• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حساب ڪتاب جو ڏينهن مقرر آهي

خاڪ هوجائينگي تجھي خبر هوني تک ؛
____________________________________
صبح جو ساڍي نائين وڳي الطاف حسين ، وزير اعلي سنڌ کي ڏاڍيون ڌمڪيون ، ڪوڪون ، لنڊن مان واڪا ڪيا ته
شاه صاحب
15 منٽن ۾ جيڪڏهن توهان ٻاهر اچي ڪري ، اسان جي 8 ڪلاڪن کان ويٺل ڌرڻي وارن ماڻهن کي آٿٿ نٿا ڏيو ته پوء .......................... !!
پوء وزير اعلي سنڌ بستري کان ٻاهر ئي نه نڪتو
۽
مجبورن انهن انڌن ٻوڙن ، گونگن ۽ هينگ اوور ٿيل حڪمرانن جي شفقت ، همدردي ملڻ کانسواء ، هو پنهنجن پيارن کي دفنائي آيا ...............
شڪارپور ويندڙ 62 سنڌ جا مسافر سڙي خاڪ بڻجي ويا
مگر
توهان کي جگجيت جو غزل
خاڪ هوني تڪ “ به ياد نه آيو
هاڻي انتظار آهي
توهان جي
مڪافات عمل جي ، سزا ۽ جزا جو
بيشڪ
حساب ڪتاب جو ڏينهن مقرر آهي
 
سائين جزاڪ الله اوهان درد جي جا ڳالھ لکي آهي ان لاءِ اوهان جس لهڻو مونکي به اوهان جي موضوع سان ٺهڪندڙ هڪڙو شعر ذهن ۾ پيو اچي. شعر ته اردو جو آهي.
جيسي ڪرني ويسي ڀرني، يقين نه آئي تو ڪر ڪه ديک
جنت ڀي هي جهنم ڀي هي تو مر ڪر تو ديک.
هر عمل جو انجام ان جي انتها (قيامت) ۾ ائين لڪل هوندو آهي جيئن ننڍڙي ٻج ۾ هڪ وڏو وڻ لڪل هوندو آهي. جڏهن عمل اختتام مزير ٿيندو آهي ته ان جي قيامت ظاهر ٿي پوندي آهي ان کي عمل جو موت پڻ چيو وڃي ٿو سو سائين مقافات عمل ته ٿيندو ليڪن ان کان پهريان اوهان ۽ اسان جون ذميداريون پڻ چيڪ ٿي رهيون آهن. ظلم جو زور ان وقت تائين هلندو جيسيتائين معاشرو بي حس هوندو جنهن ڏينهن معاشري ۾ احساس جاڳي پيو ان ڏينهن مقافاتِ عمل يعني هر عمل پنهنجي عامل ڏانهن ورايو ويندو.
اسان جي سماج ۾ ظلم جي عمر طولاني ان ڪري آهي جو اسان جو سماج احساس کان عاري آهي پر هاڻي اوهان جهڙا دوست اٿيا آهن اوهان شعور انشاءِ الله جلد شعور جي لاٽ ٻرندي احساس الفاظن جي صورت وٺندا ۽ يومِِ آخر جزا ۽ سزا جو ڏينهن اسان به ڏسندا سين.
وسلام
 
Back
Top