پاڻ ٻيلي رول قبيلن جي ڏيرن جا پنڌ ڪيا آهن . پکن ۾ سوم رس جي ستي جا مٽ ڏٺا آهن . انهن رول قبيلن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون ويساهين ويساهين سان جيتريون ٿي سگهيون ترتيب وار ڪيون آهن . پر انهن رول قبيلن واري رولاڪيون ڪندي ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون ۽ منظر اهڙا بـ هئا . جيڪي هئين ڇڪ کاڌي تـ لکجن پر سنڌي سماج انهن ڳالهين کي هضم ڪري سگهي الاهي نـ انهي ڪري اهي ڳالهيون گهڻون چاهيندي بـ ڇڏيندا اکيون ٻوٽيندا اڳتي مٽي وياسين . اهي ڳالهيون انهن قبيلن جي اهڙو سچ هو جيڪو اڃان تائين دماغ ۾ اٽڪي بيهـ رهيون آهن. سو دل چاهي ٿي اهي ڳالهيون ڪري ڇڏجن . اهي سماج جا ڪلاڪار ۽ آرٽيسٽ ڪئين سماج ۾ پنهنجي ذات بـ گار سمجهي کڻي هلن ٿا.انهن قبيلن ۾ هڪڙو قبيلوسنڌ ۾ “مڇلا” بـ آهي . حقيقت ۾ مڇلا سنڌ ۾ گار آهي. پر هو پوءِ بـ پوري سماج ۾ مڇلا نالي ذات سان مشهور آهن. جي هن قبيلي جي ڏيري تي وڃو ۽ هنن کان پنهنجي ذات پڇو تـ هو چوندا اسين مڇلا نـ پر مداري آهيون . پر اسان جي آرڪانن اسان کي مڇلا ڪري ڇڏيا آهن. انهن جا اهي آرڪان بـ هنن جا خوشي مان ورتل ناهن پر وقت ۽ حالتن سان گڏ آرٽ جي بي قدري جي ڪري پئدا ٿيا آهن. هنن ۾ گهڻا مسلمان ٿيا آهن پر کاهي وارا مڇلا اڃان تائين هندو مت سان تعلق رکن ٿا. هنن ۾ ڪنهن بـ ماڻهو جو شناختي ڪارڊ ٺهيل ناهي. ڇو هنن کي ماءِ جي تـ خبر آهي پر هنن کي پنهنجي پيءِ جي خبر ناهي . ڪير هنن جو پيءِ آهي اهو هنن وٽ بـ سوال آهي. هن قبيلي ۾ پيالي نياري واري ريت بـ عجيب آهي جيڪڏهن ڪا مڇليءِ ڪنهن مڇلي مائيٽ سان گڏ ڀڃي وڃي تـ انهي کي وارائيندا تـ سهي پر پوءِ بنا شادي جي انهي سان رهي چپن جي سوم رس جو چس وٺي جسم جو گوشت جي رون رون مان رس چوسي ۽ هڪ ٻي جي جسم ۾ لهندا آهن. اهي مڇلا جسمن ۾ لهندا ۽ لاهيندا آهن. پياڪن جا پيٽ اتي ڀرجن ٿا . سمورو جوش اتي وڃائي موٽن ٿا. انهن مداري ۾ نسل وٺڻ لئـ وري اها ڪوشش هوندي آهي . تـ صورت جو جهان سهڻو هجي. سهڻي صورت مان هو نسل وٺندا آهن. اهو هنن جو پيٽ گذر بـ آهي. اهي مداري ڇوڪريءِ جو اولاد ٿيڻ تي ڏاڍا خوش ٿيندا آهن. انهي جي خوشي بـ ڪندا آهن. پر انهن مڇلن ۾ شادي تـ بلڪل ئي ناهن ٿينديون يا صفا گهٽ ٿينديون آهن. ڪا وڙلي ئي شادي ٿيندي آهي. ۽ شادي کانپوءِ عورت مڇلائپ ڇڏي ڏيندي آهي. بس هنن جو اهو ئي ڪم آهي. هاڻ تـ انهن مڇلن ٻلن جو گوشت کائڻ ڇڏي ڏنو آهي نـ تـ ٿورو ئي ٽائيم ٿيندو جو کاهي شهر مان ٻلن جو شڪار ڪري کائيندا هئا. اهي مڇلن جا ڇوڪرا جڏهن وهنجي سهنجي سينگار ڪري وڏن شهرن ڏانهن ويندا آهن . اتي پنهنجي ذات سڏائڻ بدران ٻين ذاتين جا سڏائيندا آهن . پر انهن مان ڪير لکيندو ڪونهي تـ اصل ۾ هي ڪير آهن . انهي ڪري جو هنن جون شڪليون سرياند ماڻهن واريون هونديون آهن. انهن مڇلن کانسواءِ ٻي نالي چڙهي ذات وري سنڌ ۾ ڪبوترا آهي. انهن ڪبوترن جي چار ڏيرن ۾ وڃڻ ٿيو . جڏهن هڪڙي سج لهڻ مهل اسان ويران پوٺي تي آباد پنج ڇهـ جهڳين واري ڪبوترن جي ڏيري تي وياسين تـ سڀ کان پهرئين انهن جهڳين مان هڪ وڏيرو ٺري جي نشي ۾ ڌت ٻاهر نڪتو جنهن لئـ کٽ بـ کڄي آئي. ايتري ۾ ڪبوترن جي ڏيري مان ڪبوترن سان گڏ ڪجهـ ٻين ذاتين جا ماڻهو بـ نڪتا. بس پنج يا ڇهـ جهڳين مان ڪافي ماڻهو نڪتا . اسان انهن کان سندن قبيلي جا پيرا ليڪائڻ چاهيا پر انهي مهل اهي سڀ ڪنهن ٻي سياري جي مخلوق ٿي لڳا سو ڳالهيون ٺهي ئي ڪونـ سگهيون.بچا بند واري انهن ڪبوترن مان ڪجهـ حاصل ڪرڻ واري اميد پلي واپس روانا ٿياسين .رستي ۾ ورندي جيڪو اسان سان گڏ هڪڙو ڪبوترين جو ڪيجو هو . انهي ٻڌايو تـ بچابند اسٽاپ جي سمورين اکين ۾ لهي ويندڙ انهي ڪبوتري کي چون ٿا هڪ وڏي سرياند ساست دان الاهي تـ ڪيترن لکن ۾ نٿ لاٿي جيڪا ڪبوتري انهن ڏينهن کانپوءِ بچابند تـ ٺهيو پر وري ڪڏهن ڪٿي بـ نظر ڪونـ آهي. پر وري انهي ڪبوترا ڪير آهن ۽ ڪٿان آيا جي ڳولا ۾ اسين ڪوٽ غلام محمد جي انهي روڊ جو ڀر جهلي پکن ۾ وياسين . اوڏي محل ديوي جي هيٺان ويٺل هڪڙو ٿلهو ڪبوترو ڀنگ گهوٽي رهيو هو. اسان جي اتي پهچڻ سان ئي سڀني پکن جا ڪبوترا اچي اتي گڏ ٿيا. ڪبوتريون بـ نرا کڻي اسان کي ڏسڻ لڳيون. اتي خبر پئي تـ هي ڪبوترا نـ پر نٽيا آهن. انهي وچ ۾ ڪبوترن کي مختلف نمبرن تان فون ايندا رهيا. انهن ۾ جيڪڏهن ڪو سرائيڪي وارو سامهون ڳالهائيندڙ هو تـ هنن سرائڪي ٿي ڳالهائي جي ڪو سنڌي ڳالهائيندڙ هو تـ انهي سان سنڌي ٿي ڳالهائي. انهن ڳالهين مان ڪهڙيون ڳالهيون لکجن. بس انهن ڪبوترن جو چوڻ هو تـ اسان وٽ ڪا ٻني تـ آهي ڪونـ بس اسان جي اها ئي ٻني آهي. انهي ڏيري تي مختلف ڪبوتريون ڏٺيون سين . هڪڙي ڪبوتري پريان پکي ۾ اٽو ڳوهي رهي هئي جيڪا ڏاڍي سهڻي هئي. ٻيو جيڪو اوڪراڙي ۾ ڪبوترن جو پيڙو آهي اتي وڃڻ هو. اسان جئين وڃي پکي ۾ ويٺاسين تـ پاسي ۾ ڪمري جو در بند هو اي سي ڪمري ۾ لڳل هئي. ٿوري دير ويٺاسين تـ اوچتو در جو هڪڙو تاڪ کليو ۽ انهي مان هڪڙي ڪبوتري ٻاهر نڪتي. اسين جڏهن اتي وياسين تـ ڪبوترن ۾ شادي هئي. گهوٽ ۽ ڪنوار هڪڙي پکي ۾ هڪڙي کٽ تي ويٺل هئا. جنهن جي چوڌاري ڪجهـ هم عمر ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا هئا جيڪي ڇوڪري ۽ ڇوڪري جا مذاق ڪري رهيا هئا . اتي ئي پاسي ۾ هڪڙي ننڍڙي ڪوٺڙي اندر ٺري جو مٽ لڳل هو ۽ ٺري جي مٽ تي ويٺل ڪبوترو ٺري ۾ چچ ٿيل هو. شادي جي ڪري هر هنڌان ڪبوتريون ۽ ڪبوترا هتي گڏ ٿيا هئا. مڇلن ۽ ڪبوترن جا ڏيرا فحاشي جا اڏا آهن. جتي جون راتڙيون روشن هجن ٿيون ۽ ها راتيون جاڳن ٿيون ۽ هتي جا ڏينهن ننڊ ٿڪ ۾ چور هجن ٿا. پر جڏهن اسان جو وڃڻ جنڊاوڙن ۾ ٿيو تـ اهي هيڪر تـ اسان کي پنهنجي پکن واري بستي ۾ اچڻ ئي نـ ڏئين گهڻو زور بهرڻ تي اچڻ ڏنائون تـ اسان سان وري ڪا بـ جنڊاوڙي ڪونـ ملي ۽ اهي جنڊاوڙا بـ اسان کي پنهنجي قبيلي جي باري ۾ ٻڌائڻ لئـ تيار نـ هئا. پوءِ اسان هنن جي هرداس جيڪو اڳواڻ هو چرس جو موالي هو انهي کي ڌتاري هوٽل تي وٺي آياسين جتي هن ٻـ پيالا چانهـ جا پيارڻ کانپوءِ هن کي کوليو سين . سو انهن رول قبيلن جو اڃان ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي ڪرڻ کان رهجي ويون آهن. سو پاڻ انهن جون اهي ڳالهيون وقفي وقفي سان ڪوشش ڪري هتي ڪندا رهنداسين . تـ آرٽ جي بي قدري ۽ ماڻهو جي اندر ۾ مڪمل طرح سماجي قدر ڪئين مرن ٿا. انهن جي مرڻ جو سبب صرف بک بـ ناهي ۽ نـ وري انهن جي مرڻ جو سبب ڪو سماج آهي . اهي قبيلا اڃان تائين پنهنجو پاڻ کي انهن حالتن مان نـ ٻاهر ڪڍي سگهيا آهن نـ وري ڪو ڪڍي سگهندا جن جا مرد ڪا بـ مزدوري نٿا ڪن جن عورتون هر وقت اکين جا دام هڻي ويٺل اهن. اهو سڀ ڪجهـ پئسي لئـ بـ نٿو ڪيو وڃي جي صرف پئسا لئـ ڪيو وڃي ها تـ ڪيترن ئي زميندارن جون زمينداريون مڇلن جي ڏيرن ۽ ڪبوترن جي پيڙن تي پوريون ٿيون پوءِ اڄ ڪبوترا بـ زميندار هجن ٿا. ۽ مڇلا بـ پر اهو نفسياتي مسئلو آهي. جئين جوڳي ڪڏهن بـ اوهان کي مري وڃي سچ ڪونـ ٻڌائيندا هر ڳالهـ ۾ لنڊي جي ليڪي وارا ور هوندا. خالد ڪنڀار جي فيس بوڪ وال تان کنيل