• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مشتاق ڦُل ٻڌو آ ته تو سڀ سنڀالي رکيا هَن!

ثمرن سومرو

سينيئر رڪن
ڊاڪٽر مشتاق ڦل

ٻڌو آ ته تو سڀ سنڀالي رکيا هَن
اسان گيت جيڪي اماڻيا خطن ۾

جهونگاري جهونگاري روئي پوين ٿي
ڀِڪوڙي ڇڏين ٿي تون تن کي چپن ۾

ڊڄين ٿي ساهيڙيون نه ڪن ڳالهه ڪنهن سان
نپوڙي ڇڏين ٿي تون پڙهندَي هٿن ۾

اسان بس وياسين ڪمائي ڪمائي
رهون ٿا سدائين تو سان واسطن ۾

وڏو آهي اعزاز مشتاق جي لاءِ
سدا ڳائجي ٿو اوهان جي سٿن ۾
 
وڏو آهي اعزاز مشتاق جي لاءِ
سدا ڳائجي ٿو اوهان جي سٿن ۾

مشتاق سهڻو شاعر، مشتاق منهنجو دوست ۽ ادبي سنگت جو سرگرم اڳواڻ ... سندس شاعري به عشق سان ٽمٽار

پنهنجي الهڙ جوانيءَ ۾ ڪو يار ڪــــيو هــــوندئي
سو ڀاڳ ڀريو هوندو جنهن سـان پيار ڪيو هوندئي

ڪـــــاوڙ ۽ وڏا دڙڪــــا، روئــڻ ۽ رُســــڻ، پرچــــڻ
ڪــنهن سـان ته ڪڏهن اهڙو تڪرار ڪيو هونـدئي

بارش ۾ ڀِڳــــو هوندين، راتين جــــو رُليو هـــونــدين
۽ پــــيار جـــــو ڪــــــو رستو اختيار ڪيو هوندئي

ڪـــــي کوڙ چـــــريا ماڻهو رستـي ۾ مليا هوندئي
ڪنهن سان ته محبت جو اظهار ڪيو هــوندئي

اکڙين جي اشارن سان لـــک قيد ڪـــــيا هونـدئي
ڪو چاڪ ته ڪو جاني بيمار ڪيو هونـدئي

مشــــتاق آهــــي تنهنـــجو مشتاق جي پارت ٿئي
مشتاق سان ڪو ته پرين اقرار ڪيو هونــــدئي
 
Back
Top