اَسَان اُڌَارَا ، آڻَي اَوَنگَ چَاڙِهِيَا
مُنهُن ڏَيئِي مُون آئِيَا، سَمُهَان سِيَارَا
اُڀِرَنِ سِيڪَارَا، پَسِيَو وَرَ ٻِيَنِ جَا
سُرُ سَامُونڊِي
اَوَنگَ = پکا، تنبو
سَمُهَان = سامهان، سڌا
اُڀِرَنِ = نڪريو وڃن
سِيڪَارَا = ڪتڪايون، سيڪس جو اڀرڻ، ٿڌيون آهون، ٿڌا ساهه، ٿڌا شوڪارا
وَرَ = مڙس، ڀتار، ڪانڌ
بيت جو پس منظر
* اسان پکا ۽ تنبو اڌارا وٺي اچي اڏيا آهن.
* سياري جون وِلهُون، تيز ٿڌيون هوائون به مُنهِن سامُهِن لڳن پيون.
* جڏهن ٻين عورتن کي پنهنجي مڙسن سان ڀاڪر ۾ ٿي ڏسان ته مون کي به پنهنجي ور جي صحبت ياد ٿي اچي.
سمجهاڻي
ڀٽائيءَ جو هي بيت هڪ ڏکايل ۽ غريب عورت جي معاشي، اقتصادي ۽ سيڪسي حالتن جي عڪاسي ٿو ڪري.کيس رهڻ لاءِ پنهنجو گهر ناهي، مڙس ڪمائڻ جو چئي نڪتو هو جيڪو اڃان ناهي آيو.پاڙي وارن کان ايلاز منٿون ڪري هڪ پراڻو تنبو وٺي پنهنجو پکو اڏيو اٿائين.سياري جون تيز ٿڌيون هوائون لڳڻ شروع ٿي ويون آهن. ٿڌ ۾ اضافو ٿيندو ٿو وڃي.سيءَ کان بچڻ لاءِ پاڻ کي ۽ سندس ٻارن کي گرم ڪپڙا به ڪونهن .جڏهن ٻين عورتن کي پنهنجي مڙسن سان پيار، محبتون ونڊيندي ۽ وهنجندي ڏسي ٿي ته کيس به مڙس جا ڪوسا ڀاڪر ۽ صحبت ياد ٿي پئي.
____
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل