رات رڳو سگريٽ ڦوڪڻ سان ئي ته رات ڪانه گذرندي! هُن کي سُڌ هئي اها پوءِ به هُو ائين ڪندو رهيو هو سڄي رات دُکندو رهيو هو- هُو به سگريٽ جيان کوڙ ڀيرا سوچيو هئائين ته ڇڏي ڏيندو سگريٽ ڇڪڻ ۽ سگريٽ جيان دُکڻ! پر رات اچي ئي ويندي هئي هر شام کان پوءِ! ۽ کڻي ايندي هئي پاڻ ساڻ اُهوئي جاڳڻ ۽ جلڻ! چوڌار اُڻي ڇڏيندي هئي دونهين جو ڄارُ! ( امداد حسيني )