• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ميون ۾ سردار ميوو ” انب“

نثارابڙو

نائب منتظم
ميون ۾ سردار ميوو ” انب“

http://imageshack.us

دوستو! سنڌ ۾ تمام سٺا ۽ مٺا انب ٿين، درياهه شاه بادشاهه جي ٻنهي ڪنارن سان هزارين ايڪڙ زمين تي انب جو فصل ٿئي ٿو ... هر قسم جو انب پوکجي ٿو ۽ ان مان لاڀ حاصل ڪجي ٿي.

ڪالهه لولو مارڪيٽ وارن سڄي سعودي عرب ۽ خليج جي ملڪن ۾ 75 جاين تي انب ڏهاڙو ملهايو، جنهن ۾ زراعت واري وزير ڀرپور حصو ورتو ... هن ميلي ۾ 10 ملڪن مان انب جا 150 قسم رکيا ويا جنهن ۾ خاص توجهه هندستان جي انبن کي ڏنو ويو. انب سان گڏ انب مان ٺاهيل مٺايون، ڪيڪ، انب مان ٺهيل مانيون، عربي حلويات، انب جي کٽاڻ ۽ انب واري ڏهيءَ جا قسم رکيا ويا هئا.

دوستو! سعودي عرب اهو ملڪ آهي جنهن ۾ انب جي پئداوار نه هجڻ جي برابر آهي، پر پوءِ به هت هر قسم جو انب ملي ٿو ۽ هتان جي آمدنيءَ جي حساب سان هر هڪ ماڻهونءَ جي قوئت خريد اندر آهن .... سٺي کان سٺو انب لڳ ڀڳ 5 ريال ۾ هڪ سير ملندو آهي.

پر افسوس هن ميلي ۾ ڪٿي به ڪنهن به انب تي ”سنڌ “ لکيل ڪونه هو ... ها هڪ ڪنڊ ۾ پيل ڪجهه انبن تي پنجاب ”پاڪستان“ لکيل هو....!!!، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي واپاري يا سنڌي هاري دنيا کان ڪٽيل آهي ...
 
جواب: ميون ۾ سردار ميوو ” انب“

ادا اسان جا سنڌ جا واپاري واقعي دنيا کان ڪٽيل آهن، ورنه سنڌ جو انب ته پنهنجو مٽ پاڻ آهي، ۽ سنڌ جو انب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پڻ پسند ڪيو وڃي ٿو، مگر سنڌ جا واپاري انهن ميلن ۽ سيمينارن کان اڻ واقف آهن۔ ادا ڪجهه ڏينهن اڳ هت سنڌ جي انبن بابت هڪ سيمينار يو ٽيوب وڊيو پڻ منهنجي نظر مان گذريو هو مگر هت يو ٽيوب وڊيو نه هلڻ جي ڪري اهي وڊيوز ڏئي نه ٿو سگهان۔ جنهن لاء معذرت۔
هي ڏسو سنڌ جي انبن جون ڪجهه تصويرون۔

Sindri%20Mango3.jpg

mangoes_from_pakistan.jpg

3677362391_5764bf4e9f.jpg

Sindhri_Mango.JPG
 
جواب: ميون ۾ سردار ميوو ” انب“

ادا وڏا! انڊيا ۾ انب جي موسم ختم ٿيڻ‌ تي آهي۔ ڇو جو چوماسي جا ڏينهن ويجهو آهن۔ ۽‌ برساتن جي اچڻ سان انب جو لطف نڪري ويندو آهي۔ ڀلي هندستان جا انب پوري دنيا ۾‌ وڪامجندا آهن پر پو به انب ته پنهنجي سنڌ جا۔۔۔ هتان جي انبن ۾‌اها مٺاس نه آهي جيڪا اسانجي سنڌڙي انب ۾ آهي۔ مونکي سرمد سنڌي جي هڪ راڳ جون ڪجهه سٽون ٿيون ياد اچن۔

اُڏر ڪان توکي مٺڙي ماني ڏيان
پرين جي اچڻ‌جو ڪو احوال ته ڏي۔۔ مينهون مڙيون کير ڏنئون، توکان سوا ڍُڪ ڪيئن ڀريون۔ انب لٿان کارڪون لٿيون۔ جاني بنا مونکي ڪونه وڻيون۔۔۔۔

بس سائين اهو واهه جي ڪناري تي ويهي، سنڌڙي انب کي چوسڻ جو مزو۔۔۔۔۔۔۔ ڪڏهن ڪونه وسرندو۔۔۔۔
 
جواب: ميون ۾ سردار ميوو ” انب“

بس سائين اهو واهه جي ڪناري تي ويهي، سنڌڙي انب کي چوسڻ جو مزو۔۔۔۔۔۔۔ ڪڏهن ڪونه وسرندو۔۔۔۔

ادا رنجيت اوهانجون سڀ ڳالهيون سٺيون پر يار نم جي وڻ جي ٿڌڙي هوا ۾، آبڙي واه جي ڪپر تي ويهي انب چوسڻ جو مزو به واقعي پنهنجي جاءِ تي هو ۔۔۔

اهڙا ڏينهن ياد نه ڏيار ۔۔۔
اچي ٿي محبوبن جي سار ۔۔
ٿي نه وڃي ٿيلهو تيار ۔۔۔
پوءِ هِن پار يا هُن پار ۔۔۔
 
جواب: ميون ۾ سردار ميوو ” انب“

ادا رنجيت اوهانجون سڀ ڳالهيون سٺيون پر يار نم جي وڻ جي ٿڌڙي هوا ۾، آبڙي واه جي ڪپر تي ويهي انب چوسڻ جو مزو به واقعي پنهنجي جاءِ تي هو ۔۔۔

اهڙا ڏينهن ياد نه ڏيار ۔۔۔
اچي ٿي محبوبن جي سار ۔۔
ٿي نه وڃي ٿيلهو تيار ۔۔۔
پوءِ هِن پار يا هُن پار ۔۔۔

هل ابا سائين ته اصل واه جي ڳالهه ڪري اسان ته انبن چوسڻ لا پيا سُڪون، بس مٿين مهيني ۾ اسان به ڳوٺ وينداسين ۽ پنهنجي ڳوٺ وارا انب وڃي کائينڌاسين۔۔۔۔ منهنجي ته اصل درياهه به ويجهو آهي۔۔۔۔ مان سنڌو ندي ڪناري تي وڃي انب چوسيندس۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: ميون ۾ سردار ميوو ” انب“

هل ابا سائين ته اصل واه جي ڳالهه ڪري اسان ته انبن چوسڻ لا پيا سُڪون، بس مٿين مهيني ۾ اسان به ڳوٺ وينداسين ۽ پنهنجي ڳوٺ وارا انب وڃي کائينڌاسين۔۔۔۔ منهنجي ته اصل درياهه به ويجهو آهي۔۔۔۔ مان سنڌو ندي ڪناري تي وڃي انب چوسيندس۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
مٺڙا زاهد، مڪي پاڪ ڏانهن منهن ڪري انب چوسجانءِ من ڪو پاڻکي به هڏڪي اچي وڃي ۔۔۔
 
جواب: ميون ۾ سردار ميوو ” انب“

سائين زاهد صاحب جن ايئن ڪن يا نه پر آءُ ڪندس "واعدي سان"

اهڙا ڀلي جا ڪم ته اوهان هميشه ڪندا آهيو، پر اوهان نيت ڪجو، ڇاڪاڻ ته اوهانجا ته تمام گهڻا پرين پيارا هت آهن، بيشڪ انهن جي نيت به هجي ۔۔۔ جزاڪ الله خئير

۽ ها ادو زاهد به مهمانواز ماڻهون آهي، اهو به انب ضرور چوسيندو ۽ هيڏانهن منهن به ضرور ڪندو، اها پڪ آهي ۔۔۔
 
جواب: ميون ۾ سردار ميوو ” انب“

اهڙا ڀلي جا ڪم ته اوهان هميشه ڪندا آهيو، پر اوهان نيت ڪجو، ڇاڪاڻ ته اوهانجا ته تمام گهڻا پرين پيارا هت آهن، بيشڪ انهن جي نيت به هجي ۔۔۔ جزاڪ الله خئير

۽ ها ادو زاهد به مهمانواز ماڻهون آهي، اهو به انب ضرور چوسيندو ۽ هيڏانهن منهن به ضرور ڪندو، اها پڪ آهي ۔۔۔

سائين اسان به انبن جو مزو وٺنداسين۔ سو سائين زاهد کي گذارش آهي ته اسان جي پاسي ڏي به مُنهن ڪري هڪ به انب ڳڙڪائي وٺي۔۔۔ پر سائين جي انب جي نصل سنڌڙي هجي ته اصلي مزو اچي وڃي
 
جواب: ميون ۾ سردار ميوو ” انب“

سائين اسان به انبن جو مزو وٺنداسين۔ سو سائين زاهد کي گذارش آهي ته اسان جي پاسي ڏي به مُنهن ڪري هڪ به انب ڳڙڪائي وٺي۔۔۔ پر سائين جي انب جي نصل سنڌڙي هجي ته اصلي مزو اچي وڃي

ادي ممتاز وگهيي جا موڪليل سنڌڙي انب جيڪي پنڊي /ڇٻي ۾ آهن ۔۔۔ هڪ مون لئه، هڪ تو لئه ۽ هڪ ادي منير پاٽائي لئه آهي ۔۔۔ باقي دوست ٻيو بندوبست ڪن۔
 
جواب: ميون ۾ سردار ميوو ” انب“

سائين انبن جون مختلف ورائٽيون يعني قسم مارڪيٽ ۾ اچي پهتا آهن۔۔۔ الله جو شڪر جو هن ڀيري مينهن يا واءُ انبن کي تباهه نه ڪيو آهي۔۔۔ باقي ها ۔۔ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ گرمي ڪجهه ٿورو گهڻو اثر ڪيو اٿن۔۔۔
ڄامشورو ۾ انبن جا باغ ته ناهن پر پاڻ کي مڙئي ڳوٺان ڪو مٽ مائيٽ هفتي ٻن ۾ انبن جون "پيتيون"‌پيار منجهان موڪلي ٿو۔۔۔۔
 
ادا مست، اسانجو خئير آهي، ادي طاهر سنڌيءَ کي ڪجهه انب کارائجانءِ ۔۔۔ پاڻ وارا مٽ مائٽ پيٽيون ته پري جي ڳاله ڪو هڪ سير ئي موڪلن ته به ڳالهه ٺهي ۔۔۔ اوهانجي مائٽن کي شابش آهي جو انبن جون پيتيون ۽ اهي به پيار منهنجان، مطلب ته انبن جي مٺاس ٻيڻي ۔۔۔
 
واقعي سائين انب ته مارڪيٽن ۾ ملن پيا، هاڻي ته اڃان سستا ٿي ويا آهن۔۔ پر سائين جيڪا ڳالهه قرب منجهان موڪليل انبن جي آهي۔۔ اها ٻي ڪاٿي۔۔ ادو طاهر جڏهن ڄامشورو ۾ ايندو آهي ته مِينهن واءُ وانگر۔۔ هن ڀيري سائين سان پهرين ملاقات ٿي پر سائين اصل ترسيا ئي نه۔۔
 
جواب: ميون ۾ سردار ميوو ” انب“

واه سائين واه رات جو چانورن سان انب کائڻ ۾ ڇا ته مزو آهي۔
 
جواب: ميون ۾ سردار ميوو ” انب“

ڀائڙا ناصر، يار تو وٽ انب سستا آهن ته هڪ ڪلو هيڏانهن سعودي عرب ته موڪل، يار! کائي دعائون ڪبيون ۔۔۔ ٽيهه روپيا اوڌر ٿي ۔۔۔۔

سائين مان به کڻي موڪليان انب پر هتان ڪابه گاڏي ڄامشوور کان ڊائريڪٽ مڪه مڪرمه نه ٿي وڃي۔۔
 
Back
Top