(علامتي ڪهاڻي) اٺ، خچر ۽ دنبو گھمندي ساٿ ۾ هئا. بکايل به هئا ته اڃايل به... منجھند اچي ٿي. هڪ پاڻي جو دٻو نطر اچي وين سک جو ساهه کنيائون پاڻي ته مليو پر بک جو ڇاڪجي . دنبي کي پاسي ۾ ڪجھ ڪٽيل ڪريل گاه جي ڍيري نظر آئي .. هاڻي گاه ٿورو ڪير کائي ڪير کائي سو فيصلو ڪيائون ته هر هڪ پنهنجو حسب نسب ٻڌائي ته ڪير اعلى آهي سو ئي گاهه کائي ... دنبي شروعات ڪئي ته مان ان دنبي جي نسل مان آهيان جيڪو جنت کان آندو ويو ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي قرباني وقت ڇري هيٺان آيو... وري وارو آيو خچر جو تنهن جو بيان هئو ته منهنجي مٿان نبين سواري ڪئي .. مان براق جي نسل مان آهيان وغيره وغيره.... جڏهن وارو آيو اٺ جو ..... تنهن پنهنجي ڊگھي ڳچي اڳيان ورائي گاهه ۾ وات وڌو ۽ چيائين ”منهنجو حسب نسب اٿو اهو، هاڻي جيڪو آڱوٺو پٽڻو اٿو پٽيو...“