جنگ جاري آ، جنگ جاري آ.

ابو مُرڪ

سينيئر رڪن
شبنم موتي

جنگ جاري آ، جنگ جاري آ.

انڌيرن ۽ انيائن سان، ظلم ۽ زندانن سان،
مئوزن ۽ مڪارن سان، جنگ جاري آ، جانگ جاري آ.

جيئنم سيد واري جنگ، ڪيهر ڏهيسر واري جنگ،
ڪانئرن ۽ قذاقن سان، جنگ جاري آ، جنگ جاري آ.

دولهه دريا واري جنگ، هوشو هيمون واري جنگ،
ويڪو ۽ غدارن سان، جنگ جاري آ، جنگ جاري آ.

بِلو بهادر واري جنگ، شهيد بختاور واري جنگ،
ڏاڍن جي ڏاڍاين سان، جنگ جاري جنگ جاري آ.
 
Back
Top