• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عمرڪوٽ جي تتل ڀٽن ۾ نياڻي جو اڃ وگهي موت سواليا نشان بڻيل!

چانڊوڪي

سينيئر رڪن
عمرڪوٽ جي تتل ڀٽن ۾ نياڻي جو اڃ وگهي موت سواليا نشان بڻيل!
عمرڪوٽ (ن ڪ) عمرڪوٽ ويجهو پاڻي جي ڳولا ۾ ويل ماءُ پويان ويندڙ 3 ورهين جي نياڻي ڪملي جو تتل ڀٽن ۾ ڀٽڪي اڃ وگهي فوت ٿي وڃڻ سواليا نشان بڻيل آهي، عمرڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ رڙيهار ۾ اڪثر کوهه سڪي وڃڻ ۽ واٽر سپلاءِ جو پاڻي نه هئڻ ڪري علائقي واسين جو جياپو مشڪل بڻجي ويو آهي، ٿر ۾ هن واقعي کانپوءِ ٿر واسين ۾ سخت ڳڻتي جي لهر پکڙيل آهي، ٿر واسي اقتدار ڌڻين ڏانهن نهاري رهيا آهن ته اهي اهڙن واقعن کي روڪڻ ۽ رهواسين کي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪهڙا اپاءُ ٿا وٺن، ان سلسلي ۾ صوبائي وزير علي مردان شاهه چيو ته نياڻي جي اڃ وگهي فوت ٿيڻ تي سڄو ٿر ڏکارو آهي، هن چيو ته کوهن جو پاڻي انسانن لاءِ خطرناڪ بڻجي ويو آهي، برساتون نه پوڻ ڪري ذخيرو به ختم ٿي ويو آهي، هن وقت رهواسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ سخت پريشان آهن، هن چيو ته آئون واٽر سپلاءِ جي اسڪيم ڏيارڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهائيندس، ان سلسلي ۾ نياڻي جي والد ڪاوش سان ڳالهائيندي چيو ته زندگي جي وڏي ۾ وڏي تڪليف معصوم نياڻي جو اڃ وگهي فوت ٿيڻ آهي، هن حڪومت کان گهر ڪئي ته صاف پاڻي پهچائي باقي نياڻين کي اڃ مرڻ کان بچايو وڃي، ڪالم نگار سردار شاهه چيو ته ٿر جو 90 سيڪڙو پاڻي انسانن لاءِ خطرناڪ آهي، اڪثر کوهه سڪي ويا آهن، ٿري ماڻهو پيئڻ لاءِ پاڻي ڪٿان آڻين؟ مير حسين آريسر چيو ته حڪمرانن جي رويي جي ڪري ٿر واسي اڄ اڃ مري رهيا آهن، جنهن تي اسان سڀني کي ڳڻتي آهي.
 
جواب: عمرڪوٽ جي تتل ڀٽن ۾ نياڻي جو اڃ وگهي موت سواليا نشان بڻيل!

ن ڪ جي رپورٽ رڙيون ڪري پئي ٻُڌائي ته هر هنڌ پاڻي بند، بجلي بند، گيس بند، دوڪان بند، ڌنڌا بند، رڳو بند ئي بند آهي سرڪار سڀ اڇا واري پاليسي تي عمل پيرا آهي نه صرف ٿر جون معصوم نياڻيون اڃ وگهي الله کي پياريون ٿينديون پر سارا سنڌ واسي اٽي ، لٽي ۽ اجهي وگهي پنهنجين حياتين کان هٿ ڌوئيندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ نيرو ويچارو چين ۽ امن جي بانسريون وڄائيندو وتي هوڏانهن رُوم ويچارو وڃي۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top