بس گذري وئي زندگي.....!

اختيار غوري

سينيئر رڪن
ائين ئي رنجشن ۾ گذري وئي زندگي
ڪڏهن محبتون ڪڏهن نفرتون
گذري وئي زندگي
تنها رستن تي رلندي رهي زندگي
ڪڏهن ننڊ وڃائي ڪڏهن خواب
گذري وئي زندگي
عجيب اداسين ۾ وڪوڙيل رهي زندگي
نه شامون کٽيون نه راتيون کٽيون
گذري وئي زندگي
رولاڪ پاڇن پٺيان مسافر بڻي زندگي
نه منزل ملي نه ساٿي مليو
گذري وئي زندگي

((غوري))
 
Back
Top