تاريخ ۾ زندهه رهندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏6 جنوري 2015۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    تاريخ ۾ زندهه رهندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو
    محمد خان سيال

    سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو هڪ ريٽائرڊ جج جسٽس نسيم حسن شاهه جيو ٽي وي تي اچي جڏهن پاڻ اهو چٽيءَ ريت اعلان ڪري: جيڪڏهن هو چاهي ها ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي جان بچي پوي ها پر سندس وڪيل يحى بختيار اسان ججن کي ڪاوڙ ڏياري تنهن ڪري اسان کيس ڦاهي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.

    ان کان وڌيڪ شهيد ڀٽي جي بيگناهيءَ جو ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿي سگھي ٿو جو سپريم ڪورٽ جو ريٽائرڊ جج پاڻ ئي ٽي وي تي اچي اهڙو اعتراف ڪري ته ججن ميرٽ بدران ذاتي پسند يا ناپسند تي ڦاهيءُ جي سزا ٻڌائي هئي. مون پاڻ جيو ٽي وي تي افتخار احمد جو پروگرام جوابده ڏٺو هو جنهن ۾ ريٽائرڊ جج جسٽس نسيم حسن شاهه اهڙو اعتراف ڪيو هو. مون شهيد بينظير ڀُٽي کي ڏيساور۾ ترت اِي ميل موڪلي کيس اهڙو اطلاع ڏنو هو. درحقيقت ڪل ستن ججن مان، پنجاب سان واسطو رکندڙ چئني ججن ڦاهي ڏيڻ جو اهڙو فيصلو ڏنو هو جڏهن ته رهيل ٽن اختلاف ڪيو هو جنهن ڪري ڪروڙن ماڻهن جي، بيگناهه عوامي اڳواڻ کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو. فوجي حڪمرانن جي اهڙين ئي زيادتين سبب، عوام جو ليڊر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهادت کي 35 ورهيه گذرڻ جي باوجود اڄ به ڪروڙن ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري ٿو.

    هونئن ته هر انسان خطائن ۽ خوبين جو گھر هوندو آهي. ڪنهن انسان جو ننڍڙيون ننڍڙيون خطائون ته وسارڻ جهڙيون هونديون آهن پر سندس اڪيچار خوبيون وسارڻ جوڳيون هرگز ڪو نه هونديون آهن جيڪي ساري حياتي ياد رهنديون آهن ۽ وسارڻ سان وسرنديون به ناهن. اهڙا اڳواڻ قوم جا هيرو بڻجي ويندا آهن ۽ ورهين جا ورهيه گذرڻ جي باوجود به انهن جو نالو دلين تان مِٽجي نه سگھندو آهي، پوءِ ڀلي اهڙي اڳواڻ جو نالو ميسارڻ لاءِ ڪير ننهن چوٽيءَ جو زور ڇو نه لڳائي. اهڙي هڪ سدا حيات شخصيت شهيد ذوالفقار علي ڀٽيَ جي آهي.

    مون کي خوبين توڙي خامين جي باوجود مجموعي طور شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شخصيت انهيءَ ڪري متاثر ڪيو جو سندس شخصيت سبب ڌارين اسان سنڌين تي جيڪو نا اهليءَ جو ٺپو هنيو هو، سو انهيءَ شخص اقتدار ۾ اچڻ سان هڪدم ڌوئي ڇڏيو، نه ته سچائي ته اها آهي ته قومن ۾ پيدا ٿيل احساس ڪمتري جو جذبو ڪڍڻ ۾ به صديون لڳي وينديون آهن. بهرحال، سچ ته اهو آهي ته احساس ڪمتريءَ جو اهڙو جذبو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شخصيت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پاڻهي ڄاڻي ختم ٿي ويو ۽ اهو سڀ ڪجھه سندس جادوگريءَ واري شخصيت جي ڪارڻ ٿيو.

    ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ مون به ٻين دوستن وانگيان ڀرپور حصو ورتو هو، مون کي اهو دور چڱي ريت ياد آهي ته جڏهن اسين نوابشاهه ۽ حيدرآباد سميت مختلف شهرن جي بس اسٽاپن، ريلوي اسٽيشنن ۽ ٽرينن ذريعي سفر ڪندا هئاسون يا عوامي هنڌن تي ويندا هئاسون ته ڌاريا اهو مهڻو ڏيندا هئا ته اوهان سڀ سنڌي نا اهل آهيو ۽ هنن ئي اسان کي رهڻ ڪرڻ ۽ اٿڻ ويهڻ سيکاريو آهي پر سندن مکيه زور سنڌين کي نااهل ثابت ڪرڻ تي ئي هوندو هو.

    مان پاڻ جنرل يحى خان جي دور ۾ ڪراچيءَ جي ريڊيو پاڪستان جي سنڌي نيوز ۾ ڪم ڪندو هوس ۽ انهي ڳالهه جو اکين ڏٺو شاهد آهيان ته انهيءَ دور ۾سنڌي ته ڪراچيءَ ۾ ڳوليو به نه لڀندا هئا. جيڪي سنڌي هئا تن به گھرن ۾ اردو ڳالهائڻ ۽ ٻارن کي اردو پڙهائڻ شروع ڪيو ۽ پبلڪ ۾ پاڻ کي سنڌي سڏائيندي شرمائيندا هئا. پوءِ، نامياري ليکڪ امر جليل جي اها ڪهاڻي حقيقت جي عڪاسي ڪندي هئي ته جڏهن ٻه سنڌي ڪراچيءَ ۾ گڏبا آهن ته هڪٻئي کي تڪيندا رهندا آهن مطلب ته ڪراچيءَ کي سنڌکان ڇنڻ کانپوءِ ۽ ون يونٽ جي قهري ڪوٽ دوران، ڪراچي شهر ۾ سنڌين کي اڻ لڀ بڻايو ويو، ايستائين جو ڪراچيءَ جيڏي وڏي ۽ اهم شهر ۾ ٻن سنڌين جو ملڻ به ڪنهن ڪارنامي کان گھٽ ڪونه هوندو هو جنهن جو ذڪر امر جليل پنهنجي ڪنهن ڪهاڻيءَ ۾ ڪيو هو ۽ اها ڳالهه اسان جي نوجوان نسل کي ذهن ۾ ويهارڻ گهرجي.

    درحقيقت جيڪا ڪراچي هاڻ اسين ڏسون ٿا، سا سنڌين ڳالهائيندڙن جي حوالي سان اڳ ساڳي ڪانه هئي. مون جڏهن هڪ سنڌي صحافيءَ سان بحث دوران اهڙي ڳالهه ڪئي ته هن لاپرواهيءَ سان چيو: ’هوندو‘ ڄڻ ته کيس ويساهه نه ٿي آيو ته ڪنهن زماني ۾ ڪراچيءَ ۾ به سنڌي اڻ لڀ هوندا هئا. جڏهن صحافين جو اهڙو حال هجي ته عام ماڻهن تي ڪهڙي ميار؟

    انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، پنهنجي شهادت جي 35 ورهيه گذرڻ جي باوجود به ڪروڙن عوام جي دلين تي اڄ به راڄ ڪري ٿو ۽ سندس پنهنجا چيل اهي لفظ سو سيڪڙو سچ ثابت ٿيا ته هو ڳڙهي خدابخش ڀٽي جي قبرستان ۾ پنهنجي قبر کان ڪروڙين عوامي دلين تي راڄ ڪندو رهندو. تاريخ کي ڏسجي ته اهڙا عوامي اڳواڻ ورلي پيدا ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي شهادت کانپوءِ به، هيڏو عرصو گذرڻ جي باوجود عوام جي دلين تي راڄ ڪندا هجن. اها به سچائي آهي ته شهيد ڀٽي جي عوامي مقبوليت کي ميرانجھڙو ڪرڻ لاءِ، ٽئين ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَالحق يارهن ورهيه لاڳيتي ڪوڙي پرچار ڪئي ۽ سال 1972 ۾ ٻوليءَ جي هنگامن دوران شهيد ڀٽي طرفان سنڌي ٻوليءَ جي حمايت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ اردو پريس سندس ڪٽنب جي باري ۾ ڪوڙيون رپورٽون ۽ مضمون شايع ڪيا جو الله ڏئي پناهه پر ويچارا سنڌي قومپرست، اکيون پوري جنرل ضياءَ توڙي اردو پريس جي ڪيل انهيءَ ڪوڙي پروپئگنڊا تي اڃا به گذارو ڪندا اچن ۽ اهڙي ڪوڙي پرچار تي ٻڌل ورد به ڪندا رهندا آهن.

    ساڳي وقت اها به اچرج جهڙي ڳالهه آهي ته هو اڳوڻي ٽئين ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَالحق جا سنڌين تي ٿيل سمورا ظلم وساري ويٺا آهن، مجال آهي جو جنرل ضياءَالحق جو نالو وٺي ان جي ظلمن بابت ڪا به ٻِڙڪ ٻاهر ڪڍن جهڙوڪ سنڌين مٿان مِگ فوجي هوائي جهازن ذريعي بمباري ڪري ڪيترن ماڻهن کي شهيد ڪرڻ، سنڌ جي تعليمي ادارن کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ غنڊاگردي رائج ڪرڻ، سنڌ جي وسيلن جي بيجا ڦرلُٽ ڪرڻ، منشيات کي عام ڪرڻ، سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ بدلائڻ لاءِ لکن افغاني مهاجرن، بنگالين، برمين وغيره کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ، سنڌين کي اعلى نوڪرين ۾ نظرانداز ڪرڻ وغيره شامل هو. جڏهن ته اها به بدقسمتيءَ سان تاريخي رڪارڊ جي ڳالهه آهي ته هڪ سنڌي قومپرست اڳواڻ، جنرل ضياءَالحق جا سنڌين مٿان ظلم ڄاڻندي به کيس شريف النفس جي لقب سان نوازيو هو.

    سچ ته اهو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي سنڌين جي پٺڀرائي ڪرڻ سبب گھڻو ڀوڳڻو پيو پر جيڪڏهن شهيد ڀٽو سنڌين جو مخالف ۽ ڌارين جو حامي هجي ها ته گھٽ ۾ سال 1970 ۾ ٿيل عام چونڊن دوران ته سنڌ جي اهڙن علائقن کان گھٽ ۾ گھٽ قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي سکڻي هڪ سيٽ ته کٽي ها جت غير سنڌين جي گھڻائي هئي جڏهن ته ڪراچي۽ حيدرآباد جي اهڙن علائقن مان سندس پارٽي هڪ به قومي يا صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ ڪونه کٽي سگھي هئي. ڪراچيءَ مان به قومي اسيمبليءَ جي ڪل ستن سيٽن مان رڳو ٻه سيٽون پ پ پ کٽيون يعني لياريءَ کان عبدالستار گبول ۽ ملير کان عبدالحفيظ پيرزادي واريون سيٽون جت سنڌي ۽ بلوچن جي گھڻائي هئي ۽ ساڳي ڪار حيدرآباد شهر جي سيٽن سان به ٿي.

    اڳوڻي فوجي ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَالحق جي حڪومت، جرمنيءَ ۾ هٽلر جي دور دوران گوبلز واريون اٽڪلون به ڪتب آنديون. جنرل ضياءَالحق، شهيد ذالفقار علي ڀٽي ۽ سندس ڪٽنب جي ڀاتين جي ساک خراب ڪرڻ لاءِ وسان ڪونه گھٽايو ۽ انهيءَ سلسلي ۾، هن پرڏيهي ادارن جون خدمتون به حاصل ڪيون هيون. شهيد ڀٽي کي ڦاهي ڏيڻ کان اڳ، هڪ ننڍڙي ٻار کي اغوا ڪري قتل ڪندڙ شخص کي هزارن ماڻهن جي سامهون راولپنڊي شهر ۾ کليوکلايو عام پبلڪ ۾ ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو ته جيئن ماڻهن ۾ خوف هراس پيدا ٿئي ۽ عوام شهيد ڀٽي جي امڪاني ڦاهيءَ کانپوءِ ڪا وڏي بغاوت نه ڪري، جنهن ۾ هو وقتي طور ڪامياب به ٿيو هو. جنرل ضياءَ جي دور ۾ ٻيون به ڪيتريون حرڪتون ڪيون ويون جن ۾ جيل اندر شهيد ڀٽي سان بيگم ڀٽي جي ساڻس ٿيل ملاقاتن دوران ،زور زور سان، گاڏين جا ڪوڙا سائرن وڄائڻ شامل هو. نه رڳو ايترو پر جنرل ضياءَالحق سندس شهادت کانپوءِ شهيد ڀٽي جي لاش جي بي حرمتي ڪرڻ لاءِ راولپنڊيءَ کان هڪ ٽيم لاڙڪاڻي موڪلي جنهن شهيد ڀٽي جي لاش جي بيحرمتي ڪري اهو پڪ ڪرڻ لاءِ سندس فوٽو ڪڍيا ته هو مسلمان به آهي يا نه پر مڪار جنرل ضياءَ کي انهيءَ تي به مايوسي ٿي هئي. شهيد ڀٽي کي پنهنجي ڪُٽنب سان گڏ، ملڪ ڇڏڻ جي به آڇ ٿي هئي پر هن ڌرتيءَ سان رشتو ٽوڙڻ کان انڪار ڪيو هو.

    پنهنجي دور جي مشهور اسٽوڊنٽس ليڊر ڄام ساقيءَ (سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو باني صدر، مان به ان تنظيم جو باني ميمبر هوس) سندس سالگرهه جي موقعي تي ڪراچيءَ جي هڪ سنڌي روزاني اخبار (عوامي آواز) ۾ سندس انٽرويو، ڪجھه ورهيه اڳ ڇپيو جنهن ۾ چيوهئائين ته هو (ڄام ساقي) ۽ جي.ايم.سيد يعني ٻيئي جناح اسپتال، ڪراچيءَ ۾ داخل هئا ته هڪ ڏينهن صبوح جو سوير جي.ايم،سيد کيس چيو هو ته هو سڀ در ۽ دريون بند ڪري. جڏهن هن ائين ڪيو ته ان وقت ٻنهي ڄڻن کان علاوهه ٻيو ڪير به اسپتال جي ڪمري ۾ موجود ڪونه هو. جي.ايم سيد، ڄام ساقيءَ کي چيو: مان ذوالفقار علي ڀٽي کي شهيد مڃان ٿو پر ڪجھه مصلحتن سبب پبلڪ ۾ ائين نه ٿو چئي سگھان.انهيءَ انٽرويو جي تصديق ڄام ساقيءَ کان هاڻ به سڌيءَ ريت ڪري سگھجي ٿي.

    سائين جي ايم سيد جي ڪٽر حامي ناز سنائي پنهنجي ساروڻيون نالي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته شهيد ڀٽي، سائين جي ايم سيد کي آڇ ڪئي هئي ته هو پير علي محمد راشدي (ون يونٽ ٺهرائڻ ۾ مدد ڏيڻ سبب سنڌ جي عوام، ايوب کهڙي، قاضي فضل الله، پير علي محمد راشدي ۽ قاضي اڪبر کي غدارسنڌ جو لقب ڏنوهو) جيڪو سال 1970 وارين عام چونڊن دوران دادوءَ کان صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊ وڙهي رهيو هو تنهن جي پٺڀرائي ڇڏي ڏئي ته هو (شهيد ڀٽو) قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي جي ايم سيد جي ڀيٽ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اميدوار (ملڪ سڪندر) کان هٿ کڻائيندو پر جي ايم سيد ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو هوجنهن ڪري جي ايم سيد ۽ غدار سنڌ پير علي محمد راشدي ٻنهي چونڊن ۾ شڪست کاڌي هئي.

    تازو فيس بوڪ تي ڪيناڊا ۾ رهندڙ هڪ سنڌيءَ بدزباني واري ٻولي ڪتب آڻيندي اها پوسٽنگ ڪئي ته سنڌي ته مرلين ۽ بانسرين تي نچڻ وارا آهن ۽ 35 ورهين کان ائين ڪندا رهندا ٿا، سندس چٽو اشارو شهيد ڀٽي جي عوامي مقبوليت ڏانهن هو سو مون لکيومانس ته جيڪڏهن هروڀرو ائين آهي ته تون پاڻ ڪيناڊا ڇڏي، بانسريون ۽ مرليون ساڻ کڻي سنڌ ۾ اچ ۽ سڀني سنڌين کي موهي وجھه ۽ پوءِ پنهنجن منصوبن تي عمل ڪراءِ، باقي سنڌين کي مُرلين ۽ بانسرين تي نچڻ وارو لکي تو ته سنڌين جي توهين ڪئي آهي. جڏهن ته اها به حقيقت آهي ته ساڳي ڳالهه ڪو غيرسنڌي، سنڌين لاءِ لکي ها ته جيڪر ٻاڪر ڪُٽو مچي وڃي ها.

    هت سال 1972 جي ٻوليءَ واري بل جيڪو بعد ۾ به ايڪٽ بڻيو تنهن جو به مختصر ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي ته انهيءَ ايڪٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي قرار ڏنو ويو هو ۽ سال 1973 جي آئين ۾ به پاڪستاني ٻولين جي ترقيءَ جو فقرو پهريون ڀيرو رکيو ويو هو پر اسان جا سنڌي قومپرست ويچارا ٻوليءَ جو ايڪٽ پڙهڻ بدران ڪوڙي پرچارتي ڳنڍ ڏيئي بيٺا آهن ته ٻوليءَ جي ايڪٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ٻه لساني صوبو قرار ڏنو ويو هو.

    اها اچرج جهڙي ڳالهه آهي ته هٿ ٺوڪئي مهاجر صوبيَ سميت سنڌ کي چئن ٽُڪرن ۾ ورهائڻ جو مطالبوڪرڻ واري لساني تنظيم ايم ڪيو ايم جي سرابراهه الطاف حسين ته ڪڏهن به ٻوليءَ واري ايڪٽ جي بنياد تي سنڌ کي ورهائڻ جو مطالبو ڪونه ڪيو آهي البت لساني توڙي انتظامي بنيادن تي ائين ضرور ڪيو آهي پر اسان جا سنڌي قومپرست پنهنجو سياسي ڪاروبار هلائڻ لاءِ سنڌ کي لساني بنياد تي ٻن حصن ۾ ورهائڻ لاءِ آئيني ۽ قانوني جواز پيش ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ جي بل جي ڪوڙي سمجھاڻي ڏئي رهيا آهن ۽ مٿان وري هو پاڻ کي سنڌ جو اڪيلو خيرخواهه ۽ ٺيڪيدار به سمجھن ٿا. افسوس!

    سنڌ سميت ساري ملڪ جو عوام خاص ڪري مسڪين، هاري ، پورهيت وغيره اڄ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان پيار ڪن ٿا ۽ گهٽ ۾ گھٽ ٻه ملٽري ڊڪٽيٽر ۽ سنڌي قومپرست سوين ڪوڙ ڪُٽڻ جي باوجود عوام جي دلين ۾ سندس محبت نه ته ڪڍي سگھيا آهن ۽ نه وري آئينديَ ائين ڪري سگھندا ۽ اهڙي ريت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي عوام ۽ خاص ڪري سنڌ جي عوام جي دلين ۾ توڙي تاريخ ۾ قيامت تائين زندهه آهي ۽ رهندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو