• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سُهُڻي سِيَارَي سِههَ رَاتِ ۾، جَا گِهڙَي وَسَندَي مِينهُن

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

ibbzpdiZzgmVgS.jpg


سِيَارَي سِههَ رَاتِ ۾، جَا گِهڙَي وَسَندَي مِينهُن
هَلَو تہ پُڇَئُون سُهُڻِي، جَا ڪَرَ ڄَاڻَي نِينهُن
جَنهِن کَي رَاتَو ڏِينهُن، مَيهَارُ ئِي مَنَ ۾


سُرُ سُهِڻِي

سِههَ = تَھُ، يخ ٿڌو _ سيءَ واري مهيني جو نالو
ڪَرَ = خبر، ڄاڻ، معلومات
نِينهُن = عشق

بيت جو پس منظر

~ جيڪا مِينهَن وسندي انتهائي سياري جي ٿڌي رات ۾ درياھ تري ٿي.
~ محبت ڪيئن ٿيندي آهي؟ هلو تہ سهڻيءَ کان سکئون جيڪا عشق ڪري ڄاڻي.
~ رات توڙي ڏينهن جنهن جي من ۾ ميهار ئي وسي ٿو.

سمجهاڻي

سياري جي انتهائي ٿڌي رات جنهن ۾ برف ڄمي پئي، سهڻي درياھ تري ميهار سان ملڻ ٿي وڃي. اچو تہ ان سهڻيءَ کي سلام ڪيون، سندس درشن ڪيون، کيس ڀيٽا پيش ڪيون.کانئس پڇئون تہ عشق ڇا کي چئبو آهي؟ ۽ عشق ڪيئن ٿيندو آهي؟ ڇو تہ سهڻيءَ جي من مندر ۾ رات توڙي ڏينهن ميهار ئي پيو پسجي.
ڀٽائي مرد جي ڀيٽ ۾ عورت کي وڌيڪ اهميت ۽ حيثيت ڏئي ٿو. کيس ئي بهادر، دلير ۽ سورمي سڏي ٿو. ميهار مرد هوندي بہ رات جي وقت درياھ تري سهڻيءَ سان ملڻ کان ڊڄي ٿو ۽ سهڻي عورت هوندي بہ عشق کي امر ڪري ڇڏيو.
سو اچو تہ سهڻيءَ جي هن لازوال جذبي مان اتساھ حاصل ڪري پنهنجي واعدن، وچنن ۽ commitment’s کي پاڙيون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
سِههَ = تَھُ، يخ ٿڌو _ سيءَ واري مهيني جو نالو
ڪَرَ = خبر، ڄاڻ، معلومات
نِينهُن = عشق

سائين لفظ ڪر جي جيڪا معني اوهان پيش ڪئي آهي اها شعر جي مناسبت سان مڪمل نٿي ٿئي.. شعر ۾ .جا ڪرڄاڻي نينهن آيل آهي..جنهنجي سڌي ريت معني ا اها ٿي نڪري ته سهڻي عشق ڪري ٿا ڄاڻي..يعني ڪنهن ڪم کي ڪرڻ لا اهو لفظ آندو ويو آهي..ڪر ڄاڻي...يا عام ٻولي ۾ ڪري ڄاڻي..وڌيڪ ڄاڻونگر سمجهي سگهن ٿا ته اها ئي صحيح معني ا آهي جيڪا مٿي اوهان پيش ڪئي آهي يا جيڪو مون اندازو لڳايو آهي اهو ٺيڪ آهي..مهرباني ڪري آگاهه ڪندا.
 
Back
Top