سوچن جي سمنڊ جو ساگر : (مختصر ڪهاڻي)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏16 جنوري 2015۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سوچن جي سمنڊ جو ساگر
    ******************
    (ڊاڪٽر ذوالفقار علي)
    **************

    مان ھڪ ڏينھن پنھنجي ڪلينڪ تي مريض چڪاسي رھيو ھيس،
    جڏھن ھن کي نمبر مليو،
    ھو منھنجي آفيس ۾ اندر آيو،
    ھو 22 سالن خوبرو نوجوان معصوم چھري جو مالڪ لڳي رھيو ھيس،
    ٿورو اداس،پريشان،گم سم، ٿي لڳو،
    پنھنجي منھن ڪجھ ڀڻڪي رھيو ھيو،
    منھنجي ٽيبل جي ڀرسان رکيل مريضن واري اسٽول تي اچي ويٺو.
    ھن سان گڏ آيل ھڪ اڌڙوٽ عورت جيڪا خوبصورت لباس ۾ پرڪشش لڳي رھي
    ھئي،
    ان کان پڇيم …ھن جي اھڙي حالت ڪڏھن کان آھي،
    منھنجي اھڙي سوال تي کلي پيو،
    ڄڻ مان فضول سوال پڇي ورتو ھيو،
    گذريل ھڪ سال کان اھڙي حالت ۾ آھي،
    ھن سان گڏ آيل ان عورت وڏي اعتماد سان جواب ڏنو،
    (ڊاڪٽر) توھان جو ڇا ٿئي؟
    منھنجو پٽ آھي،
    ھن ھٻڪندي جواب ڏنو،
    مون غور ڪري ڏٺو ڇوڪري کي چڙ لڳي،
    ھن عورت جي ڏنل جواب تي،
    اسان وٽ ايندڙ اڪثر مريضن جو رويو وارث سان خراب ھوندو آھي،
    اھي وارثن سان ويڙھ ڪندا آھن!
    پر ھي ڇوڪرو پنھنجو پاڻ مان خفا لڳي
    رھيو ھيو،
    جنھن جي اندر ۾ ڪروڌ ۽ نفرت جا طوفان اٿي رھيا ھيا،
    ھن جون اکيون ڳاڙھيون لال ڄڻ باھ جا شولا ٿي لڳيو،
    ھن کي پاڻ سان گڏ آيل عورت تي تمام گھڻي ڪاوڙ اچي رھي ھئي،
    ھن جي چھري جا تاثرات آَء پڙھي ورتا ھئا،
    مون مائي کي ڪمري کان ٻاھر وڃڻ لاء چيو،
    ھن ٻاھر وڃڻ نہ پئي چاھيو،
    پر مون ھن کي چيو اسان توھان جي سامھون مريض کان ھسٽري نٿا وٺي سگھون،
    تنھن ڪري اھو ضروري آھي،
    تہ ٿوري دير لاء ٻاھر وڃو پليز…
    ھوء ٻاھر ھلي وئي…
    مان ڇوڪري کي اعتماد ۾ وٺڻ لاء
    چيو ڏس پٽ مان ڊاڪٽر آھيان،
    توھان مونکي پنھنجو دوست ۽ ھمدرد سمجھو،
    توھان ڪنھن ڳالھ کان نہ گھٻرايو،
    توھان پنھنجي تڪليف ٻڌايو،
    منھنجي چھري ڏي گھوري ڏٺائين،
    وڏو ٿڌو شوڪارو ڀري کن پل لاء سوچ ۾ پئجي ويو،
    ۽ پوء ٻڌائڻ شروع ڪيائين،
    مان ڪو پاڳل نفسياتي مريض ڪونہ آھيان!
    اڪثر اسان وٽ ايندڙ ھر مريض ائين ئي
    سوچيندو آھي،
    تہ ھو ٺيڪ آھي،
    ھن کي ھتي وٺي اچڻ وارا سندس دشمن آھن!
    جيڪي ھن کي نفسياتي مريضن واري اسپتال وٺي آيا آھن،
    پر ھن ڇوڪري جو قصو ڪجھ ٻيو ھيو،
    چيائين: ڊاڪٽر مان پاڻ کي ماري ڇڏيندس،
    ڇو پاڻ کي ماريندي؟
    منھنجي ماء پاڻ کي ڇو ماريو ھيو؟
    ڇو ماريو ھيائين توھان ٻڌايو؟
    ھوء خوبصورت نہ ھئي!
    ۽ سونھن،سندرتا خوبصورتي ھر انسان
    جي ڪمزوري ھوندي آھي!
    شايد ضرورت بہ…
    ۽ منھنجي پيء جي بہ فطرت ساڳي ھئي آھي،
    پر…!
    پر …؟
    [​IMG]

    منھنجي ماء خوبصورت نہ ھئي،
    ان ۾ منھنجي ماء جو ڪھڙو ڏوھ ھيو؟
    اھو تہ پيدا ۽ ٺاھڻ واري جي وس ۾ آھي،
    ھو پنھنجون تخليقون ڪئين ٿو جوڙي ۽ ٺاھي!
    گورا،ڪارا،گونگا،ٻوڙا،انڌا،ڪوجھا
    اھي سڀ مالڪ پاڻ تخليق ڪيان آھن،
    پوء اسان صرف خوبصورتي جي تلاش ۾ ڇو ھوندا آھيون،
    ڇا سيرت اخلاق ۽ سچائي جي ڪائي اھميت نہ آھي؟
    ڊاڪٽر صاحب آء اخلاق،سچائي،کي اھميت ڏيندو آھيان!
    منھنجي ويڳي ماء جيڪا ٻاھر بيٽي
    آھي،
    منھنجي پيء ان سان ٻي شادي ڪئي،
    جو ھوء منھنجي سڳيء ماء کان وڌي خوبصورت ۽ جوان ھئي،
    ھوء وري جيڪا ھڪ ٻي نوجوان کي پسند
    ڪندي منھنجي پي ء کان وڌيڪ ھن ترجيح ڏيندي آھي.
    ڇو جو ھو منھنجي پيء کان وڌيڪ خوبصورت ۽ پرڪشش جوان آھي،
    منھنجي دوست جي گرل فرينڊ منھنجي دوست کان وڌيڪ مونکي پسند ڪندي آھي!
    ڇو تہ منھنجو دوست رنگ جو سانورو آھي،
    ڇا دنيا ۾ صرف خوبصورت گورو رنگ ئي سڀ ڪجھ آھي،
    اخلاق ۽ سٺي شخصيت جي ڪائي اھميت نہ آھي؟
    منھنجي پيء جي اھڙي سوچ جي ڪري اسان جو سڄو خاندان تباھي ۽بربادي جي ڪناري تي پھتل آھي،
    منھنجي ماء اھڙي ورتاء ۽ ناانصافي جي ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي،
    ڇا آء بہ خودڪشي ڪري ڇڏيان؟
    مونکي پڪ آھي،
    منھنجي ويڳي ماء بہ ھڪ ڏينھن پنھنجي چاھيندڙ سان ھلي ويندي،
    باقي ڇا بچو ھن جي زندگيء ۾…؟
    يورپ سميت سڌريل ملڪن ۾ پڻ اھڙي سوچ وارو عنصر ملي رھيو آھي،
    اڄ آمريڪا سميت برطانيہ ۾ پڻ گورا
    ڪارن تي حملا ڪري رھيا آھن!
    اڄ ڪلھ اسان جي ميڊيا پاڻ اھڙي سوچ جي ھمٿ افزائي ڪري رھي آھي،
    ھڪ ڪمرشل اشتھار ۾ ھڪ سانوري رنگ واري ڇوڪري جو رشتو ان ڪري نہ ٿي سگھيو !
    جو ھوء رنگ جي ڪوجھي ۽ سانوري ھوندي آھي!
    ٻي ڇوڪري ھن کي ڪريم آڻي ڏيئي چئي ٿي ھن ڪريم کي آزمايو توھان جي قسمت ئي بدلجي ويندي!
    ڇا قسمت ۾ مثبت تبديليون اچڻ جو دارومدار صرف سٺي شڪل صورت ھجڻ تي آھي!
    اھا ميڊيا ڪھڙي قسم جي سوچ جي عڪاسي ڪري رھي آھي؟
    رڳو خوبصورت ڇوڪرين يا ڇوڪرن سان شادي جائز آھي؟
    باقي سانوريون ڇوڪريون يا ڇوڪرا ڪھڙي ڏوھ ۾ اھڙي روين جو شڪار آھن!
    ڇا اھو قدرت وارو جو قصور آھي،
    جو اھڙيون تخليقون ڪري ھن ڌرتي تي موڪلي رھيو آھي،
    ۽ خدا جي ڪيل تخليقن کي خوبصورت بنائڻ جو ٺيڪو انھن نام نھاد ڪارپوريٽ سرمائيڪارن کنيو آھي؟
    ھوء سڀ ڳالھيون ٻڌائڻ کان پوء ٿوري دير لاء خاموش ٿي ويو،
    ھن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا،
    ھن مون کي گھوري ڏٺو ۽ چيائين،
    ڊاڪٽر صاحب جي توھان پاڻ کي منھنجو ھمدرد ۽ دوست سمجھو ٿا،
    تہ مان بہ توھان سان واعدو ٿو ڪريان،
    تہ اڄ کان بعد ۾ منھنجي نالي وارو فائيل توھان جي ٽيبل تي ڪڏھن بہ ڏسڻ ۾ نہ ايندو،
    ھن سماج جي بيمار سوچ جي اھڙي طرح ڀيانڪ تصوير ڏيکاري جو مان ڪيترو ئي ٽائيم سوچيندو رھيس.
    ۽ منھنجي اکين جي اڳيان اھڙا ٻيا بہ ڪيترائي سماج جا ڪردار ذھن جي اسڪرين تري اچن ٿا،
    جن تي سوچي حيرت ۽ افسوس ۾ پئجي وڃا ٿو…!!

    فيسبوڪ لِنڪ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو