ڇا قوم تي لکان مان، يا حُسن تي لکان مان افسوس زندگي هڪ، پورو نه ٿو پوان مان هُو وقت ٿو سڏي پيو هي يار ٿو اچي پيو بيهان وڃان ، ڪريان ڇا، بيٺو ٻُڏان تران مان هِي قوم پئي ٿي ڦٿڪي، هِي دل به پئِي ٿي تڙپي هن قوم تي رُئان يا هن حال تي رُئان مان مظلوم ٿو پُڪاري محبوب پيو نهاري ڪيڏي ڀڄي ڀڄان مان ، ڪيڏي ڊُڪي وڃان مان (اُستاد بُخاري)