اسان جنهن پاسي نظر ڊوڙائينداسين اسان کي مصروف زندگي نظر ايندي، انسان ساري عمر ڪنهن نه ڪنهن ڪِرت ۾ مصروف رهي ٿو ۽ هر ڏاڪي تي اسان جون مصروفيتون مختلف رهن ٿيون، ٻالڪپڻ کان نوجواني واري عرصي کي زندگي جو حساس عرصو چيو وڃي ٿو ، ڇاڪاڻ ته ان عمر ۾ ڪيل اسان جي فيصلن جو اثر سڄي عمر رهي ٿو يا ائين کڻي چئجي ان عمر ۾ هر انسان باقي سڄي عمر جي لاءِ ڪجھ اهم فيصلا ڪري ٿو جيڪي زندگي کي هڪ نئون رخ ڏين ٿا، جيڪڏهن اهو رخ صحيح ورتو ويو ته اسين ڪاميابي جي اعلٰي مقام تي وڃي پهچون ٿا ۽ جيڪڏهن اسان غلط طرف ۾ نڪري وياسين ته ناڪامي جي اٿاه گھراين ۾ ڪِري سگھون ٿا. زندگي هڪ سفر مثل آهي ۽ هر سفر جي ڪا نه ڪا منزل ضرور هوندي آهي، ڇا اسان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته ان سفر ۾ اسان جي منزل ڪهڙي آهي؟ هڪ انگريزي ۾ قول آهي ته "زندگي جي شاهراهه تي مسافر به آهن ۽ ڊرائيور به اسان کي ڊرائيور جي ضرورت آهي" جيڪڏهن اسان اڃان اهو طئي ناهي ڪيو ته زندگي ۾ اسان جو مقام ڪهڙو هجي؟ ته پوءِ اسين زندگي جي سفر جا مسافر آهيون ۽ اهڙا مسافر جن کي منزل جي ڪائي غرز ناهي، جيڪڏهن اسين پنهنجي زندگي جا ڊرائيور آهيون ته پوءِ اسان جو هر کڄندڙ قدم پنهنجي منزل طرف هوندو ۽ زندگي ۾ پنهنجي مقصد ۽ منزل جي حاصلات کان وڌيڪ ٻي ڪا عظيم خوشي ناهي. اسان مان اڪثر نوجوان پنهنجي مستقبل تي نظر نه رکندا آهن مطلب ته هو پنهنجي آئيندي جي باري ۾ ڪو به پلان تيار نه ڪندا آهن جنهن ڪري هنن ۾ موجود ڪيتريون ئي صلاحيتون بي موت مري وينديون آهن انهن کي ڪا به عملي شڪل نه ملي سگھندي آهي، هر شخص قدرتي طور تي ڪا نه ڪا صلاحيت ضرور رکي ٿو، اها صلاحيت ننڍي کان ننڍي يا تمام وڏي به ٿي سگھي ٿي مثال طور سٺو آرٽسٽ هجڻ، شاعري، ناول، ڪهاڻيون پڙهڻ ۽ لکڻ، ڳائڻ، سٺو رانديگر هجڻ وغيره اهي ۽ اهڙيون ڪيتريون ئي صلاحيتون اسان جي نوجوانن ۾ موجود آهن پر اسان مان اڪثريت ان مان ڪو خاص فائدو ناهي ورتو ان جو سبب هي آهي ته اسان انهن بابت غور ناهي ڪيو، آرنلڊ بيننٽ جو چوڻ آهي ته "حقيقي الميي جو شڪار اهو شخص آهي جنهن پنهنجي صلاحيتن مان فائدو ناهي ورتو ۽ سماج ۾ پنهنجي پوري قد ڪاٺ سان بيهي به ناهي سگھيو" اسان وٽ ڪيترائي نوجوان ان الميي جو شڪار آهن، حقيقت ۾ تبديلي سوچڻ سان شروع ٿيندي آهي جڏهن اسان پنهنجي سوچ تبديل ڪنداسين ته اسان جو عمل به تبديل ٿيندو جيئن هڪ چوڻِي آهي ته "توهان خيال جو ٻج پوکيو عمل ڪاٽيندا، عمل جو ٻج پوکيو توهان عادت ڪاٽيندا، عادت پوکيو توهان ڪردار ڪاٽيندا ۽ توهان ڪرار پوکييو ته مقصد حاصل ڪندا" پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لا۽ جدوجهد کان پهرين اسان کي پنهنجي ذهن ۾ وڙهي ويندڙ جنگ کٽڻ ضروري آهي ۽ ان لاءِ اسان کي طئي ڪرڻو پوندو ته هن سماج ۾ اسان جو ڪردار ڪهڙو هجي؟ اسان مستقبل ۾ ڪهڙي منزل تي هجون؟ اسان کي پنهنجي زندگي جا مقصد واضع ڪرڻا پوندا ته اسان جي زندگي جا مقصد ڪهڙا هجن ۽ اهڙو مقصد جيڪي لکت ۾ پوري طرح واضع نه هجي اها محض خواهش ئي آهي ان لاءِ سڀ کان پهرين مقصد پوري طرح لکت ۾ واضع هجڻ ضروري آهن ۽ هر مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي آهي، جيڪڏهن توهان ڪنهن به قسم جي قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار نه آهيو ته پو۽ ڪنهن به مقصد جي لاءِ پلاننگ نه ڪريو ڇو ته اهڙو منصوبو جوڙڻ جو ڪو به فائدو ناهي جنهن تي عمل نه ڪري سگھجي، مثال طور جيڪڏهن توهان سٺا ليکڪ يا اديب ٿيڻ چاهيو ٿا ته توهان کي ادب ۾ دلچسپي رکڻي پوندي ۽ پنهنجو وقت ڪتاب پڙهڻ ۾ صرف ڪرڻو پوندو يا جيڪڏهن توهان CSS يا ڪميشن جو امتحان ڏيڻ چاهيو ٿا ته توهان کي ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي، پنهنجو سک ۽ چين قربان ڪرڻو پوندو مطلب ته ڀلي ڪهڙو به مقصد هجي ان لاءِ ڪجھ نه ڪجھ ضرور قربان ڪرڻو پوي ٿو. پنهنجي ماضي ۽ حال کي ڏسي مستقبل لاءِ ڪو مقصد طئي ڪرڻ کان پوءِ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ننڍن ننڍن حصن ۾ تقسيم ڪجي ائين ڪرڻ سان مقصد جي حاصلات ۾ آساني ٿئي ٿي، ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته اسان ڪو مقصد طئي ڪندا آهيون ۽ پوءِ اهو پورو به نه ٿا ڪري سگھون اهو ان لاءِ ته اسين صحيح اندازو نه ٿا لڳائي سگھون ۽ پوءِ درپيش ننڍن ننڍن مسئلن جي ڪري اسين اها منزل نه ٿا ماڻي سگھون اهو ائين ئي آهي ته اسان کي 7 فٽ جو کوه ٽپڻو هجي ۽ اسان جو اندازو درست نا هجي ته پوءِ اسان ان کوه ۾ ئي وڃي ڪرنداسين، صحيح اندازو لڳائڻ جي لاءِ اسان کي پوري طرح پنهنجي صلاحيتن ۽ مصروفيتن کي جانچڻو پوندو ته اسان ڪيتري قدر پنهنجي ڪيل فيصلن تي عمل ڪريون ٿا، توهان جو طئي ڪيل اهو وڏو ٽارگيٽ چاهي ڪهڙو به هجي اهو ڪنهن ميڊيڪل يا انجنيئرنگ يونورسٽي ۾ داخلا جو هجي، سٺو ڪالم نگار يا ڪهاڻيڪار ٿيڻ هجي يا CSS يا ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ، سٺو وڪيل، انجنيئر، ڊاڪٽر، سياستدان، گلوڪار يا ٽي وي اداڪار ٿيڻ هجي پنهنجي ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏو پلان جوڙڻ کان پهرين پنهنجي قوتِ ارادي کي جانچڻو پوندو ته توهان ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيتري قدر ڪوشان آهيو تنهن لاءِ توهان هڪ ڏينهن يا هفتي لاءِ ڪو خاص پلان جوڙيو ته توهان کي سڀاڻي ڪو خاص ڪم سرانجام ڏيڻو آهي جنهن لاءِ توهان گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سوچي رهيا آهيو پر سستي جي ڪري اڃان تائين ڪري نه سگھيا آهيو ۽ پوءِ ان لاءِ ڪو پلان جوڙيو ۽ ائين ئي ڪري ڏيکاريو جيئن توهان پلان جوڙيو ٿا ائين ڪرڻ سان توهان جو قوت ارادي مظبوط ٿيندي ۽ مقصد کي حاصل ڪرڻ جي امڪان ۾ به اضافو ٿيندو، اڪثر ڪري اسان ٻين سان ڪيل واعدا ته پاريندا آهيون پر پاڻ سان ڪيل واعدن تي پورو نه لهندا آهيون ڇو ته پاڻ سان ڪيل وعدو پورو نه ڪرڻ تي اسان تي ڪو به تنقيد ڪرڻ وارو نه ٿو هجي، اڄ توهان 15 منٽ ويهي پنهنجي پاڻ تي تنقيد لکو ته توهان ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون اوڻايون آهن ۽ پوءِ انهن تي غور ڪريو ته اهي ڪيئن دور ٿي سگھن ٿيون، پنهنجي پاڻ تي تنقيد ڪرڻ ائين آهي جيئن توهان پنهنجي منزل ڏانهن ويندڙ رستي تان ڪنڊا ۽ پٿر ميڙي هٽايا آهن هاڻ توهان جي مستقبل ڏانهن ويندڙرستو صاف آهي ان تي ڪا به رڪاوٽ ناهي ائين ڪرڻ سان توهان جا ارادا مظبوط ٿيندا، اسان کي ڪو به ڪم شروع ڪرڻ کا اڳ اهو سوچڻو آهي ته هي ڪم ڪرڻو آهي يا ناهي ڪرڻو "ڪوشش" ڪا به اهميت نه ٿو رکي جيڪڏهن اسان ڪو به عمل ڪرڻ لاءِ ڪوشش لفظ استعمال ڪريون ٿا ته اسان جي قوت ارادي 50% گھٽجيو وڃي ۽ پوءِ ڪا به ننڍي رڪاوٽ اسان کي اهو عمل ڪرڻ کان روڪيو وجھي، يوڊاني جو قول آهي ته "ڪريو يا نه ڪريو...ڪوشش ڪا به اهميت نه ٿي رکي" زندگي ۾ ڪنهن به شئي کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ محنت، جفاڪشي ۽ قرباني جي ضرورت هوندي آهي، حقيقي ڪاميابي به اهو ئي ماڻي سگھي ٿو جيڪو ڏک ۽ تڪليفون برداشت ڪرڻ جي قوت رکي ٿو جيئن ڊڪسن ميلوچ جي نظم جو ترجمو آهي اهڙو وڻ جنهن کي سج، آسمان، هوا ۽ روشني جي ڪمي درپيش ناهي جنهن کي برسات ۾ وهنجڻ جي لاءِ به جدوجهد نه ٿي ڪرڻي پوي اهو ڪڏهن به جنگل جي وڻن جو بادشاه نه ٿو ٿي سگھي اهو هميشه بي حيثيت ئي رهندو ۽ ان ئي حالت ۾ ختم ٿي ويندو ان جي برعڪس جنگل ۾ بيٺل وڻ جنهن تائين هوا، بارش ۽ روشني با آساني نه ٿي پڄي پر اهو وڌيڪ مظبوط آهي مقصدن سان ڀرپور زندگي ئي حقيقي زندگي آهي ڇو ته بي مقصد زندگي ته جانور به گذارين ٿا جيڪي کائي، پي ڪجھ ارثو زنده رهي پوءِ گذاري وڃن ٿا انهن کي دنياداري ۽ بامقصد زندگي جي ڪا به سمجھ نه ٿي هجي ۽ ضروي ناهي ته اسان مان هر شخص وڏا وڏا ڪم سرانجام ڏي پر اسين اهڙا ڪم ضرور سرانجام ڏيون جنهن سان اسان جي اوڙي پاڙي، معاشري ۽ سماج جو ڀلو ٿئي جيئن مشهور دانشور ميرن مورٽسن جو قول آهي "اسان مان اڪثر ماڻهو ڪڏهن به زندگي ۾ وڏا ڪم سرانجام نه ٿا ڏئي سگھن پر ننڍا ننڍا ڪم ڀلي انداز ۾ ضرور ڪري سگھن ٿا".
تمام سٺو لکيو اٿو ..... پر حقيقت اها آهي ته پاڻ تي تنقيد ڪانه ٿيندي آهي ۽ نه ئي وري ڪو تنقيد برداشت ڪندو آهي، پر ڪجهه جڏهن ڪيل تنقيد تي ويچار ڪندا آهن ۽ پوئواري ڪندا آهن ته کين ڪاميابي به ملندي آهي. ٽارگيٽ رکڻ، مقصد رکڻ ۽ انهن جي حاصلات آسان ناهي، انڪري مون سميت اڪثر ماڻهو قسمت تي ڇڏي ڏيندا آهن يا وري حالتن تي ...... پر منصوبه بندي ۽ ان تي عمل ڪرڻ وارن جي زندگي سهل ٿيندي آهي.