وڪٽوريا ٽاور

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏15 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    س ب کوسو

    جيڪب آباد جو شمار انهن شهرن ۾ ٿئي ٿو جيڪي برطانيه سرڪار جي ڏينهن ۾ وجود ۾ آيا. خان قلات اول جي نالي سان هن ننڍڙي ڳوٺڙي کي ” خان ڳڙهه“ ڪوٺيو ويندو هيو ۽ موجوده ڪي جي اسڪول kinder gartau school واري ميدان تي خان قلات جو قلعو هوندو هيو جتي ويهه پنجويهه فرد ڪچن گهرن ۾ رهندا هئا. خان قلات سياري جا ڏينهن خان ڳڙهه ۾ گذاريندو هو.

    1847ع ۾ سر چارلس نيپئير طرفان جنرل جان جيڪب کي سرحدي علائقي خان ڳڙهه جو Political agent ( سياسي عيوضي) مقرر ڪيو ويو، جان جيڪب تجربيڪار فوجي آفيسر سان گڏوگڏ هڪ سٺو انجنيئر پڻ هيو. هن انتظامي لحاظ سان خان ڳڙهه کي اهميت ڏني. هتان جي ماڻهن تي پنهنجي سٺي سلوڪ ۽ شفقت ڀريي ورتاءَ سان پنهنجو گرويده ڪيو ۽ ڪيترن تي سردارن کي جاگيرون عطا ڪري پنهنجي ويجهي آڻي ڇڏيو.

    جان جيڪب انجنيئر جي حيثيت سان بندوقون ايجاد ڪيون جيڪي ڳڇ وقت تائين سندس رهائش گاهه ۾ موجود هونديون هيون. هن هڪ گهڙيال پڻ ايجاد ڪيو، جيڪو پنهنجي رهائش گاهه ۾ نصب ڪرايو جيڪو اڄ به هلندڙ حالت ۾ موجود آهي. جان جيڪب خان ڳڙهه کي جديد انداز ۾ اڏڻ شروع ڪيو. پنهنجي رهائش گاهه کان اڌ ڪوهه جي مفاصلي تي ڪوارٽر جوڙايا جتي فئملي لائين فرسٽ، سيڪنڊ ۽ ٿرڊ فئملي لائين ڪوٺيو ويو جتي سندس فوج جا Rhssaldar (رساله) رهندا هيا. ان ڪري ان کي فئملي لائين جو نالو ڏنو ويو. وڏا ويڪرا روڊ هوندا هيا. اٽڪل 50/40 فٽ ويڪرا روڊ ۽ 30/20 فٽ ويڪريون گهٽيون هونديون هيون. اسين تعليم يافته هجڻ جي باوجود غير قانوني ڪم ڪرڻ پنهنجو قانوني حق سمجهون ٿا. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته ملڪ ۾ Rule of law قانون جي حڪمراني نه آهي. هتي فرد مضبوط ٿيا آهن ۽ ادارا ڪمزور ٿيا آهن. بااثر ماڻهو غير قانوني ڪم کي عيب نه ٿو سمجهي ڇو ته قانون سندس ڪجهه بگاڙي نه ٿو سگهي ۽ پوءِ عام ماڻهو به غير قانوني ڪم ڪرڻ کي حق ٿو سمجهي. غير قانوني حد دخلين جي ڪري شهر جي شڪل بگڙجي وئي آهي. حد دخلين جي ڪري ويڪرا روڊ گهٽيون بڻجي ويون آهن ۽ گهٽين پيچرن جو روپ ڌاريو آهي. روڊ جي ڪناري وڏا وڏا وڻ هوندا هيا. اڄ وڻڪاري جو ذڪر ڪتابن ۾ پڙهڻ لاءِ ملي ٿو. ايچ ٽي ليمبرڪ H.T.Lambrick پنهنجي ڪتاب John joceb of Jecobadad ۾ لکي ٿو ته :

    It is jecobdam that he planted over million trees in and around khan garh in te following ten years.

    ” اهو هڪ ريڪارڊ آهي ته هن (جنرل جان جيڪب) شهر جي پسگردائي ۾ ڏهن سالن جي دوران ڏهه لک کان مٿي وڻ پوکرايا“راڻي وڪٽوريا جي تاج پوشي جي موقع تي 1887 ۾ هتي وڪٽوريا ٽاور تعمير ڪيو ويو. جنهن جي اوچائي 60 فٽ آهي. وڏو گهڙيال نصب ٿيل آهي جيڪو ڳچ وقت اڳ تائين درست وقت ٻڌائيندو هيو ۽ پري پري تائين گهنڊ جو آواز ٻڌو ويندو هيو ۽ گهرن ۾ ويهي ماڻهو وقت معلوم ڪري وٺندا هئا. (هن وقت گهڙيال خراب حالت ۾ آهي) جان جيڪب طرفان ٺاهيل گهڙيال جيڪو سندس ريزيڊنس ۾ نصب ٿيل آهي، هلندڙ حالت ۾ آهي. محمد عظيم نالي مستري گهڙي ساز گهڙيال جي مرمت ڪندو هيو ۽ گهڙيال هلائيندو هيو سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ لياقت علي وڪٽوريا ٽاور ۽ گهڙيال جي مرمت ڪندو هيو پر لياقت علي به اچانڪ غائب ٿي ويو آهي. هاڻي ته گهڙيالن جي مرمت لاءِ ڪو مستري نه آهي. وڪٽوريا ٽاور تي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر جي هڪ تختي plaque نصب ٿيل آهي جنهن ۾لکيل آهي:

    This tower was exacted by the salseription of jamendars and other in hedi tan th of the from tier district, the hindu panchayal and municipality of Jacobabad and the district local fund board in commemoration of jubilee of their queen emplets, which was celebration at Jacobabad on 16 th February 1887. the design was made and the stone work execuled ender the superintendence of colonel s.s Jacob, execative engineer of the jeypore state and cunsin of late general john Jacob Jacob cb he work was supervised by rao bahadur G.R Tilaka LCE executive engineer and D. Herbert ESO assis lame engineer PWD. The building was opened on the fist November 1888 bu MIS. Pritehard, daughter of C.B pritehard ESQ. CSSI commissioner in sindh, who presided on the occasion. R.Giled D.comm USF.

    ” زميندارن ۽ ٻين سرحدي ضلع جي رهواسين، هندو پنچائت، ضلع لوڪل فنڊ بورڊ جي چندي سان ٽاور کڙو ڪيو ويو، مائي جي تاجپوشي واري سرت ڀريي موقعي تي 16 فيبروري 1887 تي جيڪب آباد ۾ تقريب ملهائي وئي. ان جي ڊيزائن ۽ پٿر جو ڪم جئپور اسٽيٽ جي اگزيڪٽو انجنيئر ۽ جنرل جيڪب جي ڪزن ڪرنل ايس ايس جيڪب colonel s.s Jacob جي نگراني ۾ شروع ڪيو ويو. رائو بهادر جي آرتلاڪا ايل ايس سي ايڪس اي اين ۽ ڊي هربرٽ اي ايس او اسٽنٽ انجينئر پي ڊبليو ڊي کي ڪم جو نگران رکيو ويو. 21 نومبر 1888 تي ڪمشنر سنڌ جي بي پرت چرڊ جي ڌي مس پرت چرڊ جي هٿان افتتاح ٿيو هن صدارت ڪئي.“

    وڪٽوريا ٽاور جي چوگرد دوڪان ٺهيل هوندا هئا. جن جيڪب آباد جي تواريخي ٽاور جي اهميت ۽ سونهن کي ختم ڪري ڇڏيو هيو. برطانيه مان جنرل جان جيڪب جي خاندان جا ڪي فرد ٽاور وزٽ ڪرڻ لاءِ ۽ سندس سماڌي تي گل نچاور ڪرڻ لاءِ جيڪب آباد آيا هئا. وزٽ دوران دوڪانن کي ڏسي کين افسوس ٿيو ۽ پوءِ ان وقت جي ڪمشنر کي هنن چيو ته دوڪان اتان ختم ڪيا وڃن ۽ ٽاور جي اهميت کي بحال ڪيو وڃي. پوءِ دوڪان اتان ختم ڪيا ويا. انهن کي متبادل طور تي ٽانگه اسٽينڊ (جيڪو پڻ تولر يعنيٰ حيثيت رکندڙ هيو) الاٽ ڪيو ويو. ٽانگه اسٽينڊ لڳ هڪ خوبصورت هوٽل تاج محل هوندو هيو. جيڪو پڻ وقت جي ويرن جي ور چڙهي ويو. ٽانگه اسٽينڊ واري پلاٽ تي دوڪان تعمير ڪري شهر جي خوبصورتي کي تباهه ڪيو ويو. دوڪان هٽائڻ کان پوءِ ٽاور نروار ٿي بيٺو آهي پر وڪٽوريا ٽاور جي چوگرد اڄ به حددخليون موجود آهن. مکيه در اڳيان فروٽ جا ريڙها بيٺا آهن. ڏکڻ پاسي کان ڀاڄيون وڪڻندڙن جا ريڙها بيٺا آهن وري اتر طرف تي هوٽل واري بينچون رکي ڇڏيون آهن ۽ گيٽ بند ڪري ڇڏيو آهي. روزگار ڪرڻ هرڪنهن جو حق آهي اسان وٽ غربت ڏينهون ڏينهن وڃي ٿي وڌندي ٻچڙن کي ڊوڍو مهيا ڪرڻ لاءِ روزگار ضروري آهي پر پنهنجي تواريخي جڳهين جي حفاظت به اسان تي لازم آهي. ٽاور جو اڱڻ خراب سڙيل سبزين پٽاٽن، ٽماٽرن سان ڀريو پيو هوندو آهي ريڙهي وارا ۽ ٻيا دوڪاندار خراب ٿيل سبزيون ٽاور جي اڱڻ تي ڦٽو ڪريو ڇڏن. تعليم جي اڻاٺ جي ڪري اسان وٽ Civil sense وڃي ٿو ناپيد ٿيندو. هن وقت ٽاور جي اڱڻ تي مٽي جا ڍير پيل آهن. ڳچ وقت کان وٺي مٽي جو ڍير پيل آهي. ميونسپل ڪاميٽي جو ايڏانهن ڌيان نه ٿو وڃي. ضلع انتظاميه ٽاور کي وساري ڇڏيو آهي. ميونسپل ڪاميٽي تواريخ کان اڻ ڄاڻ ۽ قابليت کان وانجهيل آفيسرن جي ور چڙهي وئي آهي. جيڪي ڏوڪڙ ڪمائڻ ته ڄاڻن ٿا پر پنهنجي ماڳ کي سنوارڻ نه ٿا ڄاڻن، انهن ڪڏهن به ٽاور جي سار سنڀار ڪرڻ پنهنجي فرضن ۾ شامل نه سمجهيو آهي. 2001 ۾ هتان جي آخري ڊپٽي ڪمشنر عمر رسول ٽاور جي مرمت ۽ رنگ روغن ڪرايو هيو. ان کان پوءِ جيڪب آباد جي تواريخي اهڃاڻ وڪٽوريه ٽاور ضلع انتظاميه جي بي حسي جي ور چڙهي ويو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٽاور جي سنبڀار ڪئي وڃي ريڙهن کي اتان هٽائي کين متبادل جڳهه ڏني وڃي ٽاور جو روڊ کي صرف سڙو رکي ٽاور جي خوبصورتي کي بحال ڪيو وڃي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو