• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پشاور جي ڏکوئندڙ ء دردناڪ واقعي تي لکيم....

(هي نظم 17 ڊسمبر جي معصوم شهيدن جي ماتم م لکيم)

شهادتن جو سلسلو آهي
لاهوتي ڪامران بلوچ


يا حسين عـ جون صدائون آهن

ڪربلائن تي ڪربلائون آهن

هي دلڙي بـ روز روئي ٿي

ماتمي ڪري سوز روئي ٿي

وک وک تي وکريل ويري

وير وڏو هي واري ويا هن

ٻهڪڻا ٻچڙا ماري ويا هن

ڏيل ڏکي جو ڏاري ويا هن

هي شيطان، ظالمان طالبان

هي بزدل ڀاڙيا ء مروان

ڪير ٿو چئي هي مسلمان آهن

انسان جي روپ ۾ حيوان آهن

هي ڪير آهن؟

هي ڇا آهن؟

هي ڇو آهن؟

ان ور وڪڙ ۾ مان ڀلا ڇو پوان

مان ڳوڙها ڳاڙهي

ڏيل کي ڏاري

دل آزاري

روئي روئي چپ ٿي ويندس

وري زندگي هلي پوندي

وک وک تي وکريل هي ڪتا

وري ڇتا ٿيندا

وري ڇا ڪندا؟

وري ڇا ڪندا؟

ڇا وري ائين ئي

ٻچڙن جو ڪوس ٿيندو؟

ماتمي جلوسن تي حملا ٿيندا؟

بازارن ۾ ڌماڪا ٿيندا؟

مسيتن ۾ قتلام ٿيندو؟

مندرن کي ساڙيو ويندو؟

راضي مسلمانن پاران آسمان ڪيو ويندو؟

ڪنهن هندو نياڻي کي مسلمان ڪيو ويندو؟

ستاويهين ڊسمبر جي ڪوس جا ڏينهن ويجها آهن

شهادتن جو سلسلو آهي

شهيدن جو قافلو آهي

جيئ جهري پيو آهي

منهنجي چپڙن تي اڄ بـ فرياد پئي آ

ٻچڙن جي وڍيندڙ وڇوڙي تي

اڄ شهيد بي بي ياد پئي آ

جاڳي وري سا فرياد پئي آ

اي بيمثال ء بينظير بي بي ڏس

تو جيان تنهنجي بابي جيان

تنهنجي ديس جي ٻچڙن کي

ڪيڏي بيرحمي سان ڪُٺو ٿو وڃي

ڪربلا مٿان ڪربلائون آهن

اڄ بـ ٻچڙا ڪهائڻ واري سنت هلي پئي

يزيدن جو ظلم اڄ بـ جاري آهي

شهيدن جي ريت اڄ بـ برقرار آ

دين جي نالي تي هليو اهو ئي ونهوار آ

پر ڇا ڪجي ڪامران ڇا ڪجي

هي دلڙي ڀاڱا ڀاڱا

رڙيون ء واڪا

ماتم ء پٽڪا

پرزا پرزا


يا مولا !

مُنهنجي ذات کي ڀلي ڪهڙا بـ ڏک ڏي

پر او منهنجا مالڪ

يا تـ اهڙا ڏوجھرا ء صدما نـ ڏي

جي ڏين تـ پوء مالڪ

انڌيون اکيون ء ڪن بـ ٻوڙا ڏي...!
 
Back
Top