مامو احمد خان چانڊيو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏9 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    وزير فرهاد سولنگي
    منهنجي نظر ۾ دنيا جو سڀ کان ڏکيو ڪم ڪنهن جي دل ۾ جڳهه ٺاهڻ آهي. سنڌ اها ڌرتي آهي. جنهن ڪيترائي اهڙا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جن سنڌي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو آهي. انهن ماڻهن ۾ شهيد الله بخش سومرو، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد ۽ ٻيا ڪيترائي نالا اچي وڃن ٿا. ان سلسلي ۾ مامو احمد خان به قومي ڪارڪنن جي دلين تي راڄ ڪندڙ ماڻهو هيو. مامو احمد خان جنهن کي سنڌ جا قومي ڪارڪن پنهنجائپ ۽ پيار مان مامو ڪري سڏيندا هئا. احمد خان چانڊيو 60ع واري ڏهاڪي ۾ ڳوٺ گامڻ خان چانڊيو لڳ نيو جتوئي ۾ ڄائو ۽ پرائمري تعليم نيو جتوئي ۾ حاصل ڪيائين. بدقسمتي سان اڳتي نه پڙهي سگهيو. هن انهي دوران هڪ ننڍڙي ڪيبن نيو جتوئي ۾ کولي، هي 1972ع جو دور هيو چوڌاري ڀٽي صاحب جا جلوس ۽ نعرا ٻڌي هي جوشيلو ماڻهو انهن جي سحر ۾ اچي ويو. جڏهن ڀٽي صاحب کي 1979ع ۾ ڦاهي تي چاڙهيو ويو ته هي جذباتي نوجوان لٺيون کڻي فوجين جي گاڏين جي پويان ڊوڙي جيئي ڀٽو جا نعرا هڻندو، بغاوت جو اعلان ڪري رهيو هو ۽ انهن ڏينهن کانپوءِ مامو احمد خان آمريت کان نفرت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ پاڪستاني رياست کي کوکلو ۽ ٺلهو سمجهڻ لڳو، انهن ڏينهن ۾ قومي تحريڪ تمام گهڻو متحرڪ ڪردار ادا ڪري رهي هئي ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن، جيئي سنڌ محاذ جي ساٿين جن ۾ ادريس جتوئي ۽ ڪامريڊ هاشم کوسي جي صحبت هيٺ رهندي مامي احمد خان پنهنجي سياست جو رخ قومي تحريڪ ۽ جي ايم سيد جي فڪر ڏانهن ڪيو، اهڙي طرح مامي احمد خان چانڊئي 1980ع ۾ باقائده قومپرست سياست جي شروعات ڪئي. ۽ پاڻ باقاعده جيئي سنڌ محاذ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. اهڙي طرح هي نوجوان سنڌ جي عشق ۽جي ايم سيد جي فڪر سان سلهاڙجي ويو، مامو احمد خان ڪردار جي حوالي سان تمام بلند شخص هو هن جي قول ۽ فعل ۾ ڪڏهن به تضاد نظر نه آيو، هي واعدي جو پڪو ۽ کرو انسان هو. هي ماڻهن جي ڏکن دردن ۽ دلين جي پيڙا کي محسوس ڪندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پراون ڏکن تي پاڻ روئي ويهندو هو، ڪنهن هاري، مزدور، پورهيت عام شهري سان جڏهن به ڪا رياستي ڏاڍائي ٿيندي هئي، ته هي مانجهي مرد سينو تاڻي اڳيان ٿي بيهندو هيو، پوءِ اهو ڌرڻو هجي جلوس هجي، بک هڙتال هجي. هي سڀني ماڻهن جي اڳيان اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندو احتجاج ڪندو هو. هن هميشه عدم تشدد واري سياست ۾ يقين رکيو، هي سنڌ جو سچو عاشق هو ۽ جي ايم سيد جي فڪر جو پيروڪار هيو مامو احمد اڄ جي قومي ڪارڪن جي لاءِ هڪ مثالي ڪردار جي حيثيت رکي ٿو.
    هي سادو ماڻهو سڄي زندگي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ اکين ۾ خواب سجائي وڏي جوش ۽ ولولي سان قومي ڪاڄن ۾ ۽ قومپرست سياست ۾ تمام گهڻو متحرڪ رهيو، جيئي سنڌ محاذ ۾ ضلعي صدر، سينٽرل ڪاميٽي جو ميمبر، پورهيت سنگت جو صدر، مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري طور ۽ ٻين مختلف عهدن تي پنهنجون خدمتون ڏيندو رهيو. هي سڄي عمر سيد جو سالگرهون ملهائيندو رهيو.
    هي هميشه سنڌ جي محبت سان شرسار، جذباتي انسان جڏهن به سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريندو هيو ۽ تقرير ڪندوهيو ته پنڊال ۾ ويٺل ماڻهن تي سناٽو ڇائنجي ويندو هو ۽ هن جو اڀ ڏاريندڙ آواز ميڊيا ۽ ايوانن تائين پڄندو هيو ته ”سنڌ گهري ٿي آزادي“.
    مامون احمد خان ڪڏهن به پنهنجي فرضن کان قومي تحريڪ ۾ غافل نه رهيو ۽ ڀٽائي جي انهن سٽن جيان ته تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي، جي مترادف مسلسل ڪم ڪندو رهيو مامون احمد خان اڄ جي قومپرست سياست ۾ پنهنجو هڪ منفرد مقام رکندڙ ۽ اتساهه ڏيندڙ، سنڌي ماڻهن ۾ سنڌ جي آزادي جي تبليغ ڪندڙ هڪ پيارو انسان هو جيڪو سڄي سنڌ جو مامو سڏائي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ويو ۽ هي آخري دم تائين جيئي سنڌ محاذ ۾ ڪم ڪندو رهيو.
    7 جنوري 2012ع جي اڀاڳي صبح جو هي موري ڏانهن پنهنجي موٽر سائيڪل تي اچي رهيو هو جو هن کي پريس تان جي ايم سيد جي سالگرهه جا دعوت نامه کڻي ورهائڻا هئا. جڏهن هي باءِ پاس کان نيشنل هاءِ وي تي اچي رهيو هو ته اوچتو هڪ ٽرالر جي ٽڪر ۾ ايڪسيڊنٽ ٿيو، جنهن کي ترت ئي تعلقه اسپتال موري ۾ پهچايوويو، پر سندس حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري نوابشاهه نيو ويو پر شام جو 4:15 وڳي هي هميشه لاءِ اسان کان وڇڙي وڃي پنهنجي جيجل ماءُ سنڌ جي هنج ۾ آرامي ٿيو.
    مامو احمد جي جنازي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ۽ سڄي سنڌ مان قومي ڪارڪن سون جي تعداد ۾ سندس آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيا. هي هزارين دلين کي روئاري ابدي آرامي ٿيو. اڄ به کيس ياد ڪري سنڌ جا قومي ڪارڪن هن جي ڀرپور جدوجهد مان اتساهه وٺي قومي جدوجهد لاءِ وڌيڪ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو