سيمبين پنهنجو دور وڃائي ويٺو آهي ... باقي ونڊوز، آئي او ايس ۽ اينڊرائيڊ ۾ ملاکڙو جاري آهي.. مشهور سائيٽ ۽ ميگزين پي سي ورلڊ ڪجهه وقت اڳ هڪ ڪمپيئرزن پيش ڪيو هو جنهن کي ڏسي توهان کي به ڇو ۽ ڇا لاءِ جا جواب ملي سگهن ٿا...
باقي جيڪڏهن توهان 40 هزار تائين بجٽ رکو ٿا.. ته مان توهان کي 2014 جي 15 بهترين موبائيلز جي پني تي وٺي هلڻ گهرندس جتي تصويرن ۽ ڊسڪرپشن سان مواد موجود آهي.. ان لاءِ فون ارينا جو هي پنو گهمي ڏسو...
هوئن هڪ مزي جي ڳالهه ڏسيانوَ... اڄ جي هر سيڪنڊ ۾ تبديل ٿيندڙ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ 40 هزار جي بجٽ هڪ فون تي رکڻ جي باوجود سليمان وساڻ پڻ هڪ سال کان وٺي ڪهڙي سيٽ وٺڻ جي جواب جي ڳولا ۾ آهي...
هونئن ته هن قسم جا مشورا ڏيڻ کان ڊپ لڳندو هو پر ڀلو ٿئي يونس ملڪاڻي جو جنهن هي ليک لکي ڪم ٺاهي وِڌو.
پوءِ به منهنجي مشورن تي ذيشان رشيد اڃان لوڙهي ٿو پيو. وري به پنهنجو تجربو ٻُڌائبو. ائنڊرائڊ ۾ منهنجي نظر ۾ پائيداري توڙي ٽيڪنالاجي جي لحاظ کان سام سنگ ۽ ايڇ ٽي سي زبردست آهن. ٿوري گهڻي فرق سان باقي سڀ ڳالهه ته ساڳي پر سيٽ وٺڻ مهل بئٽري جي چونڊ ۾ احتياط لازمي آهي. اوهان ڏسجو 2500 mAh کان مٿي هُجي ته واهه.
ڪُجهه وقت اڳ سليمان وساڻ سان موبائل مارڪيٽ ۾ سروي ڪندي جديد سيٽ تي اچي بيٺاسين. جنهن جي قيمت به اوهان جي رينج ۾ يا ٿوري مٿي هُئي پر فيچرس زبردست. اوهان کي اُنهيءَ جي صلاح ڏِبي.
تفصيل لاءِ هي لنڪ .