۽ پنهنجي وت آهر ڪجھه نه ڪجھه پيو اوهان سان ونڊپو. سدا آباد هجو، آمين.