جاويد ميمڻ ڪو دور هوندو هو جو استاد معاشري جو سڀ کان معتبر انسان سمجھيو ويندو هو ۽ استاد ٿيڻ ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيڻ جيترو ئي ڏکيو عمل هوندو هو. پر جڏهن کان استاد ماستر ٿيو آهي تڏهن کان ان جي احترام ۾ ڏينهون ڏينهن ڪمي ايندي وئي ايتري تائين جو اڄ جڏهن ڪنهن نوجوان کي ڪا نوڪري نه ٿي ملي ته هو ماستر بڻجي وڃي ٿو. استاد پنهنجي شاگردن کي علم ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيندو هو، ان جو هڪ شاگرد به ڪمزور هوندو هو ته هو بيچين ٿي ويندو هو ۽ ان ڪمزور شاگرد تي اضافي ڌيان ڏئي کيس معاشري جو باعزت ۽ ڪارائتو فرد بڻجڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهندو هو پر ماستر پنهنجي زندگي ٺاهڻ لاءِ شاگردن جي مستقبل سان کيڏندو رهي ٿو. استاد ٽيوشن کان نفرت ڪندو هو ۽ ماستر ٽيوشن جي پوڄا ڪندو رهندو آهي. آمر ضيا جي دور کان اڳ نجي تعليمي ادارا نه هجڻ جي برابر هئا. هر ڪو امير هجي يا غريب سرڪاري ادارن مان ئي تعليم حاصل ڪندو هو. اسان به سليٽ ۽ پٽيءَ واري تعليم سرڪاري اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ اها تعليم ايترو ته مضبوط بنياد رکندي هئي جنهنجو هزارين رپيا ماهوار نجي اسڪولن ۾ في ڀري تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد تصور به نٿو ڪري سگھي. ان جو سبب صرف ۽ صرف اهو آهي ته ان دور جي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ استاد پڙهائيندا هئا ۽ اڄوڪن سرڪاري تعليمي ادارن ۾ ماستر ڪچهري ڪندا آهن. استاد جي معنى سکيا ڏيندڙ آهي جڏهن ته ماستر انگريزي جي لفظ ماسٽر مان نڪتل آهي جنهن جي معنى آهي آقا، استاد ماءُ پيءُ کان وڌيڪ شفيق هوندو آهي جڏهن ته ماستر آقائن وانگر ظالم ۽ مفاد پرست هوندو آهي. استاد جي دڙڪن ۽ مار ۾ به پيار هوندو هو، ماستر جي پيار ۾ به لالچ شامل هوندي آهي. اها تمهيد ان ڪري ٻڌي آهي جو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اهو ڏسڻ ۾ اچي پيو ته سرڪاري تعليمي ادارن ۾ پڙهائڻ جي نوڪري حاصل ڪندڙ پرائمري ٽيچر کان وٺي يونيورسٽي جي پروفيسر تائين سڀ شاگردن کي پڙهائڻ کان وڌيڪ سياست، يونين ازم ۽ گروپ بنديءَ ۾ وقت گذارين ٿا. اسان وٽ پرائمري کان وٺي يونيورسٽي تائين جي ٽيچرز جون تنظيمون ٺهيل آهن جن جا ليڊر سڄو تعليمي سال هڪ به ڪلاس نٿا وٺن پر آفيسرن کي بليڪ ميل ڪري پگھارن کان سواءِ به ٻيون انيڪ غير قانوني سهولتون حاصل ڪن ٿا. انهن جو اڪثر وقت آفيسن، ڪامن رومز يا ڪينٽين ۾ ڪچهري ڪندي گذري ٿو، يونين سياست ۾ ڪير سندن مخالف آهي ان خلاف پروگرام پيا ٺهندا، جيڪو آفيسر سندن خلاف هوندو ان خلاف ڪات ڪهاڙا تيز پيا ڪندا. هڙتالن جو پروگرام پيو طئي ٿيندو. ڪنهن جي به آڏو ان دوران اها ڳالهه سامهون نه ايندي آهي ته ان سموري عمل ۾ شاگردن جو ڪهڙو ڏوهه آهي جن کان هروڀرو انتقام ورتو پيو وڃي. هونئن ئي سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻڏو پيو آهي. سال جي 365 ڏينهن مان 200 کان وڌيڪ ته سرڪاري موڪلون هونديون آهن باقي 165 ڏينهن به ماسترن جي هڙتالن جي رحم ۽ ڪرم تي هوندا آهن ته هو ڪيترا ڏينهن هڙتال ڪن ٿا ۽ ڪيترا ڏينهن تعليمي ادارا کليل رهن ٿا ۽ جيڪي ڏينهن کليل هجن ٿا انهن ڏينهن ۾ ماسترن جي مرضي هوندي ته ٻه لفظ پڙهائڻ جي مهرباني ڪندا نه ته ڪچهريون ڪري چانهيون پي گھر روانا ٿين ٿا. مختلف قسم جي سياسي ۽ مذهبي تنظيمن پاران هڙتالن جا اعلان ان کان الڳ آهن. انهن سڀني ڳالهين جو فائدو وٺي ماسترن ٽيوشنن جا دڪان کولي ڇڏيا آهن. ٽيوشن جنهن کي استاد ڏوهه سمجھندا هئا ان کي ماسترن ڪمائيءَ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. پرائمري کان وٺي ميٽرڪ تائين ته ٽيوشن لازمي ٿي وئي آهي پر ڪاليج سطح تي ٽيوشن اڪيڊميون پروفيشنل ادارن ۾ داخلا لاءِ لازمي عنصر بڻجي ويون آهن. سرڪاري اسڪولن ۾ غير قانوني طور تي سرڪاري ڪاليجن جي ماسترن پاران قائم ڪيل ٽيوشن اڪيڊمين ۾ ٽن مهينن جي ٽيوشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پريڪٽيڪلن جون مارڪون ته مفت ۾ ملي وڃن ٿيون پر ان سان گڏوگڏ ٽيوشن اڪيڊمين جا ماستر بورڊ ۾ پنهنجو اثر هلائي پئسا ڏيندڙ اميدوارن کي بهتر گريڊ پڻ ڏيارين ٿا. شاگرد يونينن تي ان ڪري پابندي وڌي وئي ته ان سان تعليمي عمل کي نقصان پهچندو هو پر ماسترن جي تنظيمن کي کليو ڇڏيو ويو جيڪي سنڌ جي تعليم جي تباهيءَ جون اصل ذميوار آهن. پگھار وڌائڻ جي بهاني هڙتال، الائونس وڌائڻا آهن ته هڙتال، ٽائم اسڪيل تي هڙتال، فوتي ڪوٽا تي هڙتال، وزير نٿو ٺهي ته هڙتال، سيڪريٽري نٿو ٺهي ته هڙتال، ڊائريڪٽر ٽائم نٿو ڏئي ته هڙتال، ڊي اي او ڳالهه نٿو مڃي ته هڙتال، مفت جو الائونس نٿو ملي ته هڙتال، گوسڙو استادن کي ڊيوٽيءَ لاءِ چئو ته هڙتال، انهن خلاف ڪارروائي ڪيو ته هڙتال. سمورين ماستر تنظيمن جو مقصد ئي ڄڻ هڙتال بڻجي ويو آهي. اسانجون مادر علميون به ان هڙتالي ڪلچر جو شڪار بڻيل آهن جنهن جي ڪري انهن مادر علمين جي ڊگرين جي ويليو ڏينهون ڏينهن گھٽجندي پئي وڃي. هن ننڍڙي ليک ذريعي مان پ ٽ الف، گسٽا، سپلا ۽ مختلف يونورسٽين جي ماستر تنظيمن جي اڳواڻن کان سوال ٿو ڪريان ته آخر سنڌ ۽ سنڌ جي مظلوم شاگردن انهن جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ حڪومتن سان جيڪڏهن سندن ڪي مسئلا ٿين ٿا ته شاگردن ويچارن جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ سرڪار کان به اهو سوال آهي ته آخر سنڌ اندر تعليمي سکيا کي ايترو سستو ڇو ڪيو ويو آهي جو ناڪارا ماڻهو ماستر طور ڀرتي ڪيا پيا وڃن. جنهن کي ڪجھه نٿو اچي اهو ماستر ٿيو وڃي. خدارا سنڌ ۾ ماستر نه استاد ڀرتي ڪيا وڃن ۽ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪري تعليمي ادارن ۾ هر قسم جي تنظيمن ۽ يونينن ۽ ٽيوشن تي باقائدي پابندي لاڳو ڪئي وڃي ۽ اهي عمل قابل سزا ڏوهه قرار ڏنا وڃن تڏهن ئي سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو تار ٿي سگھندو. Jawed450@yahoo.com