گهڻي عرصي کان پوءِ هتي لکڻ جو اتفاق ٿي رهيو آهي. پٺين ڏينهن ۾ سوره فاطر جي ٻن آيتن تي غور ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو. جن ۾ سُنتِ الاهي جو دستور صاف ظاهر آهي آيتن جو ترجمو سوره فاطر آيت نمبر 43، 44 ۽ سڄي زمين تي انهن جو شيخيون ۽ بُريون چالون (وڌيون) حالنڪه بُريون چالون ته چالبازن کي ئي گهيري وٺنديون آهن. ته ڇا اهي پهرين جي دستور جا منتظر آهن؟ بس اوهان اله جي سنت (دستور ) ۾ ڪا تبديلي هر گز نه پائيندين. ۽ نه ئي الله جي دستور کي ٽرندو ڏسندين 43. ڇا اهي زمين ۾ هلي ڦري نه ٿا ڏسن ته اهي ماڻهون جيڪي انهن کان پهريان هيا انهن جو انجام ڪهڙو ٿيو؟ حالنڪه اهي هنن کان قوت ۾ گهڻا هيا. ۽ الله اهڙو ناهي جنهن کي زمين و آسمان جي ڪا شئي عاجز ڪري سگهي. بي شڪ اهو ڄاڻدڙ قدرت وارو آهي. 44 آيت نمبر 43 ۾ سنت الاهي مطلق عجيب منظر آهي هن آيت ۾ اولين جو تزڪرو آهي ۽ ان سان گڏ موجود لاءِ تنبيھ آهي ۽ فيصلو اٽل آهي جنهن فيصلي ۾ ڪا خاص لاءِ ڇوٽ ناهي نه ڪا عام لاءِ جدا رَوَش آهي عربي عبارت جا لافاظ استعمال ٿيل آهن (فهل ينظرون الا سنت الاولين فلن تجد لِسُنت الله تبديلا ه ولن تجد و لِسُنت الله تحويلا) يعني اولين جو تذڪرو ڪيو ويو آهي ته جيڪا الله جي اڳين لاءِ روش هئي سڳي روش اوهان لاءِ پڻ آهي ان ۾ نه تبديلي آهي نه ئي ڪو استصنى آهي جيڪو حال اڳين امتن جو ٿيو هو جن روشن جي ڪري اهو حال جيڪو سُنت الاهي جي روش جو آهي ان ۾ ڪا تبديلي ممڪن ناهي الاهي سُنت هر حال ۾ ساڳي رهندي. ائين انهي ته سُنتِ الاهي جي عمل تي ڪو زمان ڪو مڪان ڪو علائقو ڪو موسم ڪا شئي اثر انداز ٿيندي روشِ الاهي هميشه جيان رهي آهي ائين ئي رهندي. پوءِ اڳين آيت ۾ وري قرآن ڪريم عجيب دعوتِ فڪر ڏني آهي ته زمين تياوهان سير ڪري ڏسو ته پهرين امتن سان ڇا ٿيو جڏهن ته اهي طاقت ۾ اوهان کان به وڌيڪ هيا. مثال جي طور اوهان ۽ اسان احرامِ مصر کي ڏسو اڄ به دنيا حيران آهي ته هي دنيا عجيب آهي هنن جون باقيات ايتريون شاهڪار آهن ته انهن جو زمان ڪيترو شهڪار رهيو هوندو ان جي باوجود انهن جو جيڪو حال ٿيو سو ڪنهن کان لڪل ڇپيل ناهي. اسان وٽ لفظ سنت جي معنى عجيب آهي پر جي اوهان عربي ۾ سُنت جي معنى ڏسندؤ ته سنت جي معنى آهي چهرو پر عام چهرو نه بلڪه اهو چهرو جيڪو اڀريل هجي هر عام چهرو نه بلڪه اڀريل چهرو، رستو تنگ رستو نه بلڪه کليل رستو. اهو ئي سب آهي جو هر نبي جو زڪر ناهي نه هر نبي جي قوم جو زڪر آهي صرف انهن انبياءِ ۽ سندن قوم جو زڪر آهي جيڪي قومون ذلت ۾ اڀريل يا نمايان حيثيت رکن پيو الله انهن قومن جو تفصيلي زڪر ڪيو آهي ۽ وري ان کان به مٿانهين ڳالھ جيڪا آهي اها اها آهي ته انهن قومن جو الله زڪر ڇو ڪيو آهي انهن قومن جي الله تاريخ بيان ڪئي آهي تاريخ به اها بيان ڪئي آهي جيڪا انساني سرنوشت آهي انساني بازگشت آهي جنهن تاريخ ۾ اتان جي بايوگرافي آهي نه ئي اتان جي قومن ڊيٽ آف برٿ آهي ڇو جو انهن ٻنهي تاريخن ۾ انسان جي لاءِ ڪا هدايت موجود ناهي الله انهن قومن جي اها تاريخ بيان ڪئي آهي جنهن ۾ انساني سرنوشت آهي. هاڻي جيڪا قوم به ان سرنوشتت کان گذرندي اها قوم ان حادثي جو شڪر ٿيندي جيڪا اڳين امت يا امتون ٿيون آهن هاڻي ائين ناهي ته هڪڙي امت لاءِ ڪا انجام ڪاري هجي ۽ ٻي امت لاءِ ان ئي گناه جو ڪو ٻيوا نجام هجي نه ائين ناهي بلڪه سُنت الاهي ۾ نه ڪا تبديلي ممڪن آهي نه ڪا تحويل موجود آهي هاڻي هتي لفظ تجد و تحويل جي الفاظن تي بحث طولاني ٿي ويندو تجدد يعني انهن ۾ هميشگي آهي تحويل ان ۾ ڪو خاص و عام لاءِ سيڪش ناهي جيئن دنيا جي آئين ۾ هوندو آهي ته ڇو جو هي هن عهدي جو ماڪ آهي ته ان کي ڇوٽ آهي يا آئين ۾ تبديلي ڪري ان جي هويت بگاڙي ويندي آهي. سو پروردگار انبياءِ هي زريعي زلتن جي رستي جي راهين کي هميشه آگاه رکيو ته هي حلاڪت جا رستا آهن انهن رستن ۾ ڪاتبديلي ناهي اچڻي ها حلاڪت کان بچڻ جو هڪڙو ئي زريعو آهي ته جي ذلت جو رستو انسان ڇڏي ته عزت دار ٿي ويندو پر جي ڪو عزت حق جو رستو ڇڏي ته هي مقدرِ الاه آهي ته اهو عزت دار ذليل ٿيندو. الله جي سنت يعني الله جو اهو رستو جنهن تان پهريون امتون به گذري ويون آهن جنهن تان هي امت به گذري رهي آهي. هاڻي هن امت لاءِ ڪو خاص قانون ناهي ته هي ذلت جي رستي تي دائم رهي ۽ ان کي عزت عطا ٿي وڃي نه اهو سنت الاهي ۾ ممڪن ناهي. جي ڪا امت تور ۾ گهٽ واڌ ڪندي هئي ته ان تي عذاب نازل ٿيو ته اڄ ائين ناهي ته هي امت اهو ڪم ڪري ته ان ۾ سُنت الاهي ۾ ڪا تبديلي ايندي نه اهو ممڪن ناهي. جن انبياءِ جي تعليمات کي سپِ پُشت وڌو تن جي تباهي يقيني ڪالھ به هئي اڄ به آهي اها ئي سُنتِ الاهي آهي. رشوت جي زريعي حلال کي حرام ۽ حرام کي حلال ڪيو ته ان جا نتيجا بد ڪالھ به نڪرندا هيا ته اڄ به نڪرن ٿا هي جيڪا سماج ۾ ذلت جي بازار گرم آهي ان جو ڪارڻ تعليماتِ رسول کان انحراف جو نتيجو آهي اسان کي آخرت ۾ جنت جو جهانسو ڏئي ڪري جن تعليمات ۾ تحريفات ڪئي وئي آهي ان لاءِ دين جا رسته ميٽجندا وڃن ٿا. انبياءُ رسولن جو مقصد امت کان گناه ڇڏرائڻ هيو نه ڪي گنهگارن کي معاف ڪري انه کي شه ڏيڻ هو. بخشش جو مطلب به اهو ئي هيو ته انسان جنهن گمراهي جي رستي تي آهي ان رستي تان هٽي ڪري ڀلائي جي رتي تي اچي. اڄوڪااسان جي سماج ۾ حادث ان جو ثبوت آهن ته هي اهي ڪارستانيون آهن 55 ماڻهون بسن ۾ سڙي مري ٿا وڃن. شايد موٽروي پولسي جو اهڪار نمازي به هجي حاجي به هجي پرهيزگارر به هجي يا ان بس ۾ موجود ڪيترائي پرهيزگار ماڻهون هوندا جن جي لاءِ مغفرت جون دعائون به گهريون وينديون ۽ يقينن گهرڻ به گهرجن پر جي اسان زندگي ۾ حلاڪت کان نه بچي سگهيا سون ته موت کان پوءِ يقيني حلاقت جا آثار رهندا. ظلم ته ڏسو اسان جي سماج جا سڀ جا سڀ ادارا ڪرپٽ آهن اهو ئي سبب آهي جو ڪنهن هڪ کي گنهگار قرار نه ٿو ڏئي سگهجي پوءِ مسجدون امام بارگاهون چرچ توڙي مندر سڀ آباد آهن ليڪن حلاڪتن جا سلسلا پڻ جاري آهن. سنتِ الاهي آهي ته حلاڪت تي هلندڙ انسان حلاڪت ۾ ضرور پوندو حلاڪت جي رستي تان اهو ماڻهون بچي سگهي ٿو جيڪو حلاڪت جي رستي تان نڪري نجات جي رستي تي اچي اسان جي معاشري ۾ جيسيتائين ڪرپشن جو سلسلو جاري ساري رهندو هي حلاڪت جو سلسلو جاري و ساري رهندو. حلاڪت کان بچڻ لاءِ ضرور ي آهي ته پهريان اسان ان حلاڪت جي رستي کان پاسو ڪريون اسان جيسيتائين پنهنجون ذميداريون نه پوريون ڪندا سين ته انهن مصيبتن ۾ مبتلا رهندا سين . جي سانهي پشاور کي دهشتگردي قرار ڏنو وڃي ٿو جيڪو يقينن اها دهشتگردي پڻ آهي، صرف پشاور نه بلڪه هر اهو واقعو جنهن ۾ انساني جانين جو ذيان ٿي رهيو آهي انهن واقعن کي دهشتگردي ڄاتو وڃي. 55 ماڻهن جو سڙي اجل جو شڪار ٿيڻ پڻ دهشتگردي آهي جيڪو شاه خسانو آهي ڪرپشن جو غير ذميداري جو. آخر ۾ هڪ شعر اوهانجي نظر دعائين ڀي عزائم ڪا ساٿ ديتي هين دعا ڀي ڪر اور دردِ علاج ڀي ڍهونڍ وسلام