• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄ به پازيب جو ساز وڄندو آهي



Aj%2Bbhi%2BPazeb%2Bjo%2Bsaaz.jpg

اڄ به پازيب جو ساز وڄندو آهي


آ ڏُکويَل ڏُکويَل حَياتي پرين
ڄَڻ ڏُکَن ساڻ مون پريت لاتي پرين
ها جڏهن ڪو ٿڌو ساهه کڄندو آهي
اڄ به پازيب جو ساز وڄندو آهي

اڄ به منهنجي خيالن ۾ ايندو آهي
مرڪي سامهون اچي گذري ويندو آهي
مونکان دامن ڇڏائڻ لئه ڀڄندو آهي
اڄ به پازيب جو ساز وڄندو آهي


رات ڪاريءَ ۾ تارن کي ڏسندو آهيان
تِن کي جوڙي تنهنجو نانءُ لِکندو آهيان
تون پڙهين ٿو پرين ايئن لڳندو آهي
اڄ به پازيب جو ساز وڄندو آهي

حجر جي رات ۾ هينئو جلندو آهي
دل ۾ درويش آڙاهه ٻرندو آهي
رَتُ نيڻن مان ڳوڙها ٿي وهندو آهي
اڄ به پازيب جو ساز وڄندو آهي


عمران درويش سومرو


دعا ۾ ياد
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
رات ڪاريءَ ۾ تارن کي ڏسندو آهيان
تِن کي جوڙي تنهنجو نانءُ لِکندو آهيان
تون پڙهين ٿو پرين ايئن لڳندو آهي
اڄ به پازيب جو ساز وڄندو آهي

خوبصورت شاعري .... وڻي
 
Back
Top