• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سامونڊي ڍَولِيَو وِيَڙَو ڏَورِ، تَي ٿِي سِيءَ گُذَارِيَان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jbhmEvBx9NUnGF.jpg


ڍَولِيَو وِيَڙَو ڏَورِ، تَي ٿِي سِيءَ گُذَارِيَان
مَادَرِ ! مُون مَ چَورِ، نَاتَ پَڌَرِ پَوَندِي پِرِينءَ رِي


سُرُ سَامُونڊِي

ڍَولِيَو = محبوب، پرين
تَي ٿِي = تنهن ڪري، ان ڪري، تنهن سبب
مَادَرِ = ماءُ، جيجل، امڙ، آيل
مَ = نه
چَورِ = جاڳاءِ، اٿلاءِ
نَاتَ = نه ته، نه ته جيڪر
پَڌَرِ پَوَندِي = ظاهر ٿي پوندي، ڳالھ کُلِي پوندي

بيت جو پس منظر

~ منهنجو محبوب مون کان پري هليو ويو آ تڏهن ٿي سِيءَ ۾ گذاريان.
~ او جيجل منهنجي ستل سورن کي نه جاڳاءِ نه ته ڳالھ کُلِي پوندي.

سمجهاڻي

ڀٽائي هن بيت ۾ عورت جي اندر جهاتي پاتي آهي جنهن جو محبوب کانئُس گهڻو پري هليو آهي. هوءَ پنهنجي محبوب کي ياد ڪندي چئي ٿي ته جڏهن منهنجي ڪنڌ هيٺان ٻانهَن ڏيئي ڇڪي ڇاتيءَ سان لائي پنهنجي ڪوسي ڀاڪر ۾ وڪوڙي ڇڏيندو هو ته سيءُ ئي محسوس نه ڪندي هيس.پر هاڻي هو الائي ڪاڏي هليو ويو آهي ۽ اڪيلي ٿي سمهان تڏهن ٿو سيءُ ٿئي. او جيجل منهنجي ستل سورن کي نه جاڳاءِ، منهنجي اندر جي اذيتن کي نه اٿلاءِ نه ته هي اکين جا بند ڀڄي پوندا.جڏهن ريهون ڪري روئنديس ته ڳالھ کُلِي پوندي جيڪا اڃان راز ۾ آهي.

____
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
Back
Top