چڪنا چور هُيو، پوءِ به هُن ٿي نعرا ماريا ، مُڙس ته ڪو منصور هُيو ! وستيءَ وستيءَ، نگريءَ نگريءَ، گيت سان جي گُونج ڪئي، چانڊوڪيءَ ۾ چَنگُ وڳو ٿي، رات پرينءَ جو پُور هُيو. ڪالھ وفا جي ويراني ۾ ڪهڙي هرڻي اُڄ مُئي !، سِج ازل جي اک لڳو ٿي ، اُن ۾ ايڏو نُور هُيو !. دريا دريا هُن جو مَن هو ، صـحرا صحرا نيڻ هُيا، پَل جو پانڌيئڙو آيو هو ، وڃڻو هُن کي دُور هُيو. ڏينهن تَتي جو آيو آهين ، اڳ ۾ آئين ڇو نه ” اياز “ ، ڇپري ڇَپري ڇانوَ هُئيم جنهن وقت نِمنُ ۾ ٻُور هُيو !