وِکريل يادون_ ڪالم ڪهاڻي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ابو مُرڪ طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2015۔

  1. ابو مُرڪ

    ابو مُرڪ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ ملازم
    ماڳ:
    عمرڪوٽ حيدرآباد
    وکريل يادون

    علي نواز آريسر


    ڪافي عرصي کان دوست ”اسٽوڊنٽ ويڪ“ جي نالي سان هڪ ڏهاڙو ملهائيندا پيا اچن. هن ڏهاڙي تي نج ادبي موضوع تي ڳالهايو ويندو آهي. نوان لکندڙ نوجوان هر هفتي پنهنجون نڪور لکڻيون لکي کڻي ايندا آهن ۽ پوءِ انهن تي بحث مباحثا پڻ ٿيندا آهن. هر هفتي دوستن طرفان دعوت نامو ته ملندو آهي، پر آئون پنهنجي سست طبيعت سبب شرڪت ڪري ناهيان سگهندو ۽ نه ئي مون ڪڏهن پنهنجي پاڻ کي اديب يا رائيٽر سمجهيو آهي. هن ڀيري دوستن جو ضد هيو ته توهان کي ضرور اچڻو پوندو. ٻي صورت ۾ ڏنڊ ورتو ويندو. سو ڏنڊ جي ڊپ کان آئون به وڃي پروگرام ۾ شريڪ ٿيس. پروگرام ۾ پهچڻ کان پوءِ تمام گهڻي خوشي ٿي ڇو ته پروگرام ڏاڍو سٺو هيو. نئين ٽهيءَ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو تعداد تمام گهڻو هيو. نه ته هن دؤر ۾ اهڙا پروگرام ڪٿي ٿا ٿين سواءِ سياسي بنيادن جي، پر هي نج ادبي پروگرام هيو، ۽ آئون پوئين سيٽ تي ويهي پروگرام کي انجواءِ ڪري رهيو هئس ته اوچتو مائيڪ تان انائونسمنٽ ٿي ته هاڻي دعوت ٿو ڏيان محترم نواز کي جيڪو اسٽيج تي اچي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري، ”محترم نواز“. آئون وائڙو ٿي ويس ڇو ته آئون صرف پروگرام کي ٻڌڻ جي لاءِ آيو هئس ۽ اڄ ڏينهن تائين مون ڪڏهن اسٽيج تي بيهي هيترن ماڻهن جي سامهون ڳالهايو نه هو. سو آئون به ٽٽل قدمن سان هلندو ماڻهن جو سمنڊ جهاڳيندو اسٽيج تائين پهتو هئس. ان مهل مون پنڊال ۾ ويٺل سڀني نوجوانن ۽ نوجوانڙين تي مٿاڇري نظر وڌي. مون محسوس ڪيو ته سڀئي مون کي عجيب نظرن سان ڏسي رهيا هئا، ڇو ته منهنجو نالو سڀني جي لاءِ نئون هو، سواءِ ڪن دوستن جي. آئون ماڻهن تان ڌيان هٽائي ڳالهائڻ شروع ٿيو هئس، لفظ منهنجي زبان مان ٽٽي ٽٽي نڪري رهيا هئا، پر پوءِ الاءِ ڇا هو؟ اِها ڪهڙي قوت هئي جنهن منهنجي ذهن جا سمورا پردا کولي ڇڏيا، منهنجو ٽاڪنگ پاور تيز ٿي ويو هو، مون محسوس ڪيو ته پنڊال ۾ ويٺل سامعين جيڪي ڪجهه منٽ پهرين هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهين ۾ مصروف هئا، سي خاموش ٿي مڪمل ڌيان سان منهنجي تقرير کي ٻڌي رهيا هئا. پنڊال مان ساهه کڻڻ جو به آواز ڪونه پئي آيو. مون مسلسل منو ڪلاڪ ڳالهايو هو. منو ڪلاڪ ڳالهائڻ کان پوءِ آئون اياز جي هن شعر سان تقرير کي ختم ڪري پنهنجي سيٽ ڏانهن اچي رهيو هئس.

    ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا تون ئي منهنجو خواب

    تون ئي آهين جواب صدين جي هن سوال جو

    (اياز)

    تيستائين هڪڙو نوجوان اسٽيج تي آيو. مائيڪ تي اچي چيائين ته هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳئي نوجوان کي موقعو ڏنو وڃي ڳالهائڻ جو ۽ پوري پنڊال مان هڪ ئي آواز برپا ٿيو وري ساڳيو مقرر ڳالهائيندو سڀئي نوجوان ۽ نوجوانڙيون احتجاجن اٿي بيهي رها هئا. ان مهل مون کي محسوس ٿيو ته هن قوم ۾ ٻڌڻ جي سگهه ۽ حالاتن سان وڙهڻ جي قوت اڃا باقي آهي، پر هن قوم کي سچي قيادت جي ضرورت آهي، جيڪا وقتي طور تي هنن کي ملندي رهي آهي، پر اڳتي هلي اي.سي گاڏين ۽ بنگلن جي وچ ۾ وڃائجي گم ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ سڀني دوستن جي خواهش تحت آئون مائيڪ تي آيو هئس ۽ مون سڀني جو شڪريو ادا ڪري تقرير کي اتان ئي شروع ڪئي هئي جتي ڇڏي هئي. منهنجو اهو اصول ناهي ته موضوع کان هٽي ڪري ڳالهايان، جيئن اسان جا اديب ڪندا آهن جيڪي اڄڪلهه نج سياسي بنيادن تي ادب جي خدمت ڪري رهيا آهن. مون کي افسوس آهي اسان جي اديبن تي جن جي قلم مان نڪتل هر لفظ دشمن جي لاءِ ترار ثابت ٿيندو هو. اڄ اهو ساڳيو قلم دشمن جي حق ۾ قصيدا پڙهي رهيو آهي. اڄ سنڌي زبان ۾ ڪهاڻي ۽ ناول جو تصور ئي ختم ٿي ويو آهي نه ته ڪنهن دؤر ۾ آغا سليم، سراج ۽ غلام نبي مغل جا ناول، عبدالقادر جوڻيجي ۽ ممتاز مرزا جون ڪهاڻيون، پليجي، آريسر ۽ ابراهيم جويي جا مضمون، اياز ۽ نياز جي شاعري دشمن سامراج جي لاءِ گولي ثابت ٿينديون هيون. اڄ جا سياسي ليڊر جيڪي ڪلهه تائين ڪارڪنن کي دشمن سان مهاڏو اٽڪائڻ جو سبق پڙهائيندا هئا. اڄ اهي شراب جي بوتل کان موبائيل ڪارڊ تائين جي ڀتا خوريءَ جو سبق پڙهائي رهيا آهن ۽ پوءِ ڪافي دير تائين تقرير ڪرڻ کان پوءِ سامعين کان اجازت وٺي پنهنجي سيٽ تي اچي ويٺو هئس. ايتري ۾ ماڻهن جا انبوهه منهنجي مٿان ڪڙڪي پيا هئا. مون کي ڀاڪرن ۾ ڀري چميون ڏيڻ شروع ڪيون هئائون؛ ايتريون چميون ۽ ايترو پيار مون کي سڄي زندگيءَ ۾ ڪونه مليو هو جيڪو اڄ هن قوم جي اُسرندڙ چراغ مون کي ڏنو هو، جنهن کي اسان جا ليڊر اڄ تائين سمجهي ناهن سگهيا. هي نوجوان هن قوم جو چشم وچراغ آهن، جيڪي سڪندر يونانيءَ کان وٺي چارلس نيپئر ۽ پرويز مشرف تائين دشمن سان مهاڏو اٽڪائي، پنهنجي ثقافت ۽ ٻوليءَ کي بچائيندا پيا اچن. نوجوانن جو پيار ۽ جذبات ڏسي منهنجي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا هئا ۽ آئون لڙڪ لڪائي منهن تي ڪوڙي مُرڪ سجائي پنڊال مان ٻاهر نڪري رهيو هئس ته اوچتو پويان ڪنهن جي سڏ جو آواز منهنجي ڪنن ۾ گونجيو (مسٽر نواز) مون پوئتي مڙي ڏٺو. هڪ ڇوڪري جيڪا تمام تيز رفتار سان مون ڏانهن وڌي رهي هئي ۽ آئون بيهي رهيو هئس. هن ايندي ئي مون کي چنبڙي چمين جو وسڪارو لائي ڏنو هو. هو مسلسل منهنجي نرڙ ۽ چپن کي چمي رهي هئي. چمين مان فارغ ٿي هن مون کي چيو، ”پليز آٽوگراف“. مون چيو آٽوگراف بڪ ته هن پنهنجو هٿ اڳتي وڌائي چيو پليز. مون هن جي هٿ تي لکيو، ”انسان هر شيءِ پيدا ڪري ورتي آهي، پر مور صرف خدا ئي پيدا ڪري سگهي ٿو.“ ۽ پوءِ هن مون کان منهنجو موبائيل نمبر ورتو هو ۽ پنهنجو نمبر ڏيئي هلي وئي هئي.

    آئون وري پنهنجي سفر تي نڪري پيو هوس نه منهنجو ڪو ٺڪاڻو هو نه منهنجي ڪا منزل هئي ۽ گمنام زندگي گذارڻ جو عادي هئس. سڄي رات ڄامشوري جي روڊن تي گهمندو رهندو هئس. رات جا 12 ٿيا هئا. آئون ڄامشوري ڦاٽڪ کان نڪتو هئس ته اوچتو منهنجي موبائيل جي گهنٽي وڳي هئي. مون موبائيل آن ڪري پنهنجي ڪن تي رکيو هو. سامهون کان هن جو ئي آواز هو. مسٽر نواز ڪيئن آهيو. مون چيو ٺيڪ آهيان. اوهين ٻڌايو ڪيئن آهيو. اهو تون پنهنجي پاڻ کان پڇي ڏس، پنهنجي پاڻ کان. مون کي ته اڄ تائين پنهنجي ڪنهن سوال جو جواب ناهي مليو. تنهنجي سوالن جا جواب تنهنجي ڪنن ۾ پڙاڏو بڻجي گونجي رها آهن. ٻڌڻ جي ڪوشش ڪر ۽ پوءِ ڪافي دير تائين اسان ڪچهري ڪئي هئي. اسر ويل اچي پنهنجي بستري تي ليٽي پيو هئس. پهريون ڀيرو بنا گورين کائڻ جي ننڊ اچي وئي هئي. شايد دل جو بار هلڪو ٿي پيو هو. سڄو ڏينهن ستل رهيس. شام ٿي هئي. پکي پنهنجي آکيرن ڏانهن وڃي رهيا هئا. سج ڪڪرن جي اوٽ ۾ پنهنجو پاڻ کي لڪائي رهيو هو ۽ آئون پنهنجي روم کان ٻاهر نڪري هوٽل تي اچي ويٺو هئس. چانهن پيئڻ کان پوءِ مسلسل سگريٽ ڇڪي رهيو هئس. الاءِ ڇو اڄ سگريٽ اڳي کان وڌيڪ مزو ڏيئي رهيا هئا. جيئن رات ٿيندي وئي هئي. منهنجي بيچيني وڌندي وئي هئي. ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ صدين کان پوءِ ڪنهن جي اچڻ جو انتظار هو. انتظار جي ڪيفيت مان گذري رهيو هئس ته منهنجي موبائيل جي گهنٽي وڳي هئي. موبائيل تي ڏٺم هن جو ئي نمبر هو. موبائيل آن ڪري ڳالهائڻ شروع ڪيو هو. مسلسل ڳالهائيندا رهيا هئاسين ۽ پوءِ اسان جو ڳالهائڻ روز جي روٽين ۾ شامل ٿي ويو هو. هڪ ڏينهن هن مون کي چيو هو ته بابا توسان ملڻ ٿو چاهي. مون پڇيو هو ڇو ملڻ ٿو چاهي. هن چيو مون تنهنجي باري ۾ بابا کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي. تون صبح جو اچ اسان جي گهر. ايترو چئي هن موبائيل آف ڪري ڇڏيو هو. آئون سوچن جي اونهي پاتال ۾ گم ٿي ويو هئس. مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هن جو بابا مون سان ڇو ٿو ملڻ چاهي. مون کي ملڻ گهرجي يا نه؟ ايئن سوچيندي سوچيندي ننڊ اچي وئي هئي، پر اڄ جي ننڊ تمام ٿوري هئي وڏي اَسُر جو وري اک کُلي وئي هئي. نه ڄاڻ ڪهڙي ڪيفيت هئي، جنهن مون کي ننڊ مان ڇڪي اٿاريو هو ۽ آئون تيار ٿي هن جي گهر وڃڻ لڳو هئس. رستي ۾ ڪيترائي خيال ڪيترا ئي وهم وسوسا ايندا رهيا، پر آئون سڀني شين کي نظرانداز ڪري هن جي گهر جي دروازي تائين پهتو هئس بيل وڄائي هئم. دروازو کليو هو. اندران هڪ پوڙهو نڪري آيو هو. عمر جي لحاظ کان پوڙهو پر جسم ۾ تندرست لڳي رهيو هيو.

    هن مون کي چيو هو نواز آهين نه بابا؟

    چيم جي چاچا.

    چيائين! اندر اچ پٽ.

    اندر هليو ويس ڏاڍو شاندار بنگلو هو. صوفي تي وڃي ويٺو هئس، ايتري ۾ هن جي ماءُ ۽ هي ٻئي اچي ويون. آئون هن جي ماءُ پيءُ سان ڪچهري ڪرڻ لڳس، هو هلي وئي ڪچن ۾.

    هن جي پيءُ مون کان پڇيو ڇا ڪندو آهين بابا؟

    چيم! چاچا ايم.اي ۾ پڙهان پيو.

    وري پڇيائين تنهنجو بابا ڇا ڪندو آهي؟

    چيم سر منهنجو بابا گذاري ويو آهي ۽ منهنجو ڀاءُ آهي جيڪو منهنجون ۽ گهر جون ذميواريون سنڀالي رهيو آهي، آئون هتي 3 هزار پگهار واري نوڪري به ڪري رهيو آهيان ته پنهنجي پڙهائي به ڪري رهيو آهيان.

    تنهن تي هن زنده دل ۽ خوددار انسان منهنجي نرڙ تي چمي ڏيندي چيو هو

    پُٽ! آءٌ يونيورسٽيءَ ۾ استاد رهيو آهيان، مون پنهنجي هنن گنهگار اکين سان ڪيترين دلين کي ٽُٽندي به ڏٺو ته ڪيترن ارمانن کي ملندي به ڏٺو، مون ڪيترن اهڙن نوجوانن کي به ڏٺو، جن جي کيسي ۾ پائي به نه هوندي هئي، پر معصوم ڇوڪرين تي رُعب وِهارڻ لاءِ يارن/دوستن جا ڪاٽن جا وڳا پائي يونيورسٽيءَ ۾ ڇُڙواڳي ڪرڻ ايندا هئا، تون ڪهڙي دور جو انسان آهين پُٽ! جو هيئن سچ ڳالهائي وئين؟

    چيو هئم! چاچا ڪوڙ ڳالهائي آئون ڪيترا ڏينهن جيءُ سگهندس؟ اسان جو بابا اسان کي هميشه سچ ڳالهائڻ ۽ سچي راهه تي هلڻ جي تاڪيد ڪندو هو، اڄ آءٌ ڪوڙ ڳالهائي پنهنجي بابا جي رُوح کي ڪيئن ٿو رنجائي سگهان!

    پُٽ منهنجي دل ۾ الاءِ ڇو اها خواهش پيدا ٿي آهي ته ڪاش! آئون تنهنجي انهيءَ عظيم پيءُ سان ملي سگهان ها، جنهن تنهنجي اهڙي پرورش ڪئي آهي! آئون تنهنجي ڳوٺ هلندس، تنهنجي ڳوٺ جي ٻين ماڻهن سان ملندس ۽ انهيءَ سرزمين کي سجدو ڪندس، جنهن سرزمين کي تنهنجي بابا جي قدمن ڇُهيو هو

    ايترو چوندي سندس نيڻ، سانوڻيءَ جي مينهن جيان وسي پيا هئا، ۽ منهنجي اکين جو سنڌو به ڇوليون ڪري وهن لڳو هو. مون پنهنجي کيسي مان رومال ڪڍي چاچا جي هٿ تي رکيو هو، پر منهنجي نڙيءَ مان هڪ به لفظ نه نڪري سگهيو هو، هُن جي قُرب منهنجي زبان کي سچ ته تالو هڻي ڇڏيو هو.

    ايتري ۾ ثمرين چانهن کڻي آئي هئي ته ڪمري جو ماحول سوڳوار لڳو پيو هو، بنا حجاب جي چئي ويٺي هئي، نواز تون مون کي ته سدائين روئاريندو آهين، پر بابا کي به روئاري ڇڏيئي! تنهن تي چاچا وراڻيو

    نه بابا نه نواز کي ڪُجهه نه چئو، مون کي پنهنجا پراڻا ڏينهن ياد اچي ويا، ۽ وري مون ڏانهن ڏسندي چيائين! پُٽ چانهن پي، چانهن ٿڌي ٿي ويندي!

    هن جي هٿن جي ٺاهيل چانهن ۾ جيڪا لذت هئي. اهڙي لذت مون کي اڄ تائين دنيا جي ڪنهن به شيءِ ۾ ناهي ملي. سڄو ڏينهن هن جي ماءُ پيءُ سان ڪچهري ڪئي هئم. سچ پچ ته هو ڪيڏي نه خوشنصيب آهي. ڪاش! هن جي والدين جهڙا پيار ڪندڙ والدين هر ماڻهو جا هجن، پر اهو ڪٿي ٿو ٿئي، هر ماڻهو جو نصيب هن جهڙو هجي. شام جو هن کان موڪلائي پنهنجي روم تي آيو هئس. ان ڏينهن کان پوءِ هو هر روز مون سان ملڻ ايندي هئي ۽ آئون هن جي گهر وارن سان ملڻ جي لاءِ هليو ويندو هئس. هاڻي هو منهنجي زندگي جو حصو بڻجي وئي هئي ۽ آئون هن جي فيملي جو حصو بڻجي ويو هئس.

    هڪڙو خوف هو جيڪو مون کي اندران ئي اندران کائي رهيو هو. ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئم هن کي ٻڌائڻ جي، پر هن ڪڏهن به ٻڌڻ گوارا نه ڪيو هو. هو هميشه اهو چوندي هئي ته مون جڏهن توکي پڙهي ڇڏيو آهي ته تنهنجي باري ۾ ٻڌي ڇا ڪندس. اسان مسلسل ٻه سال پنهنجي زندگيءَ جا خوبصورت ڏينهن هڪٻئي سان گڏ گذاريا هئا. هر پل هر گهڙي هر وقت هڪ ٻئي کان پري محسوس ڪونه ڪيو هو. هڪڙي شيءِ هن ۾ اها هئي جو هن جي خيالن جي پرواز منهنجي سوچن کان مٿانهين هئي. اسان جڏهن به ملندا هئاسين جتي به ملندا هئاسين پوءِ اها آرٽس فيڪلٽي جي لان هجي، ڪينٽين هجي يا علامه آءِ. آءِ. قاضي جي مزار. اسان دل کولي بحث ڪندا هئاسين. هو ايڏي ته حساس هوندي هئي جو سنڌي ماڻهن جي حالاتن تي روئي پوندي هئي. آئون هن کي چيڙائڻ خاطر سنڌي ماڻهن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هئس ۽ هو معصوم ٻارن وانگر ڍڍڪارون ڪري روئي پوندي هئي ۽ پوءِ هن کي پرچائيندي آئون پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهندو هوس. واقعي هن کي سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان جنون جي حد تائين محبت هئي. هو پريتم هئي ۽ پريتم اهو هوندو آهي جيڪو سڀ کان مٿاهون ٿي پيار ڪري. هو جڏهن به غمگين ۽ اُداس ٿي ويندي هئي ته شيخ اياز جي وائي وڏي آواز ۾ جهونگارڻ شروع ڪري ڏيندي هئي.

    ٽڙي پوندا ٽاريين جڏهن ڳاڙها گل تڏهن ملنداسين.

    ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو آيو هو جيڪو آنڌيءَ وانگر منهنجي زندگيءَ ۾ داخل ٿيو هو. مون کي گهران فون آئي هئي، ايمرجنسي ۾ پهچڻ لئه ۽ مون هن کي فون ڪري، مجبوري ٻڌائي هئي ڳوٺ وڃڻ جي. مون محسوس ڪيو هو هن جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا هئا. لفظ هن جي زبان تي اٽڪي بيهي رهيا هئا. هن ايترو چيو هو نواز تون وڃين ٿو مون کي ڪنهن جي سهاري ڇڏي ٿو وڃين. تو کان سواءِ منهنجو هر پل اُداس، هر گهڙي بي چين گذرندي آهي. دِلاسو ڏيندي چيو هئم صرف ٻن ڏينهن جي ته ڳالهه آهي. جلدي موٽي ايندس. روئي چيو هئائين نواز تو کان سواءِ ٻه ڏينهن ٻن صدين برابر لڳندا آهن ۽ آئون هن جي لڙڪن جي زنجير کي ٽوڙي موبائيل آف ڪري گهر ڏانهن نڪتو هئس. سڄي واٽ ۾ اُداس پريشان سوچن جي ساگر ۾ لڙهندو ٻڏندو ۽ ترندو رهيس. شام ٿي هئي گهر پهتو هئس، سڀئي گهر وارا خوشي مان جهومي پيا هئا. امان جي پيرن تي هٿ رکيا هئم، ماءُ جي چرنن ۾ مون کي تمام وڏو سڪون مليو هو ۽ امان تمام گهڻو پيار ڏنو هو. رات جي ماني کائي ٻاهر اچي اوطاق تي ويٺو هئس. دوستن يارن سان سڄي رات ڪچهري ڪري دير سان گهر وڃي سمهي پيو هئس. صبح جو وڏي دير تائين ستل رهيو هئس. يارهين بجي امان اچي اٿاريو هو. اٿي تڙ ڪري ناشتو ڪري ڪمري ۾ ويٺو هئس. بي چيني وڌي رهي هئي، شام جو واپس پهچڻو هو. امان آئي هئي امان منهنجي چهري تي پريشاني جون ريکائون پڙهي ورتيون هيون. بي صبريءَ وچان پڇي ورتو هئائين.

    ابا ڇا ٿيو آهي طبيعت ته ٺيڪ آهي؟

    چيو هئم امان آئون بلڪل ٺيڪ آهيان ڪوڙي مُرڪ چپن تي آڻيندي چيو هئم. امان تنهنجون دُعائون مون سان گڏ آهن. مون کي ڪجهه ٿي سگهي ٿو ڀلا.

    آئون پنهنجي ڏکن ۾ پنهنجي گهروارن کي مبتلا ڪرڻ نه چاهيندو آهيان ۽ پوءِ امان جي هنج ۾ مٿو رکي، سڪون ورتو هئم. امان کي چيو هئم!

    امان آئون اڄ شام جو واپس ويندس!

    . امان چيو هو پٽ اسان توکي ڇا جي لاءِ گهرايو آهي جو تون جلدي وڃڻ جي ڳالهه پيو ڪرين؟

    نياز توکي ڪجهه ٻڌايو ڪونه ڇا؟

    چيم نه امان ادا ته ڪجهه ڪونه ٻڌايو

    ۽ پوءِ امان چيو هو. ابا هاڻي تون وڏو ٿي ويو آهين. اسان ۾ سؤ سال ڪونه آهن اسين تنهنجي خوشي ڏسڻ چاهيون ٿا!

    سڀ ڪجهه سمجهندي اڻڄاڻائي مان چيو هئم. امان ڪهڙي خوشي؟ مون ته هميشه ڪوشش ڪئي آهي اوهان کي خوشيون ڏيڻ جي ۽ مون وٽ اها ڪهڙي خوشي رهجي وئي آهي جيڪا اوهان کي نه ڏيئي سگهيو هجان؟ جيڪا اوهان کي گهرڻ جي ضرورت پئجي وئي، مون ته بنا گهرڻ جي پنهنجون سموريون خوشيون اوهان جي جهول ۾ وڌيون آهن؟

    امان چيو هو پٽ اسان جي خواهش آهي ته تنهنجي شادي ڪرايون؟

    پُراعتماد ٿي چيو هئم، امان مون ته اڃان تائين شادي جي باري ۾ سوچيو ئي ناهي ۽ آئون ڪهڙو پوڙهو ٿي ويو آهيان، جو منهنجي شادي جي جلدي اچي کنيو آهي؟

    امان چيو هو، ابا چاچي وارا تڪڙ ڪريو ويٺا آهن. اهي چون ٿا هاڻي اسان کي ڏينهن ڏيو؟

    پوءِ مون پنهنجي دل تي پٿر رکي، امان کي پنهنجي ۽ ثمرين جي محبت جو ٻڌايو هو

    امان چيو هو، ابا چريو ته ناهين ٿيو؟ توکي خبر ناهي ته تنهنجي بابا پنهنجي حياتيءَ ۾ تنهنجي مڱڻي چاچهين جي گهر ڪري ڇڏي هئي؟

    چيم امان انهي ۾ منهنجو ته ڪو قصور ناهي؟ نه آئون انهن پراڻين ۽ فرسوده رسمن کي نٿو مڃان. زندگي مون کي گذارڻي آهي، اوهان کي نه؟ آئون پنهنجي وڏن جي غلطين جو ٻليدان ڪونه ڏيندس؟

    زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو امان مون کي زوردار چماٽ وهائي ڪڍي هئي ۽ پوءِ پاڻ روئي پئي هئي. آئون پنهنجا لڙڪ لڪائي امان کي پرچائڻ لڳو هئس.

    شام ٿي هئي سڄي گهر جو وايومنڊل تبديل ٿي ويو هو جيڪي ماڻهو مون کي پيار جي نگاهه سان ڏسندا هئا اڄ انهن جي اکين ۾ نفرت /ڪروڌ ڀريل نظر اچي رهيو هو ۽ اسان جي گهر ۾ وڏي ميٽنگ ڪوٺائي وئي هئي، اڄ منهنجي زندگيءَ جو فيصلو ٿيڻو هو. ان ۾ قربانيءَ جو ٻڪرو مون کي ئي بنجڻو هو. چاچا، ماما سمورا پنهنجا پنهنجا رايا پيش ڪري رهيا هئا، سڀني جون فرسوده ۽ مدي خارج ڳالهيون ٻڌي مون کي کِل به اچي رهي هئي ته روئڻ به.

    هي ماڻهو هن جديد دؤر ۾ پلئه جهڙين فرسوده رسمن ۾ جڪڙيل آهن. هنن ماڻهن ڪڏهن ذهني آزاديءَ جي باري ۾ سوچيو ئي ناهي. هنن ماڻهن ڪڏهن پنهنجي مرضيءَ سان خواب ئي ناهن ڏٺا. انهن ماڻهن تي ڪهڙي ميار رکي سگهجي ٿي، آخر نيٺ سڄي رات بحث مباحثي کان پوءِ چاچي پٽڪو لاهي منهنجي پيرن تي رکيو هو، جنهن منهنجي هماليه جهڙن اڏول ارادن کي ڀسم ڪري ڇڏيو هو ۽ آئون پنهنجو فيصلو انهن تي ڇڏي، چُپ چاپ اُتان اٿي ويو هئس، گهر جي ڪمري ۾ دريون دروازا بند ڪري بيڊ تي ليٽي روئندو رهيو هئس، پر ننڊ شايد نه اچڻ جو قسم کنيو هو. مسلسل ثمرين جو معصوم چهرو منهنجي اکين جي اڳيان ڦري رهيو هو، جنهن سان مون ساٿ نڀائڻ جا وچن ڪيا هئا. جنهن سان گڏجي ڀٽائي، قلندر ۽ ٻين اوليائن جي مزارن تي چادرون چاڙهي دُعائون گهريون هيون. منهنجو ذهن گهوماٽيون کائڻ لڳو هو ته آئون ثمرين کي ڪيئن سنڀاليندس. ان کي ڇا ٻڌائيندس ته آئون توسان ڪهڙي سبب جي ڪري شادي نٿو ڪري سگهان!

    ايئن سڄي رات لڇندي گذري هئي ۽ صبح جو وڏي اَسُر جو گهران نڪري پيو هئس (اڃا گهروارا ننڊ ۾ هئا) بس ۾ چڙهي حيدرآباد ڏانهن راهي ٿيو هئس، اڳي حيدرآباد ايندي جو وقت تمام مختصر لڳندو هو. اڄ اهو سفر صدين جو سفر لڳي رهيو هو، طويل سفر جي پڄاڻي ٿي حيدرآباد پهتو هئس. فليٽ تي پهچي تڙ ڪري فريش ٿيو هئس، پر فريش صرف جسم ٿيو هو، ذهن ۾ اڃا به مانڌاڻ متل هئي، ائين ڏڪندڙ هٿن سان ثمرين جو نمبر ڊائل ڪيو هئم. ثمرين ڪال اٽينڊ ڪندي ئي سوالن جي بوڇاڙ ڪئي هئي. مون وٽ هن جي ڪنهن به سوال جو جواب ڪونه هو. صرف ايترو چيو هئم. آئون توسان ملڻ ٿو چاهيان ته هو منهنجي آواز ۾ سمايل درد کي سمجهي وئي هئي ۽ يڪدم چيو هئائين. آئون ڏهن منٽن ۾ تو وٽ پهچان ٿي! هن اچڻ جو چيو هو، ڄڻ منهنجي دماغ ۾ هٿوڙو هنيو هو، وري به منهنجي ذهن هن متعلق سوچڻ شروع ڪيو هو. سوچي ئي رهيو هئس ته دروازي تي ناڪ ٿيو. دروازو کوليم. هو هوا جي جهونڪي وانگر اندر داخل ٿي آئي هئي.

    هن کي چيو هئم، ”هتي ڪونه ٿا ويهون ٻاهر ڪيڏانهن هلون. هتي بند ڪمري ۾ منهنجو دم ٿو گهٽجي، ٻاهر جي هوا جو مزو وٺجي. ائين ٻئي ڄڻا اچي هن جي ڪار ۾ ويٺا هئاسين. هن ڊرائيونگ ڪندي منهنجي پڇڻ کان سواءِ گاڏي باءِ پاس تان ڄامشوري ڏانهن موڙي هئي. گاڏي تيز رفتار سان ڄامشوري واري روڊ تي ڊوڙي رهي هئي. رستي ۾ اسان ٻنهيءَ مان ڪنهن ڪونه ڳالهايو هو. هن گاڏي المنظر تي اچي بيهاري هئي. گاڏيءَ مان لهي هن المنظر جي ڇت ڏي رُخ ڪيو هو، پر مون هن کي سڏ ڪري چيو هو ته: اڄ سنڌوءَ جي سُڪل پيٽ ۾ ويهي ڪچهري ٿا ڪريون، ڇو ته مون کي خبر هئي ته اڄ جڏهن اسان جي اکين جا بند ٽٽندا ته ڪجهه سنڌوءَ جو سڪل پيٽ ضرور سائو ٿيندو. ائين هلندا اچي سنڌوءَ جي پيٽ ۾ ويٺا هئاسين. ڪيتري دير خاموش هڪ ٻئي کي ڏسندا رهيا هئاسين. هن جي دل ۾ اهو خيال هو ته آئون ڳالهايان ۽ منهنجي دل ۾ اهو خيال هو ته هو ڳالهائي. گهڻي انتظار کان پوءِ مون کي ئي ڳالهائڻو پيو هو ۽ هن کي مون پنهنجو سمورو داستان ٻڌايو هو. مون کي خبر ڪونه پئجي سگهي هئي ته هو روئي رهي هئي. مون ڳالهه پوري ڪري ڪنڌ مٿي کڻي هن ڏانهن ڏٺو هو. هن جا لڙڪ، هن جي ڳلن تان ترڪندا هن جي چولي ۾ جذب ٿي رهيا هئا. هن جي اکين ۾ لڙڪ ڏسي منهنجي اکين جو بند ڀڄي پيو هو. الاءِ ڪيترو ٽائم هڪ ٻئي جي ڪنڌ ۾ ڀاڪر پائي روئندا رهيا هئاسين. روئي روئي اسان جي اکين جو پاڻي سُڪي ويو هو، اسان خاموش ٿي ويا هئاسين. هن جي اکين مون کي ڪيترا ئي ڏوراپا ۽ ميارون ڏنيون هيون، پر هن پنهنجي زبان مان هڪ لفظ به نه ڳالهايو هو. ڪابه شڪوه شڪايت نه ڪئي هئي ۽ اسان سنڌوءَ جي سُڪل پيٽ کي لڙڪن جو ريج ڏئي هڪ ٻئي کان موڪلايو هو. هُو ته هلي وئي هئي، پر منهنجو سُڪون پاڻ سان کڻي وئي هئي. ان ڏينهن کان پوءِ اسان جو ڪڏهن به هڪ ٻئي سان رابطو ناهي ٿيو. مون کي خبر ناهي ته هوءَ ڪٿي آهي. هن شادي به ڪئي الاءِ نه، پر خبر ناهي ڇو مون اڃا تائين شادي ناهي ڪئي. اڄ به الاءِ ڇو منهنجي دل کي هن جو انتظار آهي؟ اڄ سنڌوءَ جو سڪل پيٽ هڪ ڀيرو ٻيهر سائو ٿيو آهي، سنڌوءَ پنهنجي موجن سان ٻيهر وهي آيو آهي، پر منهنجي دِل جي دنيا اڄ به ويران آهي.
     
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بهترين احساسن سان ڀرپور ڪهاڻي .... سهڻو نڀاء
     
  3. ابو مُرڪ

    ابو مُرڪ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ ملازم
    ماڳ:
    عمرڪوٽ حيدرآباد
    مهرباني سليمان ڀا
     
  4. ابو مُرڪ

    ابو مُرڪ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ ملازم
    ماڳ:
    عمرڪوٽ حيدرآباد
    مهرباني بختاور
     
  5. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    تمام بهترين ڪهاڻي آهي پڙهي تمام سٺو لڳو ۽ ڏک به ٿيو
     
  6. ابو مُرڪ

    ابو مُرڪ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ ملازم
    ماڳ:
    عمرڪوٽ حيدرآباد
    مهرباني راشد
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    واه، واه. بهترين ڪهاڻي.
     
  8. sanaullah solangi

    sanaullah solangi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Los Angeles, California
    b
    beautiful stor
     
  9. ڪراڙو ماڻهو

    ڪراڙو ماڻهو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 آگسٽ 2015
    تحريرون:
    17
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٻني ٻارو
    ماڳ:
    ابراهيم ڳوٺ
    سائين ڪهاڻيءَ جو پلاٽ لا جواب آهي، پر اختتام ڀلو نه ٿيو!!
     
  10. ابو مُرڪ

    ابو مُرڪ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ ملازم
    ماڳ:
    عمرڪوٽ حيدرآباد
    سڀني دوستن جا وڏا وڙُ، جن منهنجي وکريل احساسن کي پسند ڪيو
     
  11. ميميجيجي

    ميميجيجي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2015
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    تمام بھترين ڪھاڻي پڙھڻ ۾ مزو آيو پر ڪجھ لفظ انگريزي جا شامل ڪيا ويا آھن ۽ ٻيو وري ھئو ٖ ھئي ٖ ھئا وغيره جھڙن لفظن جو تمام گهڻو استعمال ڪيو ويو آھي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو