• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بيدل مسرور بدوي

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن
39216_140865155942807_4940461_n.jpg

نالو: بيدل مسرور بدوي ولد غلام علي مسرور فقير بدوي
سڃاڻپ جا شعبا: ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، محقق، راڳي، ڪمپوزر اڳوڻو پي ٽي وي پروڊيوسر.
جنم جي تاريخ: يارهين جولاءِ 1947ع
تعليم: ايم اي سنڌي ادب سنڌ يونيورسٽي 1974ع
ادارن سان وابستگي: .....
ڇپيل ڪتاب:. ”ڀوڳنا جو سفر“ منصور پبليڪيشن حيدرآباد آگسٽ 1988ع (جنوري 1970ع کان 1980ع تائين مختلف رسالن ۾ ڇپيل ٻارنهن ڪهاڻي جو مجموعو: نظر جو دوکو، ڪو وٺندو ڪاٺيون، روشن رات اونداهون صبح، نه سڳايون نه سڱ، سڌ نه سورن جي،۽ منهنجو من، ۽ منهنجو ڪردار، ريکا دور ڌنڌلڪي ۾، جيون ڪائي ڇولي آهي، سندرتا ۽ سنگ، ورجاءُ، ڀوڳنا جو سفر)
2. شهرِ وفا (شيخ اياز متعلق سندس همعصرن جا انٽرويو (ٽي ويءَ تي نشر ٿيل) ماهوار سهڻ شيخ اياز نمبر مارچ 1990ع.
3. ”نظرين جو چڙيا گهر ۽ هڪ ڀولو“ (ناوليٽ) ماهوار پورب ڪراچي جنوري کان آڪٽوبر 1996ع قسطوار.
4. چاهتن جي ٽواٽي تي ۽ آءِ لو يو (جاڙا ناوليٽ) مسرور پبليڪيشن ڪراچي، آگسٽ 1999ع.
5. بيدل نامو: (تحقيق ۽ تاليف) مسرور پبليڪيشن ڪراچي فيبروري 2000ع.
6. محبت به قيامت به: (ناوليٽ_ترجمو پهرين قسط) مصنف: ڪرشن چندر ، ماهوار پرک ڪراچي، آڪٽوبر، نومبر 2004ع). ص: 32
7. محبت به قيامت به: (ناوليٽ_ترجمو ٻي قسط) مصنف: ڪرشن چندر ، ماهوار پرک ڪراچي جنوري ، فيبروري 2005ع). ص: 27
8. محبت به قيامت به: (ناوليٽ_ترجمو) مصنف: ڪرشن چندر ، سلسليوار ڪرزما ڊائجيسٽ ڪراچي، (شمارو ٻيو) جون جولاءِ 2005ع).
9. قلوپطره: (سوانحي ناوليٽ، ترجمو) سلسليوار ڪرزما ڊائجيسٽ ڪراچي،آگسٽ 2005ع).
10. سپنن جو سنسار (ترجمو) سنڌي ادبي بورڊ ڄا مشورو اپريل 2007ع.
ايوارڊ: ٽي عدد پي ٽي وي ايوارڊ، سگا گولڊ ميڊل، گل آرٽ اڪيڊمي، براهوي ادبي اڪيڊمي ڪوئٽيا پاران گولڊ ميڊل ۽ ٻيا انيڪ ايوارڊ
 
بيدل مسرور ... شاعر، راڳي، ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ٽي وي پروڊيوسر .... سندس آواز مڌر ۽ وڻندڙ، شيخ اياز کي نئين انداز سان ڳائي مقبوليت ماڻيائين.

سندس باري ۾ وڌيڪ معلومات هن لنڪ تي به موجود آهي

jWCrBvuaexWMz.jpg


jbujLufHgdbwu.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top