• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رات آئي وَئِي، تُون نه آئين ڪَهِي!

غلام مرتضى ٿهيم

سينيئر رڪن
رات آئي وَئِي، تُون نه آئين ڪَهِي!

ماڪَ ۾ مينڌرا! ڪاڪِ رُئندي رَهي.

مِينهَن موٽي ويا، ڏينهَن اُڀري لٿا،
تُون نه آئين پِرين! وِهه لڳي ٿي وَهي.
سانورا! تو سَوا ڇانورا ڇا ڪبا!
لوءَ تُنهنجي لَڌِي، لُوءَ لڳندي رهي.
او وڃان مان وڃان، ڪيئن ڀيرو ڀڃان!
سِج ويندو لهي، پيرَ ويندا ڊَهي.
ڪنهن به اورار بيهي نه پاتو پرين،
تون نه ميهارُ آهين، نه تو وَٽ مَهي.
سِر ”اياز“ اڄ ڏِنو، ڪنهن ڄاتو ته ڇو؟
رَتُ اَڏيءَ تان اَڏيو، سِنڌُ ڏسندي رهِي.
 
Back
Top