سائين جي. ايم سيد بابت ڊاڪٽر بلوچ جو ليک

'سائين جي ايم سيد' فورم ۾ ابو مُرڪ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2015۔

  1. ابو مُرڪ

    ابو مُرڪ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ ملازم
    ماڳ:
    عمرڪوٽ حيدرآباد
    شاهه جو رسالو ۽ سنڌي لغات بابت سندن ( سائين جيئيم سيد ) مرضي هُئي ته شاهه جي رسالي کي چڱيءَ طرح سان ايڊٽ ڪيو وڃي ۽ شاهه جي راڳ جو چڱيءَ طرح سان مطالعو ڪيو وڃي. سندن خيال وسيع هئا، گهڻا ڪتاب پڙهيا هيائون. سڀني کي علامه مشرقي علامه اقبال، شيرازي جا ڪتاب منهنجي روبرو پڙهندا هئا ۽ ڪوٽ به ڪندا هئا اهي سڀ ڳالهيون پر شاهه لطيف جي ئي ڳالهه کي اڳتي ڪندا هئا.
    ڀٽ شاهه تي سالياني ميلي وقت محفل لاءِ سائين باقائدي ڪوشش ڪئي. وڏي محبت سان، سنه 1950ع ۾ پهريون ڀيرو ڀٽ شاهه تي هليا ۽ مون کي ساڻ وٺي هليا. اتي وياسين. هڪ ڀڳل سڳل جڳهه م رهياسون ڪا به آرائش نه هئي.
    درگاهه جو ٻاهريون ايوان وارو دروازو، اتي شاميانو لڳائي شاهه لطيف جي سالگراهه ملهائيسون. سائين ميران محمد شاهه جي مهرباني ٿي جو وري رستو ٺهرائي ڏنائين جيڪو وڏي رستي کان ڀٽ شاهه تائين وڃي ٿو.
    ان بعد ڪلچرل سينٽر، سائين جيئيم سيد جي ڏنل رٿا جي ڪري ٺهيو.
    مون کي سيد سائين گهڻي ترڪيب ڏنائين ته شاهه جي رسالي ۽ راڳ تي ڪم ڪجي.
    ٻي وڏي ڳالهه جا آهي سا سيد لغت جي ڪئي ۽ چيائون ته مون 1940ع ۾ ڪاميٽي قائم ڪئي هئي جڏهن مان وزير هئس ته لغت ٺهي. اهو ڪم هليو پئي پر پورو نه ٿيو. مون تمام گهڻو همٿايائون ته هاڻ اهو ڪم تون ڪر.بهرحال ان ڪم لاءِ مون کي پاڻ سن ۾ گڏ رهايائون، خرچ ۽ تمام گهڻي مدد سيد جي هئي. اها ڳالهه وڏي آ انهيءَ کي کٽائبو ته پاڻ وٽ رهائي مون کي چيائون ته هي ڊڪشنري تون ويهي ٺاهه !
    ڪن مون کي چيو ته ” ميان تون آمريڪا مان پڙهي آيو آهين، حڪومت سيد سائين جي خلاف آهي تون وڃي ٿو سيد وٽ رهين، سڀاڻي توکي نوڪري به ڪانه ملندي “ .مون چيو ته ادا ان ڳالهه کي بعد م ڏسنداسين، حالي اسان لغت ٺاهينداسون. پوءِ ايتري خدمت ٿي جو مان سمجهان ٿو ته سيد سائين جيڪا ترغيب ڏني هئي سا مون نهايت نيازمندي سان پوري ڪئي. سندن مهرباني هئي. وقت تمام ٿورو آهي ڳالهه گهڻي آهي. انشاالله ٻئي اجلاس ۾ سائين بابت ڳالهائبو . سائين جو جيڪي خدمتون آهن اهي حد کان زياده آهن !
    مهرباني
    ( ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ )
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ٻولي، سنڌ الاجي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٻيا کوڙ سارا ڪم ... سائين جي ايم سيد جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن .... بس هو سنڌ هو يا وري سنڌ جو عاشق هو
     
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    رهبر سنڌ سمورو ئي سراپا عشق هو..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو