• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سامونڊي وَڻِجَارَي ڪَانڌَاءُ، مُون وَرُ وَيٺَي گَهارِيَو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jDY97qIk30Bv3.jpg


وَڻِجَارَي ڪَانڌَاءُ، مُون وَرُ وَيٺَي گَهارِيَو
لَڳَي اُتَرَ وَاءُ، ڍَولِيَو هَلَڻَ جُون ڪَرَي

سُرُ سَامُونڊِي

وَڻِجَارَي = سمنڊ رستي واپار ڪندڙ
ڪَانڌَاءُ = ڪانڌ کان، مڙس کان
وَرُ = ڀلو جيڪر، بهتر
ڍوليو = محبوب ، پرين

بيت جو پس منظر

~ وڻجَارَي گهوٽ سان لانئون لهڻ کان ڀلو هو ته مان پرڻجان ئي نه ها
~ اڃان اتر لڳو ئي مس آهي ته محبوب وڃڻ جون تياريون پيا ڪن

سمجهاڻي

هتي عورت کان ڪڏهن به شاديءَ جي باري ۾ راءِ ناهي پڇي ويندي. شاديءَ جي ڪجھ ئي عرصي بعد گهوٽ ڪنوار ۾ اختلاف ٿي پون ٿا. عورت کي ڪاري ڪري ماريو ٿو وڃي. طلاق ٿي وڃي ٿي يا رشتو ئي ختم ٿيو وڃي. جيڪڏهن عورت کي به انسان سمجهي کانئس به سندس زندگيءَ جي هن اهم فيصلي بابت راءِ پڇي وڃي ته جيڪر ڪيتريون زندگيون بچائي سگهجن ٿيون.

هن بيت ۾ هڪ نئين ڪنوار شڪايت ڪندي ٿي چئي ته جي اهڙي خبر هجي ها ته منهنجو مڙس وڻجارو آهي ته لانئون نه لهان ها، ڪنواري ويٺي هجان ها. پنهنجو حق بخشي شادي ئي نه ڪيان ها. ظلم ته ڏسو اڃان اتر جون هوائون گُهليون آهن ئي مس ته منهنجو گهوٽ وڃڻ جون تياريون پيو ڪري.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
Back
Top