ابو مُرڪ
سينيئر رڪن
شبنم موتي
عورت جو آواز
وَرهين کان وهايا نيڻن رَت جا ڳوڙها،
هاڻي موٽ ۾ مُرڪ ماڻڻ ٿا چاهيون.
جيڏانهن چاهيو هڪليو، ڇو سمجهو ٿا حيوان،
اسان آهيون انسان، سمجهائڻ ٿا چاهيون.
خواهشون دٻايون ۽ جذبن کي گُهٽيو،
گُهٽيا جذبا پنهنجا جيئارڻ ٿا چاهيون.
سدائين آ گذري ڪوٽن منجهه حياتي،
سڀئي ڏاڍ ڏونگر اڄ ڏارڻ ٿا چاهيون.
اڏيون هن اوهان جيڪي اُوچيون ديوارون،
سڀن تِن ديوارن کي ڊاهڻ ٿا چاهيون.
ويو پهچي ڪاٿئون جو ڪاٿي زمانو،
ننڊ مان اوهان کي اُٿارڻ ٿا چاهيون،
اسان کي سمجهو ٿا ڇو ڪمزور هيڻو،
اسان پنهنجي طاقت مڃائڻ ٿا چاهيون.
ڏيو ڀل اسان تي بغاوت جو الزام،
اسان پاڻ باغي سڏائڻ ٿا چاهيون.
عورت جو آواز
وَرهين کان وهايا نيڻن رَت جا ڳوڙها،
هاڻي موٽ ۾ مُرڪ ماڻڻ ٿا چاهيون.
جيڏانهن چاهيو هڪليو، ڇو سمجهو ٿا حيوان،
اسان آهيون انسان، سمجهائڻ ٿا چاهيون.
خواهشون دٻايون ۽ جذبن کي گُهٽيو،
گُهٽيا جذبا پنهنجا جيئارڻ ٿا چاهيون.
سدائين آ گذري ڪوٽن منجهه حياتي،
سڀئي ڏاڍ ڏونگر اڄ ڏارڻ ٿا چاهيون.
اڏيون هن اوهان جيڪي اُوچيون ديوارون،
سڀن تِن ديوارن کي ڊاهڻ ٿا چاهيون.
ويو پهچي ڪاٿئون جو ڪاٿي زمانو،
ننڊ مان اوهان کي اُٿارڻ ٿا چاهيون،
اسان کي سمجهو ٿا ڇو ڪمزور هيڻو،
اسان پنهنجي طاقت مڃائڻ ٿا چاهيون.
ڏيو ڀل اسان تي بغاوت جو الزام،
اسان پاڻ باغي سڏائڻ ٿا چاهيون.