تيل تي هلندڙ سرد جنگ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏16 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ايم بي ابڙو

    عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون تيزي سان لهي رهيون آهن، جنهن جو هڪ مصد روس کي مالي ۽ معاشي طور تي نقصان پهچائڻ آهي، ڇو جو روس جي معيشيت جو دارومدار تيل ۽ گئس جي واپار سان سلهاڙيل آهي. روس پنهنجو تيل ۽ گئس يورپي ملڪن کي وڪرو ڪندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه ڄاڻي واڻي گهٽايا پيا وڃن ته جيئن روس معاشي لحاذ کان پوئتي رهي ”اوپيڪ“ ۾ شامل ملڪن جو توازن ۽ افهام تفهيم بگڙڻ ڪري روزانو 3 ڪروڙ بيرل مقرر ٿيل هئي پر اڄڪلهه 6 ڪروڙ بيرل روزانو تيل ڪڍيو پيو وڃي. ٻئي طرف پر ان مٿان پيل پابندين ۾نرمي سبب ايراني تيل سستي اگهه تي مارڪيٽ ۾ پهچي چڪو آهي.هوڏانهن لبيا جي وڏي ريفائنري تي برطانيا ۽ فرانس جو قبضو آهي، جيڪي گهڻي کان گهڻو تيل ڪڍي مغرب کي ڏئي رهيا آهن، توڙي جو روس ۽ وينزويلا تيل جي سپلاءِ جي شديدمخالفت ڪري رهيا آهن. پر انهن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ڪوبه تيارنه آهي. اوپيڪ کان علاوه ڪردن جي قبضي هيٺ علائقه شامي ۽ عراق جي علائقن مان پڻ وڏي تعداد مان تيل ڪڍيو پيو وڃي، جيڪي داعش ۽ القاعده جي النهره گروپ هٿيار ۽ جنگ ۾ استعمال ٿ ٿيندڙ پئسو حاصل ڪرڻ لاءِ سمنڊ جي ذريعي ويجھن ملڪن کي تمام سستي ريٽ تي وڪڻي رهيون آهن.جنهن جو سڀ کان وڏو خريدار آمريڪا خود آهي، هڪ طرف اقوام متحده سستو تيل کپائڻ خلاف مهم هلائي رهيو آهي ته ٻئي پاسي اسلامي ملڪن خلاف هٿراڌو تنظيمون ٺاهي انهن کي هٿيار ڏئي انهن جي تيل ۽ گئس جي دولت سان مالا مال ملڪن کي فتح ڪرائي سڄي تيل جي کوهن تي قبضو ڪرائي ڇڏي ٿو ۽ سستو تيل کپرائي پنهنجي مخالفن ملڪن جهڙوڪه روس وينزويلا، وغيره کي معاشي لحاذ کان تباهه ڪري ٿو، جنهن کي معاشي جنگ تصور ڪيو وڃي ٿو.

    دنيا جي 12 ملڪن جن منجھان گهڻي تعداد ۾ تيل حاصل ٿئي ٿو، انهن تيل جي مالا مال ملڪن ۾ ست ملڪ مسلمان آهن جن ۾سعودي عرب، ايران، عراق، ڪويت، گڏيل عرب عمارات، لبيا، نائجيريا شامل آهن. جڏهن ته غير مسلم ملڪن ۾ وينزويلا، ڪئنيڊا، روس، آمريڪا ۽ چين شامل آهن انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته قدرتي تيل جي دولت مسلمان ملڪن وٽ آهي. پر قبضو وري آمريڪا جو آهي ۽ آمريڪا انهيءَ تيل کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي. جيئن جڏهن صدام حسين اهو اعلان ڪيو ته هو تيل هاڻي ڊالرن بجاءِ يورو ۾ کپائيندو ته هن خلاف ڪوڙا الزام مڙهي جنگ ڪئي وئي. آمريڪا عراق تي الزام هنيو، انهيءَ ڪوڙي الزام هيٺ لکين مسلمانن جو قتل عام ڪيو ويو ۽ صدام حسين کي زمين جي پاتال مان ڳولهي ماريو ويو. گڏيل قومن آخر ۾ چند صفحن تي ٻڌل هڪ رپورٽ شايع ڪئي ته عراق وٽان ڪنهن به قسم جا ڪيميائي هٿيار هٿ نه آيا آهن، اهو سڀ ڪجهه غلط انفارميشن، جنهن کي ڊس انفارميشن چئي ڪري لکين مسلمانن جا خون لوڙهي ڇڏيا. هينئر به عالمي سامراج روس ۽ چين کي معاشي ۽ اقتصادي طور تي غير مستحڪم ڪرڻ خاطر هڪ ڊرامو رچايو آهي، ڇو جو تازو روس ۽ چين پارٽنر تجارت تي متفق ٿي چڪا آهن جڏهن انهن جي ڪنسورشيم ۾ ٻيا ملڪ به شامل ٿيندا ته هو يورپي يونين جي طرز تي هڪ ڪرنسي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جيڪا ڊالر کي ڪاپاري ڌڪ لڳائي سگهي ٿي، تنهن ڪري انهيءَ چال کي ناڪام بڻائڻ لاءِ آمريڪا تيل جون قيمتون گهٽائي رهيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ هو عراق، شام، لبيا ۽ سعودي عربيه کي گهڻي کان گهڻو تيل مارڪيٽ ۾ آڻڻ لاءِ زور ڀري رهيو آهي ۽ پنهنجي ڊالر کي هميشه لاءِ مستحڪم رکڻ لاءِ هو ٻي ڪنهن به ڪرنسي کي مستحڪم ڏسڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ مسلمان ملڪن جي تيل کي هٿيار طور تي استعمال ڪري رهيو آهي ۽ انهيءَ هٿيار کي حاصل ڪرڻ لاءِ مسلمانن جو خون وهائي رهيو آهي، مسلم ملڪن جي مٿان جيڪو نازڪ وقت اڄ ڪلهه آهي تاريخ ۾ ان کان اڳ ۾ نه هو، مسلمانن جي ڪل آبادي هڪ ارب 12 ڪروڙ آهي. جڏهن ته سڄي دنيا اندر 46 اسلامي ملڪ آهن. دنيا جو اڌ کان وڌيڪ تيل مسلمانن جي ملڪيت آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو