گورڌن ولاسائي
سينيئر رڪن
منهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ شاگردن جي گهڻائي ايران سان تعلق رکي ٿي، ان مان 4 ڇوڪرا ۽ 10 ڇوڪريون آهن. وات هڻڻ جون تمام گھڻيون شوقين، مٿو کائڻ ۾ پهريون نمبر، گلائون ڪرڻ جون بي حد ماهر آهن. ليبارٽري ۾ خاموشي جو بورڊ به چڱو خاصو لڳل آهي پر هِتي بي اثر آهي. توڙي جو ريليڪسنگ ميوزڪ جون لائيو ويب سائيٽون، هيڊ فون تي ٻُڌندو آهيان جيئن گوڙ کي ٿورو گهٽائي سگهجي. ڪافي وقت ته ايئن ڪم هلندو رهيو.
جيئن ئي انهن کي خبر پوندي وئي ته آئون ڪمپيوٽر کي ڪافي بهتر ڄاڻان ٿو، ريسرچ جا ڪافي سافٽويئر هلائڻ ۾ مهارت رکان ٿو، انگريزي به چڱي آهي. ٻين جي مدد ڪندي ٻرو به ڪونه ٿو چڙهي سو هرڪو ننڍڙي ننڍڙي مسئلي جي جلد از جلد حل لاءِ ڊسٽرب ڪرڻ لڳو. مون کي به پنهنجو ڪم وقت سر ختم ڪرڻو هُجي. هڪ ڀيري رات جو ڏيڍ ٿي ويو، مون کي وقت جي خبر ئي نه پئي، ليب ۾ پنهنجي ڪم ۾ مصروف هُئس، جو چوڪيدار بلڊنگ جا ٻاهريان دروازا بند ڪري الائجي ڪيڏانهن گم ٿي ويا...... جيئن تيئن ڪري عمر کي فون ڪئي جن وري سيڪيورٽي وارن کي فون ڪري دروازا کولرائي منهنجي جان آجي ڪرائي. سيڪيورٽي وارن تاڪيد ڪئي ته 12 بجي کان پوءِ بلڊنگ کي تالو هوندو، احتياط ڪجان.... مون ته توبنهن ڪري، لائبريري کي جوائن ڪيو جو اُها 24 ڪلاڪ ئي کُليل هوندي آهي.
پاڪستاني ٽنگ اڙائڻ واري عادت مطابق هڪ ٿڙندڙ همراه کان پُڇيم خير ته آهي؟ چيائين ته ها، بس هيئنر ننڊ مان جاڳيو آهيان. حيرت ٿي ته لائبريري ۾ چوي ٿو ته هيئنر جاڳيو آهيان، مطلب ته ڪافي دير کان سُتو هوندو. اڻ سُڃاڻ هو، سو صلاح ڪيم هل ته هلي گڏجي چانهن يا ڪافي پيئون. چيائين هلو.....
آرسن مجيت پنهنجي آکيري ۾ اڄ شام کان ئي سُتو پيو آهي.... الائجي ڇو؟ جاڳيو ته خبر وٺبي.
وياسين وٽامن بار تي، ڪافي وٺي ڪري ٽيبل تي ويٺاسين. پڇيم ته ڏي خبر لائبريري ۾ ڪيئن سُتو پيو هُئين؟ ڪيتري دير کان اُتي سُتو پيو هُئين؟ چيائين ته رات 2 بجي سُتو هُئس هيئنر 10 بجي جاڳيو آهيان. ڀلي ننڊ هُئي....
وڌيڪ حيرانگي مان پُڇيم ته ايئن ڇو؟
آئون ته رهندو ئي لائبريري ۾ آهيان. گهر وارا پئسا جيڪي موڪليندا آهن، اُهي سگريٽ پيئڻ ۽ ماني ڀلي کائڻ ۾ لڳائيندو آهيان. هتي لائبريري ۾ مفت ۾ پيو رهان. سامان سڙو سڄو ٽيبل جي هيٺان..... ڪير به ڪا شئي چوري نه ڪندو جو ڪيمرائون لڳل آهن. مزو لڳو پيو آهي.
پڇيم ته ٻيون ڪهڙيون ٽيڪنڪون استعمال پيو ڪرين؟
مون وٽ ڦيٿن وارا جوتا آهن، برف تي ترڪڻ وارا اسڪيٽنگ جوتا آهن. بس ۾ ته چڙهان ئي ڪونه. آڌي جو به موڊ ٿئي ڪيڏانهن وڃڻ جو ته بس رُڳو جوتا بدلي ڪري، ٻه ٽي وکون ته ٺڪاءِ ڪزلائي.... البته واپسي تي خبر پوندي آهي ته گهڻين ويهين سئو آهي.... جو بيتيپي پهاڙي تي آهي....
وچ ۾ بيٺل آرسن مجيت آهي.
پُڇيم ته ٻيا ڪيترا آهن تو جهڙا هِتي؟ ۽ مزو اچي ٿو ايئن رهڻ ۾؟
چيائين ته ٻه ڄڻا ته سُڃاڻان مين ريڊنگ هال ۾ آکيرو ڪيو اٿن، باقي ٻين فلورن جي خبر ڪونهي. ٻيو دوست، موالي اٿئي پر آهي يار ماڻهو. شوقين به آهي. شڪار پويان هوندو آهي.
هل! مزو اهڙو تهڙو اصل واه واه لڳي پئي آهي. ڪنهن نه ڪنهن جي. راتو ڏينهن اچ وڃ لڳي پئي آهي، سڀ پڙهيا لکيا همراه سُڃاڻن، گهڻن سان واسطو..... 24 ڪلاڪ اوطاق کُلي پئي آهي.
ان کان پوءِ سُٺي دعا سلام ٿيندي رهندي آهي، جڏهن به آچر واري ڏينهن ڪو ميل جول يا کل ڀوڳ جو ماحول هوندو اٿن ته سڏ ڏيندا آهن. ٻه ڏينهن اڳ برفباري ۽ سخت سردي کان پوءِ سندس گروپ يشل وادي جي ڄميل ڍنڍ تي اسڪيٽنگ ڪئي. ڪافي سُٺو لڳو.
آرسن مجيت ۽ ٻئي ولر سان گڏ يالڪان ريسٽورانٽ تي.
هاڻي ته ساڻن همدردي سان گڏ رشڪ پڻ ٿيندو آهي........ انهن ٻن دوستن جا نالا آرسن مجيت ۽ اومر فاروڪ آهن.