السلام عليڪم دوستو ! ونرار ۾ پاسورڊ ڪهڙي طرح لڳايو ويندو آهي ؟ ۽ ڇا ونرار ۾ ڪو اهڙو طريقو به آهي ته فائل کي پاسورڊ لڳائڻ کان پوءِ اهو طريقو استعمال ڪجي ته اُها فائل ڪاپي يا ڪٽ نه ٿئي؟؟؟؟؟؟؟ جواب جو انتظار
وعليڪم السلام. سڀ کان پهرين ڪنهن به فائل کي ونرار ۾ ڪنورٽ ڪريو. پو ان کي کوليو، پو ونرار جي مينيو ۾ Add جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو، هاڻي توهان جي سامهون ونرار ۾ هڪ نئين ونڊو کُلي پوندي. پو توهان ان مان Advance جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو، پو set Password جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو، پو پاسورڊ لڳايو ۽ OK جوبٽڻ دٻايو.
سائين محترم ! اوهان جي سمجهاڻي مطابق طريقو استعمال ڪريان ٿو ته اُتي سيٽ پاسورڊ جو آپشن ئي نه آهي. وڌيڪ تصوير کي ڏسو.
سائين پاسورڊ لڳائڻ جو طريقو مٿي ٻڌايو ته اٿم.. آسان ته آهي.. توهان پهرين فائل کي ونرار ۾ ڪنورٽ ڪريو، يا ڪمپريس ڪريو.. پو توهان ان فائل کي رار ۾ کوليو ۽ پو Add جي بٽڻ تي دٻايو.. مون ته ٽي فائلن تي هينئر پاسورڊ لڳايو ته لڳي پيو..
سائين مان هن طرح فائل کي ونرار ڪريان ٿو پر جڏہن سائين عبيد الله جي طريقي متعلق پاسورڊ لڳائڻ جي لاءِ اچان ٿو ته اتي پاسورڊ جو آپشن ئي نه آهي. ڏسي هي تصوير ؛
نه ائين .. توهان send to واري آپشن تي وڃو اتي compress جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.. پو ئي توهان پاسورڊ لڳائي سگهو ٿا.
ادا عبد الله اوهان ته هميشه سخي رهيا آهيو! وري ڇا ٿا لڪايو؟ لڳي ٿو ته ڪو نئون قيمتي تحفو هٿ ڪيو اٿئي! لاڙڪاڻي وري چڪر ڏيڻو پوندو.