ميمڻ عبدالغفور سنڌي درازن ۾ ”فاروقي درگاه“، سنڌ جي وڏين خانقاهن ۾ شمار ٿئي ٿي – 93هه (711ع) ۾ محمد بن قاسم سان ميان شهاب الدين نالي هڪ بزرگ گڏجي سنڌ ۾ آيو هو؛ ۽ سيوهڻ ۾ رهڻ لڳو. سندس پشت مان ميان ابو سعيد لڏي اچي راڻيپور (خيرپور ميرس) جي ڀرسان اچي ويٺو؛ ۽ اُتي ئي وفات ڪيائين. سندس نائين پيڙهيءَ ۾ خواجه محمد حافظ المعروف ميان صاحبڏنو (1697ع – 1788ع ۾ پيدا ٿيو. کيس ٻه فررزند: ميان عبدالحق (اول) ۽ ميان صلاح الدين هئا. ... ميان عبدالحق، پيءُ جي پڳ سنڀالي. کانئس پوءِ سخي قبول محمد (اول)، خواجه نظر محمد- خواجه نجم الدين ۽ سخي قبول محمد (ثاني) هن درگاه جا مدار المهام (جاءِ نشين) ٿيا. سخي قبول محمد (ٻيو) ولد خواجه نجم الدين، 22 ربيع الاول 1258هه مطابق 27 آگسٽ 1842ع تي درازن ۾ ڄائو هو. سنڌي ۽ فارسيءَ جي ابتدائي تعليم راڻيپور ۾ پنهنجي عزيز مولوي عبدالقادر وٽان ورتائين – 1855ع ۾ پاڻ اڃا يارهن سالن جو مس ٿيو، ته سندس والد وفات ڪري ويو؛ جنهن ڪري درگاه جي ذميواري سندس حوالي سونپي وئي. پوءِ ته پڙهڻ ڇڏي، رات ڏينهن خدا جي ذڪر اَذڪار ۾ رڌل رهيو. خداوند سندس درجو بلند ڪيو هو؛ جنهن ڪري پرهيزگاريءَ سببان ستت ئي بزرگيءَ کي وڃي رسيو. ڪيترائي سندس فيض مان مستفيض ٿيا. پاڻ وڏن جي پيروي ڪندي، درگاه جون حدون نه اورنگهيائين. شريعت جو پابند ۽ حق سچ چوڻ ۾ ڪنهن کان به نه ڊڄندو هو. حلال رزق کائيندو هو؛ ۽ هميشہ پنهنجي طالبن کي حرام کان منع ڪندو هو. انهيءَ سلسلي ۾ کانئس ڪافي ڪرامتون به سرزد ٿيون.پاڻ شهنشاه - عشق حضرت سچل سرمست رح جي صوفيانه تعليمات کي فروغ ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيائين. وٽس هر مذهب جا ماڻهو بنا ڪنهن جهجهڪ جي ايندا هئا. هي نوراني چهري واري بزرگ، مٿي تي سائي دستار ٻڌندو هو. سفيد چاپهين ڏاڙهي ۽ اکيون بادامي هونديون هيس. سندس دعا مستجاب هوندي هئي. اڪثر ڪري دعا جي وقت مٿي (آسمان طرف) نهاريندو هو. سندس ”سخاوت“ مشهور هئي. سومر جي رات 23 ذوالقعد 1343هه مطابق 15 جون 1925ع تي وفات ڪيائين. کيس روضي اندر آرامي ڪيو ويو. اولاد ۾ چار فرزند: ميان محمد بچل، ميان محمد پريل، ميان صاحبڏنو ۽ ميان رستم علي هيس، جن ۾ پهريان ٻه سندس حياتيءَ ۾ ئي رخصت وٺي ويا هئا. سندس گادي ميان صاحبڏني (ثاني) سنڀالي.