پيرسائين شاه مردان شاه اول

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالغني لوهار طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2015۔

  1. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    حضرت پير سائين سائين شاه مردان شاه (اول) ”ڪوٽ ڌڻي“ پنجون پيرپاڳارو قدس سرہٗ
    مڱڻيجو ڊاٽ ڪام
    حضرت پير سائين شاه مردان شاه (اول) درگاه شريف حصرت پير سائين روضي ڌڻي قدس سرہٗ جا پنجون نمبر سجادہ نشين هئا. سندن ولادت صفر المظفر جي 7 تاريخ 1279 ۾ درگاه شريف تي ٿي. پاڻ پير سائين تخت ڌڻي جا چوٿون نمبر فرزند هئا. درگاه شريف جي چوڌاري هڪ وڏو ڪوٽ ٺهرايائون ان ڪري جماعت کين ڪوٽ ڌڻي جي لقب سان ياد ڪندي آهي.
    پاڻ پنهنجي وڏي ڀاءُ سيد علي گوهر شاه پير سائين ”محافي ڌڻي“ قدس سرھٗ جي وصال بعد 35 سالن جي عمر ۾ مسند نشين ٿيا. تعليم و تربيت پنهنجي والد جي نگرانيءَ ۾ حاصل ڪيائون. وڏي عمر ۾ مسندنشين ٿيڻ جي ڪري جماعت درگاه شريف ۽ ملڪي مسائل کان چڱي طرح واقف هئا، جنهن ڪري انهن کي پنهنجي حڪمت عملي ۽ دورانديشيءَ سان حل ڪرڻ جي فڪر ۾ هوندا هئا. پير سائين بنگلي ڌڻي جي وقت کان شروع ٿيل انگريز مخالف حر تحريڪ پير سائين ڪوٽ ڌڻي جي دور ۾ سندن حڪمت عملي سان هڪ ٻئي رخ ۾ آئي جنهن ۾ ديني تعليم ۽ تربيت تي پاڻ گھڻو زور ڏنائون.
    پاڻ علم ۽ عالمن جا وڏا قدردان هئا. درگاه شريف تي جماعت جي تعليم ۽ عام مسلمانن واسطي هڪ عاليشان مدرسو قائم ڪرايائون. جنهن ۾ مفتي سعدالله خيرپوري (قاضي القضاة خيرپور رياست) مولانا عبدالرحمٰن ڌامراه، مولانا مير محمد کاهوڙي ۽ ٻيا وقت جا جَــيَّد عالمِ دين تعليم ڏيندا رهيا. مدرسي جي طالبن ۽ استادن کي وظيفا ۽ ٻيا اخراجات پنهنجي طرفان عنايت ڪندا هئا. فارغ التحصيل عالمن کي سندن علائقن ۽ ڳوٺن ۾ مڪتب ٺهرائي ڏيندا هئا ۽ انهن جون پگھارون به پاڻ ڏيندا هئا. 27 رجب المرجب جي موقعي تي ملڪ جي ناميارن عالمن کي مدعو ڪندا هئا. کين تحفن وظيفن ۽ وڏين عزتن، خدمتن سان نوازش ڪندا هئا. روايت آهي ته هڪ دفعي مولانا عبدالغفور هُمايوني صاحب کي ان موقعي تي سون جي تارُن ۽ جواهرن سان جڙيل قيمتي چوغو تحفي ۾ ڏنو هئائون.
    پاڻ وڏا اهلِ دل ۽ فـيّاض هئا. پاڙي جي غريبن ۽ مسڪينن جي چڱيءَ طرح سار سنڀار ڪندا هئا. تر ۽ آس پاس جي غريبن جي وٽن پوري فهرست ٺهيل هوندي هئي.
    هڪ ڀيري سنڌ ۾ سخت ڏڪر پيو، پاڻ دل کولي غريبن جي مدد ڪيائون. نوشهري فيروز تائين اَن جون گاڏيون ۽ ڪپڙو عام ماڻهن ۾ تقسيم ڪرايائون. فقير امام بخش لغاري ٻڌايو ته هرهڪ وڳو جدا جدا هو جنهن ۾ هڪ سئي ۽ هڪ ڍيري به پيل هئي.
    هڪ ڀيري پنج سئو ماڻهو گڏ ڪري حجِ بيت الله لاءِ روانا ٿيا. اتفاقًا ان وقت جهاز نه ملي سگھيو، پاڻ حج واري سموري رقم مان ڪجھ خير ڪري باقي روضي شريف ۽ مسجد شريف جي مينارن تي سون جو نهايت عاليشان ڪم ڪرايائون.
    روهڙي ۾ حضور پاڪ صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم جي وار مبارڪ جي مٿان عاليشان روضو تعمير ڪرايائون ۽ ان کان سواءِ حضرت مخدوم محمد اسماعيل پريان لوئي قدس سرہٗ جي روضي جي تعمير ڪرايائون ۽ اتي جي خدمت ۽ ان جي حفاظت لاءِ درگاه شريف جي طرفان انتظام ڪيائون. سندن خدمت ۾ سدائين وقت جا جيد عالم موجود هوندا هئا. تن مان مفتي عبدالغفور همايوني عليہ الرحمة، مولانا نظر محمد انڍڙ عيلہ الرحمة، مولانا عبدالرحمٰن سکر وارو مشهور آهن.
    پاڻ جماعت ۽ عام مسلمانن جي ڀلائيءَ لاءِ پنهنجي خرچ تي هزارين ڪتاب ڇپرائي تقسيم ڪرايائون. جن ۾ تفسيرِڪوثر جيڪو 2000 صفحن تي مشتمل آهي. برڪات النڪاح و آفات الزنا، زڪوات جون برڪتون ۽ ٻيا ديني احڪام، بيعت نامه لهداية المريدين، قاطع البدعت في انتباه الغافلين، تنبيية الابطلة في حرمة مال ربوية ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. ان کان علاوہ پاڻ ڪجھ ٻين ڳوٺن ۾ پڻ ڇاپا خانا ٺهرايائون. جتان ڪتاب پنهنجي خرچ تي ڇپجي عام مسلمانن ۾ مفت تقسيم ڪيا ويندا هئا. ان کان سواءِ درگاه شريف تي معراج النبيﷺ، ميلاد النبيﷺ، عيدالفطر، عيدالاضحيٰ ۽ هر مهيني پيرانِ پير جي يارهين جو باقاعدہ اهتمام ڪيو ويندو هو. هن نهايت سخي ۽ متوڪل علي الله پير پاڳاري 61 سالن جي عمر ۾ تاريخ 7 ربيع الاول 1340ه بمطابق 8 نومبر 1921ع تي وصال فرمايو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو