• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ابو واصف لاء سنڌ سلامت اوارڊ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jboJetfzWfKtei.JPG

سنڌ سلامت جي محسن ۽ سٻاجهڙي دوست اسد الله ڀٽو المعروف ابو واصف کي سنڌ سلامت تي گرافڪس ۽ مسلسل ٽن سالن لاء ڪيلينڊر ڊزائن ڪرڻ تي سنڌ سلامت 2012 جو اوارڊ ڏنو ويو هيو. اهو اوارڊ ڪجهه مصروفيتن سبب هو وٺي ڪونه سگهيو هو. هن دفعي حيدر آباد ۾ ساڻس ڪچهري به ٿي ته کيس هي اوارڊ به پيش ڪيم. ان موقعي تي مون سان گڏ ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري ۽ غلام مرتضى وساڻ پڻ گڏ هيا.

سائين ابو واصف اوهان لاء دعائون ۽ نيڪ خواهشون .... سدا سلامت هجو.

jOibLEFcDxykG.JPG
 
ماشاالله... سڀ شخصيتون لازوال ۽ بي مثال...
سنڌسلامت فورم جا سرواڻ ساٿي اسان جي شهر ۾ آيا ۽ ويا به هليا....!!
بيحد افسوس ٿيو جو ايترو قريب آيل دوستن سان ملاقات جو شرف حاصل نه ڪري سگهيس، ادا سليمان وساڻ تي خاص ميار.
 
ان ڏينهن حيدر آباد ايندي مون اوهان کي گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڪالون ڪيو پر اوهان فون اٽينڊ ڪونه ڪيو ... جمعي واري ڏينهن شام جو پنجين بجي ڌاران .. ان ڳالهه جا شاهد ڊاڪٽر حفيظ ۽ مرتضى پڻ آهن جيڪي به اوهان سان ملڻ پيا گهرن .... پر شايد اوهان جي ڪا مجبوري هوندي جو اوهان ڪال رسيو ڪونه ڪئي ..... خير پوء به مياري آهيون ۽ ڏنڊ ڀري ڏينداسون. مون ته فيسبوڪ تي به اسٽيٽس اپڊيٽ ڪيو ۽ ڪافي مهربان دوست ملڻ آيا ۽ ڪچهريون ٿيون.
 
ادا سليمان...مان اصل ۾ گذريل هفتي کان بيمار آهيان. مسلسل دوائن کائڻ سان بيحد ڪمزوري به ٿي پئي آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ واقعي توهان جون ڪالز آيون هيون، طبيعت جي خرابي ايتري هئي جو اٽينڊ ڪرڻ کان به لاچار هئس. مون اهو سمجهيو ته توهان ڪراچي مان ڪال پيا ڪريو، بعد ۾ ڪال ڪري وٺندس. ان لا دلي معذرت.
مون کي توهان دوستن جي آمد جي خبر هجي ها ته پنهنجي غريب خاني تي ضرور گهرايان ها. منهنجي عيادت به ڪريو ها ته ملاقات به پر افسوس قسمت ۾ ملڻ نه لکيو هو.
 
اوهان جي صحتيابي لاء دعاگو ..... سدا سلامت هجو، زندگي رهي ته ميلا ۽ ملاقاتون ٿينديون رهنديون
 
ماشاالله... سڀ شخصيتون لازوال ۽ بي مثال...
سنڌسلامت فورم جا سرواڻ ساٿي اسان جي شهر ۾ آيا ۽ ويا به هليا....!!
بيحد افسوس ٿيو جو ايترو قريب آيل دوستن سان ملاقات جو شرف حاصل نه ڪري سگهيس، ادا سليمان وساڻ تي خاص ميار.
سڀئي سهڻيون شخصيتون محبتي ۽ بي مثال ضرور آهن مگر لازوال هرگز ناهن!
 
هن دفعي حيدر آباد ۾ ساڻس ڪچهري به ٿي ته کيس هي اوارڊ به پيش ڪيم.
ابو واصف هڪ سٻاجهڙو انسان. خير خواهه ۽ جاکوڙي.
ساڻس مُلاقات دوران سندس خاموش ۽ سنجيده شخصيت طور سُڃاڻپ ٿي پر جڏهن مرتضى ڀوڳ شروع ڪيا ته ابو واصف جي مسڪراهٽ ڪنهن معصوم ٻار جهڙي لڳي. سدا خوش هُجو.
بيحد افسوس ٿيو جو ايترو قريب آيل دوستن سان ملاقات جو شرف حاصل نه ڪري سگهيس، ادا سليمان وساڻ تي خاص ميار.
پيارا اوهان سان ملڻ جي وڏي اُڪير هُئي. مون وٽ اوهان جو نمبر نه هُجڻ ڪري سليمان جي مدد سان رابطي جي ڪوشش ڪئيسين پر رابطو نه ٿي سگهيو. خير حياتي آهي ته جُدائي آهي ئي ڪونه. هڪ ڏينهن ملي وٺبو.
 
عجب جهڙي ڳالھ آهي ته مان ڪافي ڀيرا سنڌي لينگئيج اٿارٽي ويندو رهيو آهيان پر ڪڏهن ادا ابو واصف ساڻ ملاقات نه ٿي آهي پر هن ڀيري هلي وڃي کيس سلام ڪبو... سندس سنڌ سلامت لا ڪيل ڪاوش تي کيس کي جس هجي ۽ سنڌ سلامت پاران سندس ان ڪاوش تي مليل آڌر ڀا تي احترام ساڻ مبارڪون پيش ڪيان ٿو. سنڌ سلامت کي به جس هجي جو وقت به وقت پنهنجن لکندڙ ۽ پڙهندڙ ساٿارين کي اعزازن ساڻ نوازي ٿي. ان ساڻ نوجوان توڙي نون دوستن جو مان مٿائون ٿئي ٿو ۽ اڳتي وڌڻ جو چاھ وڌيڪ وڌي ٿو...

سائين اسد الله صاحب کي هڪ ڀيرو ٻيهر مبارڪون ... شال آباد هجو

چارڻ
بي 796 دادو ..
 
سائين محترم ابو واصف کي سندس ڪيل خدمتن تي مليل ايوارڊ تي سڪ سان مبارڪون پيش ڪريون ٿا.
بيشڪ سائين جن سنڌي ٻولي لا خدمتون سر انجام ڏين ٿا.
اسان جي مٿان به سائين جن سان بيشمار احسان آهن.
جزاه الله تعالى احسن الجزاء في الدنيا و الآخرة (الله تعالى سندن کي دنيا ۽ آخرت ۾ سهڻو بدلو عطا فرمائي. آمين)
 
عجب جهڙي ڳالھ آهي ته مان ڪافي ڀيرا سنڌي لينگئيج اٿارٽي ويندو رهيو آهيان پر ڪڏهن ادا ابو واصف ساڻ ملاقات نه ٿي آهي پر هن ڀيري هلي وڃي کيس سلام ڪبو... سندس سنڌ سلامت لا ڪيل ڪاوش تي کيس کي جس هجي ۽ سنڌ سلامت پاران سندس ان ڪاوش تي مليل آڌر ڀا تي احترام ساڻ مبارڪون پيش ڪيان ٿو. سنڌ سلامت کي به جس هجي جو وقت به وقت پنهنجن لکندڙ ۽ پڙهندڙ ساٿارين کي اعزازن ساڻ نوازي ٿي. ان ساڻ نوجوان توڙي نون دوستن جو مان مٿائون ٿئي ٿو ۽ اڳتي وڌڻ جو چاھ وڌيڪ وڌي ٿو...

سائين اسد الله صاحب کي هڪ ڀيرو ٻيهر مبارڪون ... شال آباد هجو

چارڻ
بي 796 دادو ..

ابو واصف جي شخصيت ئي اهڙي آهي سڀني کان نرالو، بلڪل خاموش، بلڪل ماٺ ۾ رهندڙ پر وڏي ڪم وارو، نرالا ڪم ڪرڻ وارو، سدائين هر ڪنهن جي مدد ڪرڻ وارو.
هو بس ڪم سان ڪم رکندڙ ماڻهو آهي ..... ساڻس ملاقات ضرور ڪجو پر اتي هو اسد ڀٽو جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي.
 
حاضر سائين سليمان صاحب ائين ئي ڪبو ۽ جلد هي وري لينگئيج اٿارٽي جو چڪر لڳڻ وارو آهي سو هلي وڃي ملبو مٺي اسد الله ساڻ ...
 
جيڪي دوست محنت ڪن ٿا انهن جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي هي هڪ تمام ڳالهه آهي خوشي ٿي
محترم ڀا ابو واصف کي مبارڪون هجن
 
Back
Top