ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل اڄ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رحه کي اسان کان جدا ٿئي 22 سال ٿي چڪا آهن. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رحه 9 محرم 1338هه مطابق 26 سيپٽمبر 1919ع تي تولد ٿيا. سندن اذان جو نالو نالو ”محمد زمان“ رکيو ويو. پاڻ ٻيو نمبر فرزند هئا. سندن وڏي ڀاءُ جو نالو به ”محمد زمان“ هو جو کانئن ٽي سال اڳ تولد ٿيو ۽ ساڳئي ڏينهن الله کي پيارو ٿي ويو. پاڻ جڏهن هن سالن جي عمر جا هئا ته الله تعاليٰ کيس هڪ ڀاءُ عطا ڪيو جنهن جو نالو ”امين محمد“ رکيو ويو پر ننڍو ”امين محمد“ به جڏهن هو چئن سالن جو هو ته گذاري ويو، تنهن ڪري پاڻ پنهنجي خاندان ۾ هڪڙو ئي ٻار هئا، جيڪي سڀني جي توجهه جو مرڪز بڻيا. حافظ ولي محمد صاحب مجاور درگاهه حضرت غوث الحق سرور نوح عليه رحمت مخدوم صاحب جن جا پهريان استاد مقرر ڪيا ويا. پاڻ وٽانئن قرآن شريف پڙهيائون. پاڻ سنڌي حاجي عبدالغفور وڪيلاڻي وٽ پڙهيا ۽ ان بعد آخوند عبدالرحمان انجم به کين سنڌي پڙهائي، فارسي ۾ سندن استاد مولوي عبدالحي ٺيڙهي وارو ۽ مولوي محمد عالم رهيو. سنڌي خان ”ميد“ جي زير نگراني خوش خطي ۾ ڪمال حاصل ڪيائون. انهيءَ کان علاوه پاڻ پنهنجي والد محترم مخدوم غلام محمد رح جي زير تربيت رهي تعليم و تربيت حاصل ڪيائون. درگاهه سروري، سڌ جي برگزيده هستين جي آماجگاهه رهي آهي. هن درگاهه جا سجاده نشين صاحب روحانيت سان گڏوگڏ علم و ادب سان به وابسته رهيا آهن. حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليه رحمت سنڌ جي مسلمانن جي مذهبي ۽ معاشرتي حالت سڌارڻ لاءِ جدوجهد سان گڏوگڏ جيڪو ٻيو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو هو، سو سندس قرآن شريف جو فارسي ترجمو آهي. اهو ترجمو دراصل هڪ علمي شاهڪار آهي. مخدوم طالب الموليٰ رح جي هڪ ٻئي بزرگ مخدوم فتح محمد صاحب جو لکيل رسالو ”فتحي“ ڏاڍو مشهور ٿيو. اهڙي طرح سندن والد محترم به شادي جو شغف رکندا هئا ۽ سندن چاچو مخدوم غلام حيدر صاحب جن به ناميارا اديب ۽ مصنف هئا. سندن لکيل ڪتاب ”سفينته النوح“ ڪافي شهرت حاصل ڪئي. انهيءَ ڪري مخدوم طالب الموليٰ عليه رحمت جنهن علمي ماحول ۾ تربيت حاصل ڪئي، ان سندن شخصيت تي گهرو اثر ڪيو ۽ پاڻ علم ۽ ادب ڏانهن وڌيڪ مائل ٿيا ۽ اڳتي هلي علمي ماحول ۾ اهڙو ته رنگجي ويا جو اهو ماحول سندن زندگي جو حصو بڻجي ويو. مخدوم صاحب جن جي زندگي شروعات کان ئي جستجو واري زندگي رهي آهي. ننڍپڻ کان ئي سندن رجحان شاعري ڏانهن هو ۽ کين راڳ سان دلچسپي هئي. پاڻ اڃا يارنهن سالن جا مس هئا ته کين سروري درگاهه جي مشهور شيدائي منٺار فقير راڄڙ سان رهاڻ ڪرڻ جو موقعو مليو. منٺار فقير روز صبح جو کين هڪ نئون ”ڏهر“ ٺاهي ٻڌائيندو هو. اتان مخدوم صاحب جن جو لاڙو شاعري ڏانهن ٿيو ۽ پوءِ اهو شوق وڌندو ويو. مخدوم صاحب جن مختلف تخلص استعمال ڪندا رهيا آهن مثلن ”بيوس“، ”فراقي“، ”زمان شاهه“، ”طالب“ ۽ آخر ۾ 1949ع کان پاڻ ”طالب الموليٰ“ جو تخلص استعمال ڪيائون ۽ ان بعد آخر وقت تائين پاڻ اهو تخلص استعمال ڪندا رهيا. مخدوم صاحب جن پنهنجي والد بزرگوار مخدوم ظهير الدين پريل ڄام جي 1927ع ۾ وفات بعد سجاده نشين ٿيا. ان وقت مخدوم طالب الموليٰ جي عمر اڃا اٺ سال هئي. مخدوم طالب الموليٰ جي والد حضرت غلام محمد رح جي وفات 16 ڊسمبر 1944ع ۾ ٿي. ان بعد مخدوم طالب الموليٰ رح درگاهه سروري جا سجاده نشين ٿيا. پاڻ اعليٰ اخلاق جو هڪ نمونو هئا. ننڍي وڏي، پنهنجي پرائي سان ڏاڍي خوش اخلاقي سان ملندا هئا. ايستائين جو پنهنجن مخالفن کان به ڪڏهن انتقام نه ورتائين ۽ نه وري پنهنجن مخالفن کي ڪڏهن گهٽ وڌ ڳالهايائين. اهو ئي سبب هو پنهنجو پرايو مخدوم صاحب جن جي حسن اخلاق جي واکاڻ ڪرڻ لاءِ مجبور هو. 1936ع ۾ جڏهن مخدوم صاحب جن جي عمر اڃا سترهن سال مس هئي ته هالن جي شهر ۾ ”انجمن علم و ادب“ جو پايو وڌائين. هن انجمن جي ذريعي ڪيتريون ئي ادبي ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون. ”طالب الموليٰ“ کي شروع کان وٺي علم و ادب جي فروغ جو شوق هو. جنهن ڪري هالا ۾ ”الزمان“ نالي هڪ پريس کولرايائين، جتان هفتيوار اخبارون ”پاسبان“ ۽ ”الزمان“ سندن سرپرستي هيٺ ڪڍيون ويون. ان بعد 1950ع هالا مان هڪ رسالو ”فردوس“ سندن سرپرستي ۾ جاري ٿيو. سنڌي شاعرن جي جماعت ”جميعت الشعريٰ“ جيڪا 1946ع ۾ قائم ٿي هئي، انهيءَ طرفان 1950ع ۾ حيدرآباد ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس جي موقعي تي مخدوم صاحب جن کي ”محبوب الشعريٰ“ جو لقب ڏنو ويو ۽ ٻه سال پوءِ 1952ع ”جميعت الشعريٰ“ جي جيڪب آباد واري اجلاس ۾ کين سرپرست چونڊيو ويو. 1952ع ۾ ماستر جمع خان ”غريب“ سندن سرپرستي هٺ سيستان شهر مان هڪ ماهوار رسالو ”طالب الموليٰ“ ڪڍيو. 1954ع ۾ پاڻ ”اداره روح ادب سنڌ“ جو بنياد رکيائون ۽ هڪ سال پوءِ انهيءَ اداري جي زير اهتام هالا ۾ راڳ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي ۽ ماهوار رسالو ”روح ادب“ جاري ڪيو ويو. وري 1956ع ۾ مخدوم صاحب جن جي سرپرستي هيٺ حيدرآباد مان ماهوار ”شاعر“ رسالو نڪرڻ لڳو. هن کان 1955ع ۾ پاڻ ”بزم طالب الموليٰ“ جو پايو وڌائون. هن بزم تحت ڪيتريون ئي ادبي محفلون ڪوٺايون ويون. مخدوم صاحب علم و ادب جي جيڪا عظيم خدمت سرانجام ڏني سا تعريف جوڳي آهي. مخدوم صاحب جن ادبي خدمت سان گڏوگڏ تحرير ۽ تصنيف به ڪندا رهيا. پاڻ مختلف موضوعن تي 17-18 ڪتاب لکيا اٿن، جن هيٺيان شايع ٿي چڪا آهن. 1 امام غزالي جا خط (ترجمو)، 2. اسلامي تصوف (تاليف)، 3. خود شناسي (ترجمو) 4. شيطان، 5. بهار (1942)، 6. رباعيات طالب (1949)، 7. ياد رفتگان (1953)، 8. مثنوي عقل و عشق (1955)، ڪچڪول (1955)، غير مطبوعه تصنيفات: 1. ڪافي بابت تحيق، 2. بياض طالب الموليٰ، 3. سنڌ جو شڪار، 4. يار خاطر، 5. مصري جون تڙون، 6. مضامين طالب الموليٰ، 7. سماع العاشقين في سرور الطالبين ۽ ڪجهه ٻيا ڪتاب. مخدوم طالب الموليٰ رح کي 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر نامزد ڪيو ويو. پاڻ حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن جي مشاورتي ڪاميٽي جا ميمبر به رهيا. 1955ع کان کين شاهه لطيف يادگار ڪميٽي ۽ ڪلچرل مرڪز جو ميمبر نامزد ڪيو ويو ۽ انهن ڪاميٽين تي تاحيات ميمبر رهيا. جنرل ايوب خان جي مارشل لا کانپوءِ 1961ع ۾ مخدوم طالب الموليٰ کي سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين نامزد ڪيو ويو. وري 1989ع ۾ ٻيهر پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين نامزد ٿيا پر بعد ۾ 1992ع ۾ انهيءَ جي ذميداري تان استعيفيٰ ڏيئي ڇڏيائون. مخدوم صاحب جن علم سياست ۾ ون يونٽ ٿيڻ کان اڳ قدم رکيو ۽ پاڻ سنڌ اسيمبلي جا ميمبر به رهيا. مخدوم صاحب جن جون خوبيون اڻ ڳڻيون آهن پاڻ ”پدرم سلطان بود“ ۾ يقين رکڻ جي بجاءِ ذاتي محنت ۽ عمل جا قائل هئا. سندن خدمتن جي اعتراف ۾ سنڌ يونيورسٽي طرفان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. مخدوم صاحب جن جا جيڪي دوست ۽ احباب آهن، اهي بخوبي ڄاڻن ٿا ته پاڻ هڪ ادارو هئا ۽ سندن خدمتون وسارڻ جوڳيون ڪونهن. مون کي سندن قربت جو گهڻو موقعو نه مليو، فقط ملاقاتن جو شرف حاصل ٿيو پر آئون سندن پرستار ضرور آهيان. عمل سان ئي ملي هر دم اي همدرد عزت ۽ عظمت نه هن تي ڀروسو ڪج ته فلان ابن فلان آهيان. (طالب الموليٰ رحه)