ادا اسان وٽ نوڪيا 206 مبائيل آهي، جنهن تان اسان تصويرون ڪڊيون آهين جيڪي مبائيل تي بلڪل صحيح پيون هلن، پرجڏهن ڪمپيوٽر ۾ ٿو هلايان ته ڪي هلن ٿيون ۽ ڪي نٿيون، ڪمپوٽر ۾ جيڪي هلن ٿيون اهي "جئي پيج" جي نالي سان فوٽو آهين، پر جيڪي نٿا هلن اهي "اين آر ڊبليو" فارميٽ جا فوٽو ٿي ويا آهين، هاڻ توهان دوستن جي رهنمائي جي ضرورت آهي،
نوڪيا موبائل جي ڪئمرا ۾ اهو آٽوميٽڪ سسٽم هوندو آهي ته جيستائين ڦوٽو کي مڪمل محفوظ نه ڪندي تيستائين اهي Nrw فارميٽ ۾ سيو ڪندي آهي، پو جيئن ئي تصوير مڪمل محفوظ ٿي ويندي يعني تصوير جا پگزلس وغيره سڀ مڪمل ٿي ويندا ته پو تصوير کي jpeg ۾ آٽوميٽڪ سيو ڪري ڇڏيندي آهي. توهان ڪابه تصوير ڪڍو پو ڪجهه دير انتظار ڪريو ته جيئن اها nrw مان jpeg ۾ آٽوميٽڪ ڪنورٽ ٿي وڃي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو لاڳيتا 4 يا 5 ڦوٽو ڪڍبا آهن ته پو نوڪيا سيٽ جو ڪئمرا سسٽم هينگ ٿي ويندو آهي ۽ تصويرون Jpeg ۾ ڪنورٽ ئي ناهن ٿينديون. ان ڪري جيڪڏهن توهان وٽ نوڪيا آهي ۽ توهان ڦوٽو ڪڍڻ چاهيو ٿا ٿوري ٿوري وقفي کان پو ڦوٽو ڪڍو. نه ته ڦوٽو nrw ۾ ئي محفوظ ٿيندا رهندا.
۽ هڪ ٻي ٽرڪ آزمائي ڏِسو.. nrw جي ايڪسٽينشن کي jpeg جي ايڪسٽينشن ۾ تبديل ڪري ڏِسو، ٿي سگهي ٿو ته توهان جو تصويرون ظاهر ٿي پون nrw جي ايڪسٽينشن کي jpeg جي ايڪسٽينشن ۾ تبديل ڪرڻ لا توهان هيٺيون طريقو آزمايو. مائي ڪمپيوٽر کوليو ۽ ڪيبورڊ مان Alt بٽڻ دٻايو، هاڻي توهان مينيو بار مان Tools جي آپشن ۾ وڃي اتان Files & Folders تي ڪلڪ ڪريو. هاڻي توهان جي سامهون هڪ نئين ونڊو کُلي پوندي، پوءِ ان ونڊو مان View جي ٽيب کوليو ۽ ان مان Hide Extentions for unknown files جي آپشن کي Unmark ڪريو. هاڻي توهان مطلوبه فائل (جيڪا nrw ) ۾ آهي ان کي Rename ڪريو. مثال : فائل جو نالو آهي Photo34.nrw ته پو ان کي هيئن لکو Photo34.jpeg . اميد ته مسئلو حل ٿي ويندو. ايڪسٽينشن .nrw فائيل کي jpeg ۾ ڪيئن تبديل ڪجي؟ تصويري سکيا.
ادا اسان توهان جي ٻڌايل طريقي مطابق اسان ڪوشش ڪئي آهي، پو۽ به ڪم نه ٿيو ادا، اڃان به توهان جي رهنمائي کپي، ڪو سوفٽويئر هجي جيڪو" اين، آر، ڊبليو" کي " جئي پيج " ۾ ڪنورٽ ڪري، تصوير
ادا سائين ڪم ٿي ويو، هڪ سافٽويئر جي ذريعي جيڪو توهان سان به شئر ٿو ڪريان هر طرح جي فارميٽ کي ڪنورٽ ڪري سگهو ٿا، وڊيو سان گڏ ته حاضر آهي توهان دوستن جي خدمت ۾، وڊيو لنڪ سافٽويئر ڊاونلوڊ دعائين ۾ ياد ڪندا،