• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ مهيني تائين بئٽري هلائيندڙ موبائيل فون متعارف

فاروق سومرو

سينيئر رڪن
مشهور ڪمپني مائڪروسافٽ پاران نوڪيا 215 نالي هڪ فون متعارف ڪرايو آهي جنهن جي خاص خوبي هڪ مهيني تائين بئٽري هلائڻ آهي.
Nokia-215_Dual-SIM_feat.jpg
هن سستي ترين فون ۾ ايف ايم ريڊيو.ايم پي ٿري.vga camera.فليش لائٽ ۽ ٻيا پروگرام شامل آهن

ان کان علاوه هن ۾ انٽرنيٽ جي پڻ سهولت آهي.جنهن ۾ اوپيرا مني برائوزر.بنگ سرچ.فيس بوڪ،ٽوئيٽر وغيره لوڊ ٿيل آهن.

هي دبل سم وارو فون آهي.جيڪڏهن هڪ سم استعمال ڪندو ته هي بئٽري 29 ڏينهن هلائيندو.۽ جيڪڏهن بئي استعمال ڪندو ته 21 ڏينهن بئٽري هلائي سگهندو.
هن فون جي قيمت صرف 29 ڊالر (پاڪستاني 3000 يا 2900 ) آهي.هي فون جلد هن مهيني ۾ ئي مارڪيٽ ۾ دستياب هوندو.
 
جيڪڏهن سيٽ ۾ انٽرنيٽ سسٽم اٿس پو ڪمپني مشهوري لا مهيني جو ٻڌائي ٿي.

باقي فون ڪهڙو به هُجي انٽرنيٽ هلائيندؤ ته بيٽري جا ڍُڪ ڀري پي ويندو.. بيٽري منٽن ۾ ختم ٿي ويندي..
 
ائين ته نوڪيا به پهريان دعوي ڪري چڪي هئي ته نوڪيا 105 مهيني تائين بئٽري هلائيندو پر اهو فون مس هڪ ڏينهن هلي پيو.
هاڻي هي فون ڏسون مهينو هلائي ٿو...؟
 
Back
Top