فيصلو سنڌ جي عوام کي ڪرڻ ڏيو! ماڪن شاهه رضوي سنڌ، جيڪا گهڻو اڳ پاڻڀرو ملڪ ۽ هاڻي صوبو آهي. جنهن سنڌ جون حدون ايران کان وٺي ڪشمير ۽ اڳوڻي بمبئي، هاڻوڪي ممبئي تائين پکڙيل هيون. جنهن سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن کي هزارن سالن ۾ ڳڻيو ويو آهي. جنهن سنڌ وٽ پنهنجو درياءَ، پنهنجو سمنڊ، پنهنجا پهاڙ، پنهنجا پوٺا، ۽ پنهنجو ٿر به آهي. جنهن جي ڌرتي هر قسم جو اَن، ميوو ۽ ٻي پوک اپائي ٿي. جنهن سنڌ وٽ پنهنجا سورهيه، سخي، ڏاتار، پنهنجا عالم، اديب ۽ شاعر، پنهنجي ٻولي، پنهنجي صورتخطي، پنهنجو اسلوب، پنهنجيون ريتون، رسمون به آهن، جنهن سنڌ جي ڌرتي کي دنيا جي عظيم المرتبت هستين واکاڻيو آهي. جنهن وٽ قديم علم هنر ۽ ڪتابن جو اثاثو به آهي. جنهنجو لوڪ ادب توڙي جديد ادب اڻ کٽ آهي. جنهن سنڌ ڪڏهن ڪنهن ٻي ملڪ، ڪنهن ٻي قوم کي ڦرڻ لٽڻ لاءِ ڪڏهن چڙهائي نه ڪئي. جنهن سنڌ پاڻ تي ٿيندڙ انيڪ ڦوروئن جو ڪاهون ڏٺيون به ته پليون به، جنهن سنڌ جي سورهيه مانجهي مردن، پکين کي به پناهون ڏنيون. هئڻ ته ائين گهرجي ته، هن جديد سائنسي دور ۾ اها سنڌ، دنيا جي عظيم، قديم ۽ سدا بهار ڌرتين جو درجو رکندي نظر اچي، پر اها تاريخ جي بدقسمتي چئجي ته ائين ٿي ناهي سگهيو. ڏينهون ڏينهن راڱا ۽ هاڃا وڌندا وڃن پيا. شهيد راڻي جي شهادت کان پوءِ سڄي سنڌ جي سوڳواري گهري ٿي ويئي آهي. سنڌ جي راڄڌاني، سورهيه مورڙي کي مير بحر جي ڀيڻ ۽ اوڀائي ملاح (مير بحر) جي ڌيءُ مائي ڪلاچي جي نالي تي آباد هاڻوڪي ڪراچي ۾ ته رات توڙي ڏينهن موت جو راڪاس ڇڙواڳ ٿي گهُمي پيو. پرنٽ ميڊيا يا الڪيٽرانڪ ميڊيا انگ ٻڌائي ٿي، سرڪار وري انهيءَ انگ جو ڳاڻيٽو ڪجهه گهٽائي ٿي پر لڪائي ڇڏڻ ته هاڻي وس ۾ رهيو ئي ناهي. بم ڦاڙيا وڃن ٿا، ۽ خودڪش حملي آور جي مُنڍي ۽ ڄنگهون ملن ٿيون، ۽ تحقيقات لاءِ ڪاميٽي جڙڻ جي خبر ۽ مذمتي بيانن کانپوءِ هڪ ماٺ ۾ سڀ ڪجهه لڙهيو وڃي. سنڌ جو عام محنت ڪش، پڙهيو لکيو، بيروزگار يا پورهيت ماڻهو هاڻي ته انهيءَ حالت کي عام سمجهي چپ ڪري ٿو وڃي. ڄڻ ته هن جي بي اعتباري جي ڪا حد ئي ناهي رهي. قومي همدردي ۽ ڌرتي دوستي جون دعويدار ڌريون ته پاڻ ۾ ٺهڻ لاءِ به تيار ناهن. بس، هر هڪ ڌر پويان ڪجهه ماڻهو آهن. سڄي قوم جي اڳواڻي جي دعويٰ ته ڪوبه نٿو ڪري سگهي. سنڌي ماڻهو کي الاءِ ته ڪيترن عقل کان آجن ماڻهن وڏين ڪرسين تي ويهي، ستل ماڻهو، بيوقوف ماڻهو، نادان ماڻهو جهڙا لقب به ڏنا، پر ائين ناهي. سنڌي ماڻهو بيحد عقل مند، جرئت مند، بهادر ۽ يڪ سخنو ماڻهو آهي. تاريخ شاهد آهي ته سنڌي ماڻهو جڏهن ”ها“ ڪئي ته ”نه“ نه ٿي، ”نه“ ڪئي ته ”ها“ نه ڪئي. دودي سومري ۽ ٻين جا مثال ان دعويٰ جي حوالي سان ڏيئي سگهجن ٿا. شهيد سورهيه بادشاهه پير صاحب پاڳاري ۽ شهيد قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي شهيد محترمه بينظير ڀٽو تائين ويجها مثال آهن. دودي سومري، دهلي درٻار جي آڻ نه مڃي، شهيد سورهيه بادشاهه انگريزن سان ”وطن يا ڪفن“ جي حوالي سان جنگ جوٽي. تاريخ ڏسجي ته سنڌي واحد قوم آهي دنيا جي، جنهن لاءِ جيل، ٿاڻا کٽي ويا ته کين لوڙهن ۾ قيد ڪيو ويو. مگر، موت کي راند سمجهڻ وارا سرويچ نه جُهڪيا ۽ انگريز ڪجهه نه ڪري سگهيو. شهيد ڀٽي، آمر ضيا ۽ دشمن قوتن آڏو آخري دم تائين سِر نه جهڪايو ۽ سوري سينگاري ويو، ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت دشمن قوتن سان ويڙهاند ۾ مرڪندي سر ڏنو، ۽ پوءِ سدائين رت جي راند تي خوش ٿيڻ وارا ”حيران“ رهجي ويا، جڏهن هنن سنڌ جي ڌرتي کي تتل ٽامون بڻجندي ڏٺو. خالي هٿن واري سنڌي قوم جي ڪاوڙ چئن ڏينهن تائين نه رڳو زميني پر هوائي ٽريفڪ سامهون به بند ٻڌي ڇڏيا هئا. ۽ پوءِ آصف زرداري، مخدوم امين فهيم ۽ ٻين پيپلز پارٽي جي اڳواڻن کي ان رُٺل ماڻهن کي پرچائڻ ۽ سندن ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ اپيلون ڪرڻيون پيون هيون. سنڌ جو ماڻهو اڄ به ائين بهادر ۽ باهمت آهي، پر هن کي ڀرپور اڳواڻي گهرجي. ان ڳالهه جو رڳو اهو مثال ڪافي آهي ته، ڪنهن ”بي متئي“ ٽي وي ڪمپيئر صدر آصف زرداري کي پاتل سنڌي ٽوپي طرف اشارو ڪيو هو ته اهڙي وقت ۾ ڪنهن سياستدان بدران هڪ صحافي سڏ ڏنو هو. هي اهو صحافي، اهو ليکڪ آهي، جنهن جي اخبار ”ڪاوش“ ۽ ٽي وي چنل ktn کان سنڌ جي عام غريب ماڻهو کي ظلم جي چنبي کان بچائڻ، گهٽين ۽ رستن تي ڏاڍن جي ڏمر کان هيڻن جي حفاظت جو ڪم وٺي، سنڌ ۽ سنڌين وٽ پنهنجي سچائي جي ساک قائم ڪئي آهي. ان ڪري علي قاضي جي سڏ تي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ سڄي سنڌ بنا ڪنهن سياسي ۽ سماجي فرق جي گڏ ٿي هئي. وري علي صاحب جڏهن سنڌو جي سُڪل پيٽ کي گلن جي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سڄي سنڌ کي سڏيو هو ته، سڄو سنڌو پٽڪن، پوتين ۽ ٽوپين سان ٻهڪي اٿيو هو. سنڌو جي سير ۾ پاڻي بدران ان ڏينهن سنڌي ماڻهن جو وهڪرو وهندي سڄي دنيا ڏٺو هو، ۽ ڪاوش، ktn جي عوامي آواز جي ترجمان پروگرام عوام آڏو ۾ علي قاضي آيو هو ته پروگرام جي ڊائريڪٽر نياز پنهور کي نه رڳو پروگرام جو وقت وڌائڻو پيو هو، پر جتي ننڍڙي اسٽوڊيو جي گنجائش35-40 ماڻهن جيتري مس هئي، اتي هن کي سئو کن ماڻهن جي گنجائش ڪڍڻ لاءِ سيٽ بدلائڻو پيو هو. هن پروگرام ۾ سنڌ جا نالي وارا اديب، شاعر، سماج سڌارڪ، ڪالم نگار، ليکڪائون، شاعرائون به شريڪ ٿيون ته سڄي سنڌ مان ڪيترا سارا فون به ايندا رهيا. مجموعي طور تي علي قاضي تي سڄي سنڌ مان اهو زور ڀريو ويو هو ته هو بنا دير سياست جي ميدان ۾ اچي، ڇو ته سنڌ وارن وٽ هن جي هڪ ڀرپور ساک قائم ٿي چڪي آهي، پر علي قاضي جو اهو ئي جواب هو ته هو ۽ هن جا ادارا سنڌ ۽ سنڌين جي خدمت بنا لالچ ڪرڻ کي عبادت سمجهندا رهيا آهن. چيائين سنڌ ۽ سنڌين جي ڇو تسبيح پيو سورين چيم هاڻي پڇاڙي آ، عبادت جي ضرورت آ. (استاد بخاري) پر سنڌ، علي قاضي جي اڳواڻي ۾ ان تبديلي جو خواب ڏسي رهي آهي، جيڪا تبديلي امن، سلامتي، سڪون ترقي، پيار، پنهنجائپ کي گڏ کڻي اچي. علي قاضي سياست ۾ اچي يا نه؟ اهو فيصلو کانئس وڌيڪ سنڌ جا ماڻهو ڪن ته بهتر آهي. تون پارس آئون لوهه، سڃين ته سون ٿيان. (شاهه)
جواب: فيصلو سنڌ جي عوام کي ڪرڻ ڏيو! سنڌ جو هر سڄڻ سنڌ جي سياست ڪندو ته اسانجون اکيون ٿڌيون، سچائي ۽ ايمانداريءَ سان سنڌ جي سورن جي ترجماني ڪندو ته اسانجو ساٿ ساڻس گڏ هوندو، سنڌ جي ڇوٽڪاري جي جنگ ۾ وڙهندو ته اسانجو ڪهاڙو به ساڻس گڏ کنيل هوندو ۔۔۔ پر الله خئير ڪري، ڏٺو ويو آهي ته ڪيترا ئي سنڌي نامور سياستدان، سنڌ جي ڳالهه ڪري جڏهن مرڪز ۾ پهچندا آهن ۽ آڏو ناڻي جو انبار ڏسندا آهن ته ايمان قائم رکي نه سگهندا آهن ۽ پاڻ سان گڏ سنڌ جا مفاد به وڪڻي ويهندا آهن ۔۔۔ اسان علي قاضيءَ سميت هر سنڌ دوست جو ساٿ ڏينداسون، پر عرض اهو ڪنداسون ته خدارا اسانکي وڪڻي نه اچجو، اسان کي رڻ ۾ نه رولجو، اسانجا لاش ڳجهن حوالي نه ڪجو، صرف پنهنجي ننڍڙي مفاد ۾ قوم جو سر نه نوائجو ۔۔۔۔ ها پاڪستان جي ايوانن ۾ سنڌ جو ڪيس نه وڙهي سگهو ته اسان سان اچي روڊن ۽ رستن تي بيهجو ته گڏجي سر ڏينداسون ۔۔۔ ويڙهه ڪنداسون ۔۔۔ ۽ هوشو شيدي جيئان زخمن سام ٽمٽار ٿي گڏجي نعرو هڻنداسون ۔۔۔ ”مويسيون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“