وادي مهرڻ سنڌ جو عمر جي لحاظ کان ننڍڙو پر عظيم نعت خوان محترم محمد فرحان علي قادري

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سجاد علي سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏9 جنوري 2015۔

  1. سجاد علي سومرو

    سجاد علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    237
    ورتل پسنديدگيون:
    371
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    Shahdadkot
    وادي مهرڻ سنڌ جو عمر جي لحاظ کان ننڍڙو پر عظيم نعت خوان محترم محمد فرحان علي قادري

    علامه نادر علي حليمي


    سنڌ جيڪا وادي مهراڻ جي نالي سان مشهور آهي هي اها ڌرتي آهي جنهن ڪيترائي اهڙا ماڻهون پئدا ڪيا آهن جن مختلف ميدان ۾ نالو ڪمائي پنهنجي ڌرتي ماء جو نالو روشن ڪيو آهي. اهڙين مشهور ۽ نالي واري شخصيتن ۾ وادي مهراڻ جي گرم ترين علائقي جيڪب آباد ۾ جنم وٺندڙ ملڪ جو مشهور نعت خوان محمد فرحان علي قادري جنهن انتهائي ننڍي عمر ۾ نعت خواني جي ميدان م ملڪ ته ڇا پر پوري دنيا ۾ ڌرتي ماء جو نالو روشن ڪيو. ملڪ جي جهر جھنگ ۽ ڪنڊ ڪڙچ کانسواءِ پوري دنيا ۾ نعت سان چاهه رکندڙ سندس نه صرف نالي واقف آهن بلڪه لازوال محبت به ڪن ٿا.

    چوندا آهن ته موجوده دور ۾ سڀ ڪجهه ممڪن آه بادشاهه فقير بڻجي سگهي ٿو ۽ ڪو غريب مسند تي ويهي سگهي ٿو. جيڪڏهن محنت دل لڳي ۽ شوق سان ڪم ڪيو وڃي ته پوءِ چاهي عمر ننڍي هجي يا وڏي ان جو سلو ضرور ملندو آهي. اهڙا ماڻهو نه صرف ماڻهن جي دلين تي حڪمراني ڪندا آهن بلڪه قومي هيرو به بڻبا آهن. ان لاءِ عمر رنگ نسل ملڪ يا شهر جي ڪا حد ۽ قيد ناهي جهڙي طرح هڪ هاري جو پٽ آمريڪا جو صدر بڻيو ساڳي طرح محمد فرحان علي قادري به پوئتي پيل علائقي ۾ جنم وٺڻ جي باوجود ذڪر رسول صلي الله عليه وسلم جي صدقي ننڍي عمر ۾ نعت خوان بڻجي ڪروڙين عاشقانِ رسول صلي الله عليه وسلم دلين جي ڌڙڪن بڻجي چڪوآهي.

    پنج ڇهه سالن جي عمر کان نعت خواني ڪندڙ محمد فرحان علي قادري عمر جي ان حصي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. جنهن کي عام طور جواني چيو ويندو آهي. جيڪڏهن موجوده صدي جي نعت خوانن جي فهرست ٺاهي وڃي ته ان ۾ سندس نالو نمايان ۽ چمڪندڙ نظر ايندو. جائزي وٺڻ سان اها خبر پوي ٿي ته ڪيترائي اهڙا نعت خوان (ثنا خوان) جن کي شهرت حاصل ڪرڻي پئي پر محمد فرحان علي قادري کي جنهن عمر ۾ ايڏن وڏن نعت خوانن هي صف ۾ ڪنهن سالن جي محنت شامل نه ڪرايو بلڪه اها الله ۽ ان جي حبيب صه جي ذڪر جي برڪت آهي جو ملندڙ مشهوري تي هر ماڻهو حيران آهي اهڙو مثال ماضي ۾ ملڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن به نظر اچي ٿو.

    محمد فرحان علي قادري کي نعت جو ماحول گهر کان ئي مليو. سندس اڪثر ڀيڻ ڀائر نعت سان دلچسپي رکن ٿا شهر جي مسجدن ۾ عام محفلن ۾ نعت شريف پڙهندڙ محمد فرحان علي قادري ڇهه ست سالن جي عمر ۾ پاڪستان ٽيليوزن تي ٿيندڙ (آل پاڪستان نعت مقابله) ۾ حصو وٺي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ان سان گڏوگڏ سندس نعتن جو پهريون البم نور والا آيا هي رليز ٿيو، سندس البم رليز ٿيڻ سان سڌوسنئون پوري دنيا جي عاشقان رسول صه سان متعارف ٿيو. ان نعتن جي البم کان پوءِ پوري دنيا ۾ مشهوري ماڻيائين ته ٻئي طرف انهن نوجوانن خاص طور ٻارڙن جي زبان تي ذڪر رسول ٻڌو ويو جيڪي هميشه راند روند ۾ رڌل هئا يا ميوزڪ سان دلچسپي هئڻ ڪري گانا ۽ ڪلام ڳائيندا هئا.

    نعت جي ميدان ۾ جتي والد ۽ ڀيڻ ڀائر سان گڏ دوستن ڀرپور ساٿ ڏنو اتي سندس وڏي ڀاء ۽ ناليواري شاعر محمد علي قادري جي خصوصي سرپرستي حاصل رهيس. اڄ تائين سندس ڪيترائي نعتن جا البم رليز ٿيا اٿس ۽ ملڪ جي چئني صوبن کان علاوه آزاد ڪشمير سميت مختلف ملڪن دبئي، سعودي عرب، عمان، ڪويت، ماريش وغيره ۾ نعتن جا تحفا پيش ڪري چڪو آهي.

    هن کي مختلف تنظيمن طرفان بهترين نعت خواني ڪرڻ تي انعام ميڊل شيلڊز ۽ تعريفي سندون ملي چڪيون آهن پر انهن کي اعزاز سمجهندي چوڻ آهي ته الله ۽ ان جي حبيب جي ذڪر جي جيڪا نوڪري ڪري رهيو آهي ان تمام انعامن کان وڌيڪ آهي. نعت خوانن جي صف ۾ شامل هن ثنا خوان کي اهو اعزاز حاصل آهي ته نه صرف ڪيترائي نوجوان پڙهيل نعتون ٻڌي راهه راست ٿي آهي بلڪه ڪيترائي غير مسلم نوجوان سندس ثنا خواني مان متاثر ٿي ايمان جي دولت متاثر ٿيا.

    محمد فرحان علي قادري جو چوڻ آهي ته نعت خواني جي ميدان ۾ هن جو ڪنهن سان به مقابلو ناهي نه وري هو ان ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ جو خواهشمند آهي ڇو ته تمام ثناء خوان قابل عزت آهن ان واضح مثال آقا صه طرفان حضرت حسان رضه کي پنهنجي ممبر تي ويهاري نعت ٻڌڻ ۽ چادر عطا ڪرڻ آهي. وادي مهراڻ سنڌ جي گرم ترين علائقي ۾ جنم وٺندڙ محمد فرحان علي قادري انتهائي ماٺڻي طبيعت وارو نوجون آهي. سندس عام رهڻي ڪهڻي ۽ اسٽيج تي نعت خواني دوران جذبات ۾ تمام گهڻو فرق نظر ايندو آهي. نعت خوانن ۾ سندس پسنديده نعت خوان مرحوم محمد علي ظهوري آهي محمد فرحان علي قادري جي سرپرستي م شهدادڪوٽ سميت مختلف شهرن ۾ نوجوان نعت خوانن جي تربيت لاءِ فرحان نعت ڪائونسل جڙيل آهن.

    محمد فرحان علي قادري هميشه اهو پيغام ڏنو آهي ته نعت خواني کي هميشه عبادت سمجهو وڃي اها ڪهڙي به رنگ ۾ ڪئي وڃي دلين کي سڪون پهچائيندي آهي جڏهن ته هي مشڪل صنف به آهي ان ۾ ادب رسول کي خاطر ۾ آندو وڃي اهڙن شعرن کان گريز ڪيو وڃي جن جي پڙهڻ سا گستاخي يا بي ادبي جو انديشو پيدا ٿئي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    بيشڪ محمد فرحان قادري قابل عزت ۽احترام وارو نوجوان آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو