21 هين آئيني ترميم جي منظوري ۽ فوجي عدالتن جو قيام!!!!.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏9 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    21 هين آئيني ترميم جي منظوري ۽ فوجي عدالتن جو قيام!!!!.
    انس گهانگهرو
    جمهوريت لولي لنگڙي، پوءِ به آمريت کان سؤ ڀيرا بهتر هئڻ جي چوڻي هاڻي اهو ثابت ڪري ٿي ته آمريت لولي لنگڙي پوءِ به جمهوريت کان ڄڻ سؤ ڀيرا بهتر آهي، نواز ليگ حڪومت ڄڻ ثابت ڪيو آهي ته ملڪ ۾ صرف فوجي سربراهن کانسواءِ ڪير به سياستدان امن قائم نٿو ڪرائي سگهي، عدالتون به ڪمزور ۽ جج فيصلن ڪرڻ جي اهل نه آهن، اهڙي صورت ۾ ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ 21 آئيني ترميمي بل جي پاس ٿيڻ سان پاڪستان ۾ هڪ طرف قوم سوچڻ تي مجبور ٿي آهي ته آخر جمهوري نظام هوندي فوجي ڪورٽون ۽ ان جي نظام جي ضرورت ڇو پيش اچي رهي آهي، يا وري هاڻي فوج اڻ سڌي طرح ملڪ ۾ پنهنجو راڄ قائم ڪري فيصلا مڙهيندي، پاڪستان ۾ جمهوري حڪومت هئڻ باوجود فوجي ڪورٽن جي قيام لاءِ 21 آئيني ترميم جي منظوري نيٺ جمهوري پارٽين اسيمبلي ۾ ووٽ ڏئي پاس ڪري ورتي آهي ۽ هاڻ سينيٽ مان به 21 هين آئيني بل اڪثريت سان پاس ٿي چڪي آهي، جميعت علماءِ اسلام، جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف پاران فوجي ڪورٽن جي قيام ۽ 21 آئيني ترميم ۾ ڪجهه شڪن تي اعتراض ڪندي ان جي مخالفت ڪري اسيمبلي ۾ نه پهتا ۽ نه وري ووٽ قائم ڪيو، نواز ليگ هن وقت سياسي جمهوري پارٽي بڻجي چڪي آهي نواز شريف اڳوڻي آمر ضياءُ الحق جي مار شلا دوران سياسي جنم ورتو، ملڪ ۾ جاري دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ن ليگ جي وزير اعظم ميان نواز شريف اي پي سي ڪوٺائي جنهن ۾ سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، اي پي سي ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سموريون سياسي پارٽيون متحد ٿي ويون، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف پاران ملڪ ۾ دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ فوجي عدالتن جي قيام جو مطالبو ڪيو جنهن ۾ پيپلز پارٽي، تحريڪ انصاف، جي يو آءِ توڙي حڪومتي پارٽي نواز ليگ مخالفت ڪئي پر سگهاري دٻاءُ جي بنياد تحت ايم ڪيو ايم سميت سموريون سياسي پارٽيون متفق ٿي ويون ته فوجي عدالتون قائم ٿيڻ گهرجن پر اوچتو جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمٰن 21 آئيني ترميم جي بل ۾ شامل ڪجهه شڪن تي اعتراض ڪندي ان جي مخالفت ڪرڻ جو اعلان ڪيو جڏهن ته حڪومتي وفد مولانا فضل الرحمٰن سان ملاقات ڪري راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ايستائين قومي اسيمبلي مان 21 آئيني ترميمي بل پاس ٿي چڪو هو عوامي جمهوري پارٽي سمجهي ويندڙ پيپلز پارٽي 21 آئيني ترميمي بل کي زهر جو ڍڪ ڀري پيئڻ طور قبول ڪري ورتو، 5 جنوري ذوالفقار علي ڀٽو جي جنم ڏهاڙي تي قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمٰن واڪ آئوٽ ڪري مخالفت ۾ نڪري آيو جڏهن ته پيپلز پارٽي ڀٽو جي جنم ڏهاڙي جي ڪري هڪ ڏينهن پوئتي يعني 6 جنوري تي بل پاس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ايم ڪيو ايم فوجي عدالتن ۾ دهشتگردن کان سواءِ سياسي ڪيس نه هلڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد بل جي مڪمل طور حمايت ڪئي جڏهن ته بل جي حمايت ۾ ووٽ پڻ ڪاسٽ ڪيو، تحريڪ انصاف مڪمل طور اي پي سي کانپوءِ اسيمبلي مان ٻاهر رهي، جي يو آءِ ۽ جماعت اسلامي بل اسيمبلي ۾ پاس ٿيڻ وقت الڳ اجلاس ڪوٺائي حڪمت عملي تيار ڪئي، هڪ طرف قومي اسيمبلي ۾ سياسي جمهوري پارٽين پاران بل جي پاس ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون ٻي طرف مولانا فضل الرحمٰن پريس ڪانفرنس ڪندي بل کي ننديندي چيو ته 21 آئيني ترميمي بل پاڪستان کي سيڪيولر بڻائڻ جي وڏي سازش آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ مذهبي ۽ سيڪيولر ڌرين ۾ جنگ ڪرائي پئي وڃي، هن چيو ته پاڪستان بنگلاديش ناهي نه وري هن ملڪ ۾ وزير اعظم شيخ حسينه واجد آهي، اسان تي فرض آهي ته مسجدن، مدرسن جي حفاظت ڪيون ڇو ته پاڪستان اسلامي جمهوريه ملڪ آهي اتي صرف اسلامي قانون هلي سگهي ٿو، مولانا مطابق ته جلد متحده مجلس عمل ۾ شامل ديني جماعتن کي گهرائي رد عمل ظاهر ڪيو ويندو. هن جو چوڻ هو ته نائن اليون واقعي جيان پشاور سانحي کي جواز ڄاڻائيندي اسلامي ديني جماعتن ۽ ديني مدرسن خلاف جنگ جو طبل وڄايو ويو آهي، مولانا چيو ته الله مونکي وڏي ڏوهه کان بچايو آهي جو اسان جي جماعت جي ڪنهن به اميدوار 21 آئيني ترميمي بل جي حمايت ۾ ووٽ ناهي ڏنو، مولانا چيو ته 21 آئيني ترميمي بل ۾ اسان کي اڻ ڄاڻ رکيو ويو، اسان اعتراض واريو هو ته بل مان فرقي ۽ مذهب وارو لفظ خارج ڪيو وڃي، ٻي طرف خورشيد احمد شاهه جو چوڻ هو ته بل پاس ٿيڻ سان دهشتگردي جو خاتمو ايندو، مذهبي ڌرين خلاف استعمال نه ٿيندو، جڏهن ته شهباز شريف جي پٽ ايم اين اي حمزه شريف صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هاڻي فوجي عدالتون قائم ٿيڻ سان ملڪ ۾ امن امان قائم ٿيندو، پيپلز پارٽي عوامي جمهوري سياسي پارٽي آهي جن جي اڳواڻن ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو کي ٻن فوجي آمرن قتل ڪرايو جڏهن ته مرتضى کي پڻ ڪراچي ۾ قتل ڪرايو ويو ان پارٽي جي اڳواڻن فوجي عدالتن جي قيام ۽ آئيني ترميمي بل جي حمايت ڪري ڄڻ ڀٽو جي مشن سان غداري ڪئي هجي، حقيقت طور تي پاڪستان ۾ مذهبي ڌرين امن جي قيام لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، نائن اليون واقعن کان وٺي پاڪستان ۾ جاري دهشتگردي جي واقعن ۾ هڪ به اهڙو مدرسي جو استاد يا شاگرد ثابت ناهي ٿيو، جنهن بم ڌماڪا ڪيا هجن، جڏهن ته پشاور سانحي ۾ به دهشتگردي ڪندڙ سمورا غير مسلم هئا،لڳي ائين پيو ته مغربي قوتون پاڪستان ۾ خانا جنگي ڪرائڻ لاءِ حربا استعمال ڪن پيون، پاڪستان اسلامي ملڪ آهي، اتي جيڪڏهن ڪنهن مدرسي خلاف ڪاروائي ٿيندي ته ان جو رد عمل لال مسجد کان به خطرناڪ طور تي سامهون ايندو، وزير اعظم نواز شريف کي ڪنهن جي پاليسين تي عمل پيرا ٿيڻ بدران سياسي طور تي سمجهه کان ڪم وٺڻ گهرجي ها ڇو ته موجوده حالتن ۾ عوام ڪنهن به مارشلا جي سٽ سهڻ برداشت نه ڪندو، پر لڳي ايئن پيو ته پيپلز پارٽي توڙي ن ليگ سميت سمورين سياسي پارٽين دٻاءُ ۾ اچي بل جي حمايت ڪئي آهي، ايندڙ وقت ۾ خبر پوندي ته 21 آئيني ترميم ملڪي سلامتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مثالي ثابت ٿئي ٿي يا وري ملڪ هڪ نئين مارشلا ۽ دهشتگردي جي لپيٽ ۾ اچي ٿو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو