You are using an out of date browser. It may not display this or other websites correctly.
You should upgrade or use an
alternative browser.
لَڳي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙوئِي لَهسِيو؛
اُڀَنِ مَنجھان آيو، ”هيءِ! هيءِ!“ جو هڳاءُ؛
طُيورَنِ تَنوارِيو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ؛
رَسِيو سُورُ شَبانَ کي، وُحُوشَنِ وَٽاءُ؛
مِرُوئَنِ موتُ قَبُولِيو، اَپَرِ اَفسوساءُ؛
بَرَ پِڻُ ڪن بُڪاءُ، اُڪَنڍِيا آرِيءَ لَءِ گھڻو