اسلام عليڪم .. سنڌي بلاگنگ ۾ فونٽس جو مسئلو جيڪر مختلف طريقن سان حل ڪري سگهجي ٿو. پر هر قسم جي ٽيمپليٽ ۾ مختلف قسم جا سنڌي فونٽ استعمال ڪرڻ جو ڪو آسان حل ناهي. گوگل فونٽس ڪنهن به ٽيمپليٽ ۾ آساني سان استعمال ڪري سگهجن ٿا، پر گوگل فونٽس ۾ مون کي ڪو به سنڌي فونٽ نظر ناهي آيو، جيڪڏهن آهي ته دوست آگاهي ڏين. پر گوگل کي سنڌي فونٽس ڏيئي سگهجن ٿا جن کي گوگل پنهنجي ڊائريڪٽري ۾ شامل ڪري سگهي ٿو، جنهن سان 2 يا 3 نموني جا مختلف فونٽس ڪنهن به ٽيمپليٽ ۾ آساني سان استعمال ڪري سگهجن ٿا. اهڙا دوست جن پنهنجا سنڌي فونٽ ٺاهيا آهن انهن کي گذارش آهي ته هيٺ ڏنل لنڪ تي وڃي گوگل کي پنهنجا فونٽ ڏين ته جيئن گوگل انهن کي پنهنجي ڊائريڪٽري ۾ شامل ڪري ۽ تمام دوست آساني سان هر ٽيمپليٽ ۾ سنڌي فونٽس جا مختلف نمونا استعمال ڪري سگهن. https://code.google.com/p/googlefontdirectory https://docs.google.com/a/google.com/forms/d/1w2JOnVv_Vfcg1H_nploj1FRz4LcFsLaFmFkEj50PyW4/viewform
دوستن جا قرب .. گوگل کي هڪ سنڌي فونٽ فيملي ملي وئي آهي. جنهن جي هڪ خوبصورت خصوصيت اها آهي ته هو نه صرف سنڌي پر اردو کي به سپورٽ ڪري ٿي .. https://www.google.com/fonts/earlyaccess دوست ان لنڪ تي وڃي لطيف سنڌي فونٽ کي پنهنجي بلاگ ۾ شامل ڪري سگهن ٿا، جنهن کانپو هو نه صرف سنڌي پر اردو کي به سهڻو ڊسپلي ڏئي سگهن ٿا. منهنجي بلاگ ۾ دوست ڏسي سگهن ٿا ته ٻنهي ٻولين ۾ هڪ ئي فونٽ استعمال ٿيل آهي .. www.Iamsumel.blogspot.com
دوستو بالڪل آهي.... لطيف فونٽ... اوهان کي بلاگ جي هيڊر ۾ هيٺيون ڪوڊ لڳائڻو پوندو ڪوڊ: @import url(http://fonts.googleapis.com/earlyaccess/lateef.css); ۽ بعد ۾ فونٽ کي اسٽائيل شيٽ ۾ هن طرح استعمال ڪريو ڪوڊ: font-family: 'Lateef', serif;
ادا مهرباني، فلحال 2005 ۾ ٺاهيل 85 کن فونٽ، زير، زبر، پيش، ڊبل زبر، ڊبل پيش، ڊبل زير وغير پوري سيٽنگ سان ڏنل آهن. گڏ ئي اردو جي سپورٽ پڻ شامل آهي. جيڪي دوست استعمال ڪرڻ چاهين هن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪري سگهن ٿا.. https://app.box.com/s/5fnc8pojsp8r3yu769uaorsnlvbarujh اڃان 300 کن فونٽ تياري هيٺ آهن جيڪي هاڻي جلد ئي مڪمل ڪري سنڌي ڀائرن سان ونڊبا انشاء الله
فونٽ پيڪ مون وٽ ڊائونلوڊ ٿئي پيو.. توهان کي ڊائريڪٽ ڊائونلوڊ لنڪ ڏيان ٿو. هتي ڪلڪ ڪريو ته ڊائريڪٽ ڊائونلوڊ ٿي ويندو . (انشا الله) مون فونٽ ڏٺا آهن، اهي تقريبن صارم وارا ئي فونٽ آهن. ڪجهه فونٽ سُٺا ۽ نوان به آهن.
سائين ڪمپيوٽر جي اسپيڊ گهٽ هئڻ ڪري اهو مسئلو ٿي پيو الله جي ڪرم سان مسئلو حل ٿي ويو اوهان دوستن جون مهربانيون وڌيڪ عرض ته اڃان نوان فونٽ ڪنهن دوست وٽ هجن ته شيئرڪري مهرباني خاص ڪري جديد ۽ نوان فونٽ سائين ميمڻ صاحب جا.
السلام عليڪم...سائين اي.جي شيخ صاحب، هي فونٽ ڪافي پهريون ٺاهيل هئا، ان ۾ ڪجهه فونٽ ايپل جيڪي سائين ماجد ڀرڳڙي ٺهيا هئا اهي به آهن ساڻ انهن فونٽن جي زير ۽ زبر جي سيٽنگ پوري طرح سان ٿيل آهي. صرف ان جي ڪري اهي فونٽ رکيل آهن.
سائين عرفان صاحب اهي فونٽ مون ڪنهن زماني ۾ سنڌي فونٽس گروپ ياهو تان ڊائونلوڊ ڪيا هيا ونڊو ايڪس پي نئين ورجن سان ڏاڍا سٺا لڳا اميد ته نون فونٽن ۾ اسان کي نه وسارينداقرب
امرفياض جي بقول ته ”آئون سائين ماجد جي رٽن پرمشن جو وئيٽ (انتظار) پيو ڪريان، جيئن ئي پرمشن مِلي ته گوگل کي ايم.بي جا سڀ فونٽ ڏيندس.. سائين ماجد ته مونکي ڪجهه ڏينهن پهريان اجازت به ڏني هُئي ته فونٽ گوگل تي لڳايو.“ انتظار آهي ته ڪڏهن ٿو اهو ڪم ٿئي ؟ ڪڏهن ٿي جوملا پاڻ ۾ سنڌي فونٽن کي آڻي.
سائين ان وقت اهي فونٽ ڪورل ڊرا 9 جي لاءِ هيا ۽ اسٽينڊرڊ يوني ڪوڊ جا پڻ هيا، پر انهن جي زير زبر، پيش، ڊبل زبر وغير سيٽنگ ٿيل ڪونہ هئي، سال ڏيڊ اڳ اهو ڪم ڪيل هيو، پر ڪو مخصوس پليٽ فارم نہ ملي سگهيو جنهن تان سڀ دوست انهن فونٽس کي ڊائولڊ ڪري سگهن. اوهان جي پسند ڪرڻ جي مهرباني سائين
جنهن به ڀا کي ڪاوش ڪئي آهي ان بهترين ڪم ڪيو آهي، سدائين سنڌ جي تاريخ ۾ هن جي ڪاوش سنهري لفطن ۾ ياد رکي ويندي
محترم سليمان وساڻ کي عرض آهي ته سائين عبدالماجد ڀرڳڙي ۽ سائين شبير ڪنڀر کي عرض ڪن ته وڌ کان وڌ سنڌي فونٽ گوگل کي ڏين ، لک قرب