انور پيرزادي کي ڀيٽا

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رزاق عاصي طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2015۔

  1. رزاق عاصي

    رزاق عاصي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2013
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    انور پيرزادي جي نانءُ

    رزاق عاصي

    جڏهن چنڊ چڙهي ٿوچوڏهينءَ جو
    چانڊوڪي ڪري ٿي سنڌ چاندي
    اُن وقت او! توکي وڻجهارا
    ٿا ڳولن بيت ڀٽائي جا
    ٿي ساري تار تنبوري جي
    موکي ۽ متارا راهه تڪن
    ”ڪلياڻ “ به سڏڪي روئي ٿو،
    ڪيڏاري جهڙي سنڌ ڏسي
    هڪ چنڊ ڀٽ آڏو دانهي ٿو
    هڪ شخص سنيها ڏيندو هو
    هيءُ زخمي زخمي شهر ڏسي
    ڌرتيءَ جي ڌڻين تي ڪهر ڏسي
    سرتاج سنڌين جي نالي ڪي
    لفظن کي مالها ۾ پوئي
    پيغام ڏنا ها مونکي جي
    مون ڀٽ ڌڻي کي پهچايا
    ڪي بيت ڀٽائيءَ آکيا ها،
    پيغام سي هُن کي ڏيڻا هن
    هوسنڌ سڄيءَ جو شهزادو
    جنهن گهوٽ ڀٽائي شاعر کي
    پڙ، پڙ مان ڪڍي پڙ تي آندو
    هن کي بس چئجو هي رڳو
    هي ديس صدين کان روڳي آ
    هر ماڻهو رمتو جوڳي آ
    جنهن لاءِ ڀٽائي سر به چيا
    هر ڪنهنجي وڄائڻ لاءِ وارو
    رکيل ڪي اڏين تي سر به چيا
    پيغام ڪي هن کي ڏيڻا هن
    هو شخص کان نظر دور آهي،
    پر ڪنهن کان وسريو ڪونه آهي،
    هوڪنهن کان وسريو ڪونه آهي.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هو شخص کان نظر دور آهي،
    پر ڪنهن کان وسريو ڪونه آهي،


    سنڌ جي سهڻي شخصيت کي بهترين ڀيٽا پيش ڪئي اٿو ...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو