ٽائيم پيس…..۽ اسان

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏9 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ٽائيم پيس…..۽ اسان
    سجاد منگي
    وال ڪلاڪ جيڪو هر گھر جي ڀت تي لڳل هوندو آهي ڇا اهو شروعاتي دور کان ائين ئي هو يا اهو ترقيءَ جون مختلف اسٽئجون طئي ڪندو اتي پهتو آهي.هڪ نظر گهڙيال جي تاريخ تي ڦيرايون ٿا. گهڙيال دراصل ان مشين کي چئجي ٿو جنهن سان اسان وقت کي ماپي يا رڪارڊ ڪري سگھون. ٽائيم پيس کي عام لفظن ۾ واچ يا گھڙيال چئجي ٿو. انگريزي ٻوليءَ ۾ ڀت تي لڳل گھڙيال کي اسين wall clock چوندا آهيون. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جيتري انسان جي تاريخ آهي اوتر ئي ٽائيم کي ماپڻ جي تاريخ آهي. هر دور جي ماڻهن ٽائيم کي مختلف اوزارن سان ماپڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نوان نوان اوزار ايجاد ڪيا. هت توهان کي ٻڌائيندو هلان ته ٽائيم کي ڪنهن زماني ۾ واريءَ جي گلاس واري اوزار سان ماپيو ويندو هو جنهن کيhourglass سڏيو ويندو هو. آمريڪا جي هڪ اداري جي تحقيق مطابق hourglass جنهن کي sandglass به سڏيو ويندو آهي اهو 150B.C ۾ ايجاد ڪيو ويو. پر هتي توهان کي مزي جي ڳالھه ٻڌائيندو هلان ته سينڊ گلاس گھڙيال کان به اوائلي پاڻي وارو گھڙيال آهي جنهن کيwater clock سڏيو ويندو هو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهو لڳ ڀڳ 4000B.C پراڻو آهي جنهن جا آثار چئنا مان ملن ٿا. بهرحال ڳالهه هلي پئي واچ ۽ گھڙيال جي. واچ هڪ ننڍو ٽائيم پيس آهي جيڪو هر ماڻهو پنهنجي ٻانهن ۾ آسانيءَ سان پائيندو آهي جيئن آسانيءَ سان وقت تي نظر رکي سگھجي.رڳو نظر رکڻ ڪافي ناهي دراصل وقت جو قدر هجڻ گھرجي. اسان وٽ ماڻهن کي وقت جو قدر ته پهريائين نه هو ٻيو وري اڄڪلهه موبائيل فون جي اچڻ سان ته واچ جو ٻانهن ۾ پائڻ جو ڄڻ رواج ئي نڪري ويو آهي. موبائيل جهڙي سمارٽ ڊوائيس جي اچڻ سان پراڻي دور جي ڪيسيٽن جي خريدوفروخت کي ڪافي ڌڪ رسيو آهي. اسان جڏهن ننڍا هوندا هئا سين ان وقت ٽيپ رڪارڊر، آڊيو ڪيسيٽن ، وڊيو ڪيسيٽن ۽ وي سي آر جو عروج هوندو هيو.پر اڄڪلهه (MP-3) ايم پي ٿري جو دور آهي. ايم پي ٿري جي اچڻ سان پراڻين سڀني ايجادون کي وڏو ڌڪ رسيو. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته نئين ايجاد پراڻي ايجاد جي ماڪيٽ ۾ جڳهه ولاري ٿي ۽ نئين ايجاد جي اچڻ سان پراڻي ايجاد جي ويليو باقي نٿي رهي. نئين ايجاد جي اچڻ سان پراڻي ايجاد ائين ٿئي وڃي ٿي جئين نئين ڏينهن جي اچڻ مان ڪلهوڪي اخبار جي ويليو هوندي آهي.
    ڪالم لکندي لکندي اوچتو نظر ڀت تي لڳل ٽائيم پيس تي پئي جنهن ۾ ڏٺم ته ٽي سيون آهن، هڪ تيز رفتار ۽ تيز آواز سان ٽڪ ٽڪ ڪندي پنهجو سفر ئي ڪري رهي هئي ۽ ٻئي سئي ٿورو آهستي ۽ ٽين سئي وري بلڪل آهستي گھمي رهيون هيون. ليڪن جيڪا ڳاڙهي رنگ واري تيز رفتار ۽ تيز آواز سان ٽڪ ٽڪ ڪندي پنهجو سفر ڪري پئي ان جي ته اهميت ئي نه هئي مون ته رڳو ڪارن ڪانٽن کي ڏٺو جڏهن ته تيز رفتار ۽ تيز آواز واريءَ جي ڦرڻ سان ئي ڪارن ڪانٽن جي چرپر واقع ٿئي ٿي. بظاهر اهي ٽئي سيون الڳ ضرور آهن ليڪن اندروني طور تي انهن جو ڪافي گھرو تعلق آهي. اسين رڳو شين جي (front)اڳ ڏسندا آهيو، پرهڪ پل لاءِ ٽائيم پيس جي پويان لڳل مشين کي ڏٺم ته حيران رهجي ويم ته هيترا سارا پرزا جيڪي سڀ جا سڀ مسلسل حرڪت ڪري رهيا هئا. ان وقت ائين لڳو ڄڻ هر پرزي کي پنهنجو پنهنجو ڪم (assigned)مليل هجي ۽ هرڪو پنهنجو ڪم تمام سهڻي انداز سان ڪري رهيو هيو. ڪنهن به پرزي جو ڪنهن ٻئي پرزي سان ڪو حسد نه هو ۽ نه ئي ڪوئي پرزو ڪنهن کي اها شڪايت پيو ڪري ته مان ته سڀ کان گھڻو ڪم ٿو ڪيان مون کي وڌيڪ اجورو ملڻ گھرجي. اسان انسان ڪيڏا نه احسان فراموش آهيون اسان ته ڪڏهن ڪڏهن پهنجي خالق کان به شڪايت ڪندا آهيو ۽ ڪڏهن به ٽائيم پيس جي پرزن جيان پنهنجي حصي جو ڪم صحي انداز سان نه ڪندا آهيون. ٽائيم پيس جي پرزن کي ڏسي ذهن ۾ خيال آيو ته اسين سڀ انسان ٽائيم پيس جي پرزن جيان آهيون اگر هر پرزو پنهنجي صحيح جو ڪم صحي انداز سان ڪري ته هي سماج ڪيڏو نه خوبصورت ٿي پوي.
    هي سماج هڪ ٽائيم پيس آهي هن کي صحيح انداز سان هلائڻ وارا پرزا اسين انسان آهيون. هر ماڻهو جي چرپر جا سماج تي سٺا ۽ خراب اثر آهن. چوڻ جو مقصد ته ننڍي کان ننڍي عمل جو به رد عمل ضرور هوندو آهي. جئين نيوٽن جي حرڪت واري قانون مطابق ته هر عمل جو رد عمل هوندو آهي ۽ اهو سائنسي بنيادن تي ثابت به ٿي چڪو آهي ته هر عمل جو رد عمل ضرورهوندو آهي. ان قانون تحت راڪيٽ هوا ۾ اڏام ڀري ٿو جيڪڏهن ان قانون تحت راڪيٽ هوا ۾ اڏامي سگھي ٿو پوءِ ان قانون تحت ننڍي کان ننڍي لکڻي به ڪو نه ڪو پڙاڏو ضرور رکندي هوندي. ڀلي هي ڪالم عام ماڻهو نه پڙهندو هجي پر جنهن تائين به هي لفظ پهچندا اهو ضرور ڪجهه سوچڻ تي مجبور ٿيندو. بهرحال ڳالهه هلي پئي ٽائيم پيس جي گھر جي ڀت تي لڳل ٽائيم پيس اگر ڪڏهن رڪجي وڃي ته اسين نئون سيل مارڪيٽ مان خريد ڪري سندس ٻيهر ساڳئي رفتار سان هلڻ تي کيس مجبور ڪريون ٿا. ڪنهن ڏاهي چيو ته هي ٽائيم پيس جيڪو شور مچائي ٽڪ ٽڪ ٿو ڪري دراصل اهو ٽڪ ٽڪ نه پر اهو ڪٽ ڪٽ پيو ڪري. هي هر هڪ سيڪنڊ اسان جي زندگيءَ کي ڪٽ ڪٽ پيو ڪري. ڪڏهن ان تي ڪنهن غور ئي ناهي ڪيو. ڪنهن شاعر خوب چيو آهي
    وقت هي نهي رها هماري لئي ان کي پاس
    کبهي وقت هي وقت تها،وقت وقت کي بات هي.

    اسين اڪثر هر ماڻهو جي واتان اها شڪايت ٻڌاندا آهيون ته وقت ڪنهن جو به انتظار ناهي ڪندو، در حقيقت اسان ڪنهن جو انتظار ناهيون ڪندا. وقت ته پنهنجي مقرر ڪيل رفتار سان هلندو رهي ٿو ليڪن اسين ڪڏهن مايوسين جو شڪار ٿي رڪجي وڃون ٿا جڏهن ته ان وقت اسان کي حوصلي ۽ ڏاهپ سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت هوندي آهي. اسان کي هميشه اهو به ياد رکڻ گھرجي ته اسان کي وقت جي ضرورت آهي وقت کي اسان جي ڪائي ضرورت ناهي. مان نه هجان هان ته هي ڪالم ڪوئي ٻيو لکئي ها اگر ڪوئي ٻيو نه لکئي ها ته وري ڪوئي ٽيون لکي ها. وجود جي اهميت به سندس جي ڪم سان ئي آهي. اگر انسان جو ڪم عظيم آهي ته پوءِ ان انسان جو وجود به اهميت رکي ٿو.
    زندگي تيز قدم اور مين آهستا خرام
    ديکهين کون کهان ترک سفر کرتا هي sajjad_ali805@yahoo.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو