ڏَمُ ڏِهَاڻِي ڪَيتِرَو، پَرِ ۾ ٿَو پَلَيسِ
تَان تَان جِيءُ جَلَيسِ، مِلَي جَان نہ مَيهَارَکَي
سُرُ سُهُڻِي
جَهولَ = پاري جهڙو سرد بيٺل پاڻي _ درياھ جي پائڻ ڪري اونهي ٿيل کڏ
تَانگَهو = ٿورو پاڻي، پنيءَ ٻوڙ پاڻي
تارِ = مڙس جي قد کان وڏو پاڻي
ڏَمُ = سهڻيءَ جي مڙس جو نالو
ڏِهَاڻِي = ڏهاڙي، روزاني
پَرِ = ريت، چال
جِيءُ = دل، اندرُ،جسم
جَلَسِ = سڙيس
بيت جو پس منظر
~ سهڻيءَ جي عشق کي ٿڌو پاڻي، ننڍو پاڻي توڙي تارِ پاڻي روڪي نہ سگهيو.
~ سندس مڙس ڏم بہ پنهنجي مُنهِن گهڻو ئي پئي سمجهايس، دڙڪا، داٻا ٿي ڏنانئينس.
~ پر سهڻيءَ جي اندر ۾ باھ ٻرندي هئي جيسين ميهار سان نہ ملندي هئي.
سمجهاڻي
سهڻيءَ جي عزم ۽ حوصلي کي رات جون اونداهيون، ٿڌو پاڻي، پنيءَ ٻوڙ پاڻي توڙي درياھ جي دهشت ۽ تيز وهڪرو ڪڏهن روڪي نہ سگهيا.سندس مڙس ڏم توڙي ٻين گهر ڀاتين جون نصيحتون، داٻا، دڙڪا، دهمان ۽ ڌمڪيون درياھ پار ڪري ميهار سان ملڻ کان جهلي نہ سگهيا. سهڻيءَ جي اندر ۾ اڃ،اُساٽ، سِڪَ ۽ اُڪير تيسين باهيون لڳائي ڇڏيندي هئي جيسين پنهنجي محبوب ميهار سان نہ ملندي هئي.
سهڻي علامت آهي بهادريءَ جي، دليريءَ جي، هماليہ جي پهاڙن کان اوچن عزمن ۽ حوصلن جي. محبوب ۽ منزلن ماڻڻ جي واٽ، دڳ، گس جي. سهڻي روشنيءَ جو مينار آهي اوندھ انڌوڪار کي روشن صبح ۾ تبديل ڪرڻ جو.
_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل