احمد خان جمالي دولباخ، 18هين صدي جو هڪ اهڙو نامور دانشور ۽ ڏاهو ٿي گذريو آهي جنهن وٽ ان دور ۾ ٻيا به ڪيترائي ناميارا ”فيلسوف“ مهمان طور اچي ترسندا هئا. هو وڌيڪ لکي ٿو ته ”رياست ۽ ڪليسا عوام کي ”نامعلوم قوتن“ کان ڊيڄاري ظلم سهڻ تي مائل ڪري ڇڏيندا آهن جن کي ”قانون جي پٺڀرائي پڻ حاصل هوندي آهي. دولباخ جي خيال ۾ رياست ۽ ڪليسا جو اتحاد فرانس جو بنيادي شر آهي. آءُ انهن جي مخالفت ان ڪري ڪيان ٿو ڇاڪاڻ جو اهي اخلاق جي خلاف آهن. سندس چوڻ موجب اخلاق کي مذهبي عقيدن تي قائم ڪرڻ خطرناڪ آهي ڇاڪاڻ جو مذهبي عقيدا بدلجندا رهن ٿا ۽ انهن جي خاتمي سان .اخلاق“ به ختم ٿي وڃي ٿو هو وري لکي ٿو ته انسان کي عقل جي رهنمائي ۾ اهڙن سڀني عقيدن ۽ تعصبن کي روڪڻ گهرجي جن جو شڪار اهو صدين کان ٿيندو رهيو آهي. سندس چوڻ موجب عقل جو احترام واجب آهي ۽ صداقت جي محبت لازم آهي ته جيئن انسان پنهنجن تجربن تي اعتبار ڪري ۽ ”اڻ ڏٺل قوتن“ جي حڪم جو غلام ٿيڻ کان انڪار ڪري، ”انسان اخلاق جو بنياد پنهنجي فطرت تي ۽ معاشري جي مفاد کي مٿانهون رکي، پنهنجي ذات سان پيار ڪري ته جيئن عقل ۽ نيڪي حاصل ڪري سگهي ۽ اهڙي طرح خوشي ۽ مسرت سان مالامال ٿي سگهي. جيئن ته دولباخ به پنهنجي صدي جو وڏو ”ماديت پسند“ دانشور هو، ان ڪري کانئس جڏهن ”مادي“ جي تعريف ڪرڻ جو سوال پڇيو ويو ته جواب ۾ چيائين ”جيڪو ڪجهه اسان جي ”حسيات“ يعني مختلف احساسن تي اثر انداز ٿئي ٿو، اهو ”مادو“ آهي. ”ڪائنات ۾ هر شئي مسلسل حرڪت ۽ چُرپُر ۾ آهي ۽ ”فعاليت“ ئي مادي جو جوهر آهي. غور سان مشاهدو ڪيو ته معلوم ٿيندو ته جهالت ۽ دهشت جي نتيجي ۾ ”ديوتائن“ جي تخليق ٿي. مڪر، جنون ۽ جوش ان رنگ ۾ ڀريو يا ان جي اصل شڪل بگاڙي ڇڏي. ڪمزور ماڻهو انهن کي پوڄين ٿا جڏهن ته تشدد انهن کي تقويت پهچائي ٿو هن نامياري دانشور جي اها راءِ آهي ته ”اها سڄي دولت صرف ۽ صرف محنت جوئي ڦل آهي. ”هڪ ڪاروباري ماڻهو کان وڌيڪ خطرناڪ ڪو به شخص نه آهي، اهو هروز شڪار جي ڳولا ۾ رهندو آهي. ڪيتريون قومون اهڙن ئي سوداگرن ۽ تاجرن جي هٿان تباهه ٿين ٿيون، ملڪ برباد ٿي وڃن ٿا، محصولن ۾ اضافو ڪيو وڃي ٿو ۽ عوام فاقا ڪرڻ تي مجبور ٿئي ٿو ته جيئن چند ماڻهن جي هوس زِر جي تسڪين ٿي سگهي“ سندس هڪ مشهور قول آهي ته ”هڪ امير ماڻهو يا ته پاڻ لفنگو ۽ لوفر هوندو آهي يا ڪنهن لفنگي لوفر جو وارث هوندو آهي“ هو سوال ٿو ڪري ته ”ڇا دنيا جو سمورو عوام چند، بيڪار، بداخلاق ۽ خونخوارن جي عيش و عشرت جو سامان گڏ ڪرڻ ۽ انهن جي حرص ۽ خود تمائي جي تسڪين لاءِ ائين ئي محنت ۽ مشقت ڪندو رهندو؟؟ آخر عوام کي لٽيندڙ ۽ ڦريندڙ ظالم اميرن کان حساب ڪتاب ڪير وٺندو؟؟ ڇاڪاڻ جو حڪومت به ته انهن جي ئي هٿ ۾ آهي. 18هين صدي ۽ هلندڙ 21هين صدي جي وچ ۾ وقت جي ڪافي وٿي آهي ۽ حالت پڻ تبديلي ايندي رهي آهي ۽ اهڙي طرح سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ صحت جي ميدان ۾ نين کوجنائن جي نتيجي ۾ انسان جي سوچ ۽ فڪر ۾ اڃا وڌيڪ بهتري آئي آهي ۽ ممڪن آهي ته دولباخ جي ڪيترين ڳالهين سان ڪير متفق هجي ته ڪيترين سان اختلاف رکندو هجي پر ان حقيقت ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته”رياست“ ۽ ”مذهب“ کي رياستي سطح تي يا معاشرتي سطح تي گڏائي زبردستي مسلط ڪرڻ سان ماڻهن جون زندگيون ”زهر“ ضرور ٿيون آهن پر انهن ۾ نالي ماتر بهتري ڪٿي به محسوس نه ڪئي ويئي آهي. هن مدي خارج معاشري ۾ هر انسان جي سوچ جون ”محرڪ قوتون سندن ”مفادن“ جون تابع آهن. ”معاشرو“ پڻ مختلف متضاد محرڪ قوتن جو ميدان هوندو آهي. ان ڪري اختلاف راءِ پيدا ٿيڻ ڪا ”عجيب“ جهڙي ڳالهه نه آهي. ان ڪري ”عقيدي“ يا ”اخلاق“ جي سلسلي ۾ جيڪڏهين مختلف رايا آهن ته ان کي ”نفرت“ ۽ دشمني جو رنگ ڏيڻ جو ڪوبه جواز جائز نه آهي ۽ نه ئي پابندين مڙهڻ جو ڪنهن کي به حق آهي. ”هر خواهش جي لاءِ دل ۾ اول ئي دليل موجود هوندو آهي“ پر اصل سوال اهو آهي ته اهڙو سماجي، معاشي، سياسي ۽ اقتصادي نظام آخر ڪيئن قبول ڪجي جنهن ۾ عوام جي تمام وڏي گهڻائي محنت ڪرڻ جي گهاڻي ۾ صرف ڦيرا ڏيندي رهي ۽ ان جي عيوض ”چند“ خاندان مسلسل عيش و عشرت جي زندگي گذاريندا رهن ۽جيڪڏهين ”ڪير“ به اهڙي ناانصافي جي خلاف آواز بلند ڪري ته ان کي ”غدار“ ”ملحد“ يا باغي ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ رياست قانون جي مدد سان اهڙن انسانن جي ”زبان بندي“ ڪئي وڃي يا کين مختلف طريقن سان هيسائي سندس ”جيون“ حرام ڪيو وڃي. اهو حق کين ڪنهن ڏٺو آهي؟. اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته ڪوبه معاشرو، معاشي نظام يا مملڪتي قانون ۽ الله جي طرفان مسلط نه ڪيو ويو آهي پر اهو سڄو نظام ملڪيت ميڙيندڙ چند سرمائيندارن، جاگيردارن، اميرن جي طرفان پنهنجي مالي مفادن جي تحفظ لاءِ جو جوڙيو ويو آهي. اسانکي سڀني مذهبن ۽ عقيدن جي لاءِ احترام آهي پر اسان کي اهو به نه وسارڻ گهرجي ته ڪائنات ۾ موجود شين جا معاشري جا عمل هڪ ٻئي کان جدا نه آهن ۽ هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿيندا رهن ٿا_ ان ڪري سياست، اخلاق، ادب ۽ معاشيات جو هڪ ٻئي سان گهاٽو تعلق آهي ۽ اهي هڪ ٻئي کي متاثر ڪندا رهندا آهن. اهو پڻ چيو ويندو آهي ته ”علم کي عمل کان ۽ عمل کي علم کان جدا نٿو ڪري سگهجي؟ جيڪو ”نظريو“ عمل ڪرڻ کان وانجهيل آهي ان کي ”سُنڍ“ سمجهڻ گهرجي جڏهين ته جنهن عمل جي پٺيان ڪوبه نظريو نه هجي ته ان کي پڻ بيڪار سمجهڻ گهرجي. ان ڪري جيڪي جماعتون، تنظيمون يا انسان بهتر تبديلي جي لاءِ واجهائي رهيا آهن، انهن کي ان حقيقت جو ادراڪ ۽ احساس ڪرڻ گهرجي ته هر هڪ ڳالهه ۽ هر هڪ مسئلي لاءِ بنيادي سببن کي سمجهڻ ضروري آهي. انساني معاشري جي تاريخ جتي بيحد قربانيون ڏنيون آهن اتي ذهني آسودگي پڻ حاصل ڪئي آهگي ۽ اهو سفر بدستور جاري آهي، جنهن کي روڪڻ ڪنهن به قوت جي وس ۾ نه آهي. اسان جا مذهبي ۽ سياسي عقيدا ڪهڙا به هجن ۽ هڪ ٻئي سان اختلاف راءِ رکڻ جا ڪهڙا به جائز و ناجائز جواز ڇو نه هجن پر جيڪڏهين اسان انهن ”مصنوعي“ ۽ عارضي اختلافن کي بنياد بنائي هڪ ٻئي جا ٻانهن ٻيلي ٿيڻ کان نٽائيندا رهنداسين ته ان جو فائدو ڪنهن کي حاصل ٿيندو؟؟ اسان کي اهو به نه وسارڻ گهرجي ته هر وقت ۽ هر گهڙي حرڪت ڪندڙ هن معاشري ۾ بهتر تبديلي آڻڻ جي لاءِ ۽ ان جي رفتار تيز ڪرڻ ۽ کيس صحيح رخ ۾ هلائڻ جي لاءِ اسان جي گڏيل جدوجهد به هڪ اهم ”محرڪ“ جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ان ڪري ”حضرت انسان“ کي پنهنجي عقل ۽ ذهني صلاحيت کان ڀرپور ڪم وٺڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اسان ”معاشري“ جي سائنس، ان ۾ موجود ”تضادن“ ۽ محرڪ قوتن جي ڪردار کي سمجهڻ لاءِ گهربل ” سائنسي تعليم“ ۽ ڄاڻ کي پڻ پنهنجي زندگي ۾ ”اهميت“ ڏيون.