ڀائودرمحمد ٻرڙو : قمبر جو هڪ دلربا ڪردار علينه نثار سنڌ کي علم جي جي روشني سان منور ڪرڻ لاءِ جدوجهد هر وقت جاري رهي آهي، ڪي اهڙا ڪردار به رهيا آهن، جيڪي سنڌ جي سک لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيندا آهن ۽ پنهنجي حياتي جي سموري موڙي سنڌ جي سونهن کي بحال ڪرڻ لاءِ خرچ ڪري ڇڏيندا آهن. جيڪو ماڻهو ٻين لاءِ جيئندو آهي ۽ ڌرتيءَ لاءِ وڙهندو آهي، اهو ئي وڏو ماڻهو هوندو آهي، ڪنهن وٽ چاهي جاگيرون هجن پر جي ان وٽ شعور ناهي، انسانيت جي ڀلائي ڪاڻ سوچي نٿو ۽ ڪجه ڪري نٿو ته ان جاگير هجڻ يا هجڻ جو ڪو فائدو ناهي، هن سونهن ورني سنڌ جي پويتر مٽي اهڙن ماڻهن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجو پاڻ کي سنڌ لاءِ سپرد ڪري ڇڏيو آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن سوچيندا ۽ عملي طور طور تي جدوجهد ڪندا رهيا آهن، پوءِ اها قلمي جدوجهد هجي يا ڪتابي تحريڪ، مارچ هجي يا مظاهرو، ڪتب خانه قائم ڪرڻ هجن يا اسڪول کولرائڻ واري مهم هجي، اهي انهن ۾ پنهنجي پنهنجي طريقي سان ڪردار ادا ڪندا آهن، اهڙن ڪردارن جي لسٽ ۾ هڪ نالوڀائو درمحمد ٻرڙو جو به ملندو. جيڪو سجاڳي جي تحريڪن ۾ شامل رهڻ سميت ڪتب خانه قائم ڪرڻ ۽ اسڪول کولرائڻ کان ويندي سنڌ جي مسقبل يعني نئين نسل کي علم سان روشناس ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي، فقيراڻي طبيعت جي مالڪ هن شخص لاءِ ڪير به اهو نٿو چئي سگهي ته هن ڪو پنهنجي پاڻ کي وڻائڻ يا پنهنجو نالو ٺاهڻ لاءِ ڪجهه ڪيو آهي پر هن ته سدائين تعليم جي تبليغ بنا ڪنهن مفاد ۽ فائدو سوچڻ جي ڪئي آهي، جنهن ۾ هن کي سدائين نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ڪڏهن هن جي ڪتب خاني کي ساڙيو ويو ته ڪڏهن وري هن کي الزام هنيا ويا پر هن پٺ ته مڙڻ بدران سدائين اڳتي وڌڻ جو سوچيو زباني جواب ڏيڻ بدران عملي طور تي جواب ڏنو انهن سماج کي ڪينسر جيئان کائيندڙ شخصن کي جيڪي سدائين سنڌ جا نعرا هڻندا آهن پر انهن عملي طور تي سنڌ لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو، ڀائو در محمد 11 جنوري 1956ع تي قمبر جي غريب آباد جي ستن گهٽين ۾ خير محمد جي گهر ۾ اک کولي هئي، جيڪا اک هاڻي ڪيترن کي علم جي روشني واري اک فراهم ڪرڻ واريون واٽون ڏسندي رهي ٿي. هن شخص شاگردي واري دور کان ئي نه رڳو پاڻ کي علم سان منور ڪيو پر غريب ٻارن کي اسڪول تائين پهچائڻ، سرداري نظام سبب بند پيل اسڪول کولرائڻ ۽ لائبريون آباد ڪرڻ جي شڪشا ڏني ۽ عملي طور تي سڀني کان اڳڀرو رهيو. هي سماج به ڪيڏو نه عجيب آهي جو جيڪو ڪجهه ڪندو ناهي ان کي سڀ کان مٿي يهاريو ويندو آهي ۽ جيڪو سماج لاءِ سوچيندو آهي ان کي محفل ۾ برداشت به ناهي ڪيو ويندو پر اهڙن روين باوجود ڀائو ڪڏهن به هانءُ نه هاريو ۽ سدائين منزل جو متلاش بڻجي بيابان ۾ گل اڳائڻ جو خواب ساڀيان جي سرحد تي پهچائڻ لاءِ هلندو رهيو، هن ڪڏهن به ٿڪجي ڪو پل به ساهي جو نه سوچيو، گهر ۽ اسڪول کان شروع ڪيل مهم کي هن شهر، ڳوٺن ۽ وستين ۽ واهڻ تائين پهچايو ۽ پوري سنڌ تائين پکيڙي ڇڏيو، هن جي جواني جيڪا محبوبا جي مثل هوندي ان کي علم سان عشق ۾ گذاري ڇڏيو ۽ پيرسني ۾ پير پائڻ باوجود هن جي دل ان محبوب مشغلي مان ناهي ڀري، جنهن سان عشق جو سوچي ته هر ڪوئي ٿو پر ان ۾ ڪاميابي ڪنهن ڪنهن کي ملندي آهي. ڀائو درمحمد جنهن لا علي آڪاش چيو آهي ته “هن ڪڏهن پنهنجي ضمير کي هٽ جو سودو ناهي بڻايو.” جنهن جو مثال قمبر ضلعي واري جدوجهد به آهي جنهن ۾ کيس ان وقت جي حڪمرانن قمبر ضلعي جي جدوجهد ۾ پير پوئتي ڪرڻ عيوض 3 ڪروڙ رپيا روڪ ۽ 100 نوڪرين جا آرڊر ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي پر هن سنڌ جي فقير ماڻهو اها ايڏي وڏي آڇ پنهنجي ضمير جي وڪري برابر سمجهندي ٿڏي ڇڏي. جنهن کان پو کيس اذيتون به سهڻيون پيون. جن مان هڪ اها به آهي ته کيس جدوجهد دوران ئي ڪجهه ڏينهن لا کنڀي زندان جي ديوارن پٺيان باندي بڻايو ويو پر هن انهي زندان جي زنجيرن جي پرواهه نه ڪندي وک پوئتي ڪرڻ بدران اڳتي وڌائي. جنهن جي نتيجي ۾ قمبر وارن کي ضلعو مليو پر ان ضلعي جي عوام کي ڀائو در محمد وڌيڪ سهولتون ڏيڻ لا به پاڻ پتوڙيو آهي، جن ۾ هڪ ڪمال اهو به آهي ته هن قمبر وارن کي پبلڪ لائبريري ڏني آهي، جنهن لا قمبر ۽ ڀرپاسي جي تعلقي جي عوام کي لاڙڪاڻي سر شاهنواز لائبريري تائين ڊگهو سفر ڪرڻو پوندو هو. ڀائو در محمد پنهنجي وس ۽ وت آهر نه صرف ڪتب خانو قائم ڪيو آهي پر انهيءَ ۾ جهجي انگ ۾ قيمتي ڪتاب به آندا. جن ۾ خاص طور ڪميشن جي مهانگان ڪتابن جو وڏو انگ به شامل آهي. جن جو مڪمل ڪورس هتي دستياب آهي. ڀائو در محمد جو اڄ جنم ڏينهن هجڻ تي اسان قمبر وارا سوا هن لکڻي جي ٻيو ڪو تحفو ته نٿا ڏئي سگهون پر لفظي تحفي ۾ اهو به چونداسين ته ڀائو تون قمبر وارن لاءِ “مائو” آهين، تون چي گويرا به آهين ته لينن به ۽ ايڌي به آهين. تنهن کان سوا تو اهو به ثابت ڪري ڏيکاريو ته اسان ڪنهن کان پوئتي ناهيو، جي يونان وارا پنهنجي قوم جي ترقي لا ڪتب خانه ٺاهي سگهن ٿا ته اسان به قوم جي ترقي لا ڪتب خانه وري وري ٺاهي سگهون ٿا. ڀلي اهي جلايا ئي ڇو نه وڃن پر پنهنجي مقصد جي حاصلات لا آخري دم تائين جدوجهد جاري رهندي. اسان ڀائو کان اها به اميد رکون ٿا ته هو قمبر ضلعي کان علاوه ٻين ضلعن جي به ننڍن شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ لائبريريون قائم ڪرڻ لا قدم اڳتي وڌائي. ڀائو در محمد جي همٿ جي ڪري اڄ هزارين نوجون توڙي ٻار تعليم جي ماڻي رهيا آهن. ڀائو ٻوڏ دوران به پوئتي نه رهيو، هڪ اکين ڏٺو احوال اهو به آهي جڏهن پنهنجا سنڌي ٻوڏ واري مصيبت ۾ لڙهي ڪراچي پهتا هئا ته هي واحد فرد ئي هو جيڪو ڪئمپن ۾ وڃي نه صرف کين اتي ترسڻ لا منٿون ڪري رهيو هو پر انهن کي امدادي سامان ڏيارڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ اڪثر رات جي وقت ڪئمپن ۾ وڃي انهن کي اهو به چوندو رهو ته خدارا پنهنجن ننگن کي امدادي سامان جي پٺيان نه لڳايو، اوهان ڪميٽيون قائم ڪريو. جيڪي سامان وٺي ڪئمپ ۾ قائم هر خيمي يعني انهن جي در تي پڄائين. جنهن تي عمل ڪرڻ سان انهن متاثرن کي به امدادي سامان مليو، جيڪي هميشه رڙندا هيا ته کين ڪجهه ناهي مليو، ايترو ئي نه هڪ ڪئمپ تي جتي مقامي ماڻهو متاثرن جو مال ڍوئي ويندا هئا اتي جي متاثرن کي سمجهاڻي سان نه رڳو مقامي ٻلا ڀڄي ويا پر متاثرن کي حق ملي سگهيو. هن شخص لاءِ ڌرتي تي وسندڙ هر ان انسان جو درد پنهنجو آهي، جيڪو مصيبت ۾ آهي ۽ جنهن کي ڪنهن به لحاظ کان واهر جي ضرورت آهي، ڀائو هاڻي ته کڻي سنڌ جو جهونو سماجي ڪارڪن ٿي چڪو آهي پر هن جا ڪم اڄ به جوانن کان وڌيڪ ڪٺن آهن ۽ هن جو سپنو اڃا به ناهي ڀورا ٿيو، جنهن ۾ هن سنڌ جي ماتي تي تعليم جي سندور سان ترقي يافته وطن لکڻ چاهيو هو. هن جي منزل اڃا به تعليم جي ترقي آهي، سنڌ واسين جو سک آهي، سنڌين جي پاڻ ۾ ٻڌي ۽ محبت آهي، پنهنجا حق وٺڻ لاءِ آواز اٿارڻ آهي، جدوجهد جو جنون آهي، منزل جي تلاش ۾ ڪينجهر کان ڪارونجهر ۽ ڪشمور تائين ڪاهڻ آهي، هن جو سپنو اڄ به اهو آهي ته سنڌ جو هر فرد پڙهيل هجي، سنڌ صرف سنڌين جي هجي، سنڌ جي ادارن تي سنڌين جي حڪمراني هجي، سنڌ جي وسيلن جا مالڪ به سنڌي هجن ۽ انهن کي استعمال ڪرڻ جوحق به صرف ۽ صرف سنڌين کي هجي، سنڌ ۾ ايتري ته طاقت هجي جو ڪير به سنڌ کي ميري اک سان نه ڏسي سگهي، سنڌ وري اهو جلال حاصل ڪري جيڪو موهن جي دڙي جي ماڻهن سنڌ کي صديون اڳ بخشيو هو. سنڌ وري اهو مقام حاصل ڪري جيڪو 5 هزار سال موهن جي دڙي جو هو. سنڌ جو هر اسڪول آباد هجي، لائبريون شاگردن جي سرگوشين سان سرشار هجن، سنڌ جي هر فرد جي هٿ ۾ ڪتاب ۽ روشن خيالي جو خيال هجي. اڄ 55 ورهين جي ان شخص جي سالگراهه آهي، جنهن جو هر ڏينهن جدوجهد ۾ رهيو آهي ۽ ان روشن خيال ۽ تعليم ۽ سنڌ جي ترقي لاءِ جاکوڙيندڙ شخص کي ڏيڻ لاءِ ائين ته مون وٽ يا اسان وٽ ڪجهه ناهي پر ها اسان هن سان سندس 55 هين سالگرهه تي اهو واعدو ضرور ڪنداسين ته هاڻي قمبر ته ڇا پر سنڌ جي ڪنهن به لائبريري کي ڪير به ساڙڻ جي همت نه ڪندو ۽ نه ئي وري ان پنڌ ۾ اوهان اڪيلا آهيو پر اسان به اوهان سان گڏ آهيون. اوهان جي رهنمائي ۾ هي ترقي جو سفر سدائين جاري رهندو. —